Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
- سُر حسيني جَي لَڪ لَڪيُون ۽ ڪُٺل جو بيت
ڪو جو وَٺُسِ مِينھُن، آرِيءَ جي اُڪِيرَ جو،
راتِيان رَوئَي رَتَ ڦُڙا سُکِ نَہ سارو ڏِينھُن،
ٻاروچاڻُو نِينھُن، مُٺِيءَ ماٺو نَہ ٿِئي.
رسالن ۾ موجودگي: 60 سيڪڙو
سمجهاڻي
سسئيءَ جي سر مٿان هوت پنهونءَ جي محبت جو وسندڙ مينھن (غلبو) اهڙو آهي، جو هوءَ سڄيون راتيون روئي گذاري ٿي ۽ سڄو ڏينھن هڪ گهڙي لاءِ بہ آرام نٿو اچيس. هن محبت جي ماريل عورت کي هوت ٻاروچي سان اهڙو عشق آهي جو ساعت لاءِ بہ ان ۾ ڪمي ۽ گهٽتائي ڪا نہ ٿي ڪري.
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود سسئي، بيت نمبر : 706
ڪُوْ جُوْ وَٽُسِ مِيْهُ اٰرِيَ جٖيْ اُڪِيْرَ جُوْ﮶
رَاتِيَان رُوْءِ رَتَ ڤُرَا سُکُہ نَسَارُوْ ڎِيْهُ﮶
ٻَارُوْچَانٌ نِيْهُ مُٽِيَ مَاٽُوْ نَٿِي﮼﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
को जो वठुसि मींहुं। आरीअ जे उकीर जो।
रातियां रोए रत फुड़ा सुखि न सारो डीं॒हुं।
बा॒रोचाणू नींहुं। मुठीअ माठो न थिए।
ROMAN SINDHI
ko jo wathhus'ay meenhu'n, aari'a jay ukeer'a jo,
raatiyaa'n rao'ae rat'a phurraa sukhh'ay na saaro deenhu'n,
Baarochaanno neenhu'n, muthi'a maathho na thiye.
TRANSLATIONS
Sasui seems to have received a full shower of Punhoo's love, because her yearning for the Lieloved did not abate in her mind (with the passage of time, or due to the rigoürs of the journey.)
عشق پنوں دا بدل سر تے چڑھدا گجدا آیا
گھٹیا نہوں نا مولوں میرا بھانبھڑ ہور مچایا
یادِ یار یوں برس اس پر جوں ساون کے بادل،
ایسا عشق لگایا تھا کہ، تڑپ رہی تھی پل پل۔
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) اَڄُ نِماڻا نيڻَ، ٻاجهارا ٻَروچَ…
- (بيت) اُٿِي پَھُ پَرُوڙِ، ساجُهرِ سُپَيرِيَن…
- (بيت) تان وانءُ لَڳي پيرِ، اوڏا…
- (بيت) تو جو ڏِٺو پيرُ، سُڃاتُئِي…
- (بيت) جِيءُ مُنھِنجو جَنِ، اَنگُڙِيارو وَڍِئو،…
- (بيت) سُتِيءَ سي نَہ سِياءَ، جٖي…
- (بيت) صَدا وِڌِيَمِ سُورَ جِي، اَڳِئان…
- (بيت) لَکين لوڙائُو، سَھِسين آھِين سُڃَ…
- (بيت) لَڪَ تُنھِنجُو ڳالِهِيُون، مُون سين…
- (بيت) لَڪَڙِيارِيُون آڱِريون، ٻاروچاڻُو ڀيرُ، اَچِي…
- (بيت) لَڪِيُون آن لَڳا، ڪِ پَلَؤَ…
- (بيت) لَڪِيُون آن ڀَرِ لِکَ، ڪِ…
- (بيت) مَٿان جِيءُ جَتَنِ، گهورِئو گهوري…
- (بيت) والِي وَڃِي پَسان شالَ، ھيڪَرَ…
- (بيت) وَرُ ٻاروچاڻِي ٻوڏُ، گهورِي جِيءُ…
- (بيت) وَڃَڻُ تو واري، پُرَڻُ پُنهونءَ…
- (بيت) ٻَڌو ڪَنھِن ٻَنڌاڻِ، ھِينئَڙو ھوتاڻِيَنِ…
- (بيت) پُنهونءَ پيرَڙِيُون، گهَرِ گُهَمندي جٖي…
- (بيت) چانڪِ آيُسِ آڳاھِين، اُتهيِن اُڀِي…
- (بيت) ڇَپَرَ پيرَ ڇِنامِ، آئُون ڪَنھِن…
- (بيت) ڇَپَرَ ڇِنا پيرَ، ھَلِي ھَلِي…
- (بيت) ڇَپَرِ ڇُلِي جَي، مَرين مُنڌَ…
- (بيت) ڇُلَندِيَسِ سَڀَ ڇَپَرُ، پُٺِيءَ پيرِ…
- (بيت) ڏاڍِي لُڪَ لَڪَنِ جِي، پَٽَنِ…
- (بيت) ڪاتِيءَ تان نَہ ڪَھِين، مَنُ…
- (بيت) ڪاتِيءَ تان نَہ ڪُٺو، مَنُ…
- (بيت) ڪو جو آھيسِ ڪوڏُ، ٻاروچاڻي…
- (بيت) ڪو جو لَڳُسِ ڪانُ، آرِيءَ…
- (بيت) ڪوھُ ڄاڻان ڪوھُ ٿِئو، ڪيڏانھَن…
- (بيت) ڪوھِيارو ٿِي ڪاتُ، مُيُون مارَڻَ…
- (بيت) ڪوھِيارو ڪاري، پَنڌَ اَڙانگا پَٻَ…
- (بيت) ڪوھِيارو ڪيڻانِ، ڪيڻِ وَڃِي ڪاڏي…
- (بيت) ڪُٺِيَسِ ڪوھِيارا، ھاڻِ نَہ جِيئان…
- (بيت) ڪُٺِيَسِ ڪوھِيارِي، ڪِينَ جِيئان ٿِي…
- (بيت) ھارِي ھِنيُون مَ لوڏِ، سُکين…
- (بيت) ھُوءَ جا گهورِي گهوٽَ جِي،…
