Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
- سُر کاھوڙي جَي ڏوٿِي، ڏُٿ، ڏُونگر جو بيت
مُون سي ڏِٺا ماءَ، جَنِي ڏِٺو پِرِينءَ کي،
ڪَري نَہ سَگهان ڪا، تَنِي سَندِي ڳالِهڙِي.
رسالن ۾ موجودگي: 68 سيڪڙو
سمجهاڻي
اي امڙ! مون انهن (عارفن، اوليائن) کي ڏٺو (انهن سان ملاقات نصيب ٿي) جن پنھنجي پرينءَ (حقيقي محبوب) کي ڏٺو (مشاهدو ماڻيو) آهي. آءٌ انهن جي باري ۾ ڪا بہ ڳالهہ نٿي ڪري سگهان (انهن جي ڪنھن بہ ڳالهہ جو بيان نٿو ٿي سگهي).
[هن بيت ۾ صوفين جي حق تعاليٰ بابت ذاتي مشاهدي جو ذڪر آهي، جنھن کي سندن چوڻ مطابق ٻئي ڪنھن سان بيان نٿو ڪري سگهجي. ڇو تہ ان مشاهدي لاءِ ”اندر جون اکيون“ گهرجن جيڪي هنن ظاهري اکين کان الڳ آهن. رومي سڌو سنئون چوي ٿو، تہ الله وارن جي اندر ۾ حق جو نور هوندو آهي.
چشم نيکو باز کن درمن نگر،
تابہ بيني نور حق اندر بشر.
(دفتر دوم ب 2249)
ترجمو: اکيون کول چڱيءَ طرح مون ۾ ڏس تہ جيئن هڪ انسان جي اندر ۾ خدا جو نُور ڏسي سگهين. هن آکاڻيءَ جي آخر ۾ جنھن ۾ بايزيد بسطامي حج جي سفر دوران هڪ درويش سان ملي ٿو، اهو کيس چئي ڏئي ٿو:
چون مرا ديدي خدا را ديدهء اي.
يعني جڏهن تو مون کي ڏٺو پوءِ سمجهہ تہ خدا کي ڏسي ورتئي.]
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود کاھوڙي، بيت نمبر : 2349
مُنْس﮼ ڎِٽَا مَاءَ جَنٍ ڎِٽُوْ پِرْيَکٖيْ﮶
ڪَرٖيْ نَہ سَکَّان ڪَا تَنٍ سَندِيْ کَالَرِيْ﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
मूं से डि॒ठा माए। जनी डि॒ठो पिरींअ खे।
करे न सघां का। तनी संदी गा॒लहड़ी।
ROMAN SINDHI
Moon se Dithha maa'e, janee Dithho pireen'a khe,
Kare na saghaan ka, tanee sandee ggalihrree.
TRANSLATIONS
O Mother! I have personally met the person who has seen the Beloved. It is, however, well nigh impossible for me to tell you anything about him.
Note: This verse expresses the inner most feelings of the poet for Sultan-ul-Auliya Khawaja Muhammad Zaman of Luwari.
O mother, I saw them, who have seen the beloved,
Telling anything of them is beyond me.
میں اوہناں نوں تکیا مائے، جیہناں نے تکیا ماہی
کر سکاں نہ کائی، اوہناں سندی گالھ
عشق جن کا خدا رسیدہ ہے
میں نے ان عاشقوں کو دیکھا ہے
ان کے اسرار کا بتائے کوئی
جن کے سر دروں پہ پردہ ہے
میں نے ایسے سالک دیکھے، جنہوں نے دیکھا ساجن،
کہہ نہ سکے کچھ برہن، کیا اوصاف ہیں ان کے۔
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) اُٿِئو اُٿِئو ڪَنِ، ھَلو ڏورِيُون…
- (بيت) تان وَنءُ ويھِي آءُ، اَڱَڻِ…
- (بيت) تُون ھَڏِ ڪُڄاڙِئا، سَنجهي سَعيو…
- (بيت) جيڪو ڏُٿُ ڪَري، تَہ ڏُونگَرَ…
- (بيت) رائو رِڃُ رَھُون، جِتي نِينھان…
- (بيت) سُڪا سَنڊَ ڪَڇُنِ ۾، کَرڪَڻا…
- (بيت) مُون سي ڏِٺا ماءِ، جَنِي…
- (بيت) مُون کاھوڙِي لَکِئا، سُمَهنِ ڪِينَ…
- (بيت) مُون کاھوڙِي لَکِئا، ويھِي نَہ…
- (بيت) مُون کاھوڙِي لَکِئا، گهَرين نَہ…
- (بيت) وَيُون پَٻِ پَئِي، کيرُون کاھوڙِيَنِ…
- (بيت) وِئا وِھائُو، ڏوٿِي ڏورا ڏُٿَ…
- (بيت) پارِئا پُڇِي آءُ، خَبَرَ کاھوڙِيَنِ…
- (بيت) پيرين پُراڻا کيٿِڙا، سُڪا مُنھَن…
- (بيت) ڀَڪُلِئا ڀُڻَنِ، دَلَقَ گَڏِئو ڌُوڙِ…
- (بيت) ڀَڪُلِئا ڀُڻَنِ، دَلَقَ گَڏِئو ڌُوڙِ…
- (بيت) ڏوري ڏوري ڏيھَ، ماءَ کاھوڙِي…
- (بيت) ڏوٿِي سا ڏورِينِ، جا جُوءِ…
- (بيت) ڏُونگَرَ ڏُکارو، ڏِٺُمِ ري ڏوٿِيين،…
- (بيت) ڏُٿُ گَهڻا ئِي ڪَنِ، ھِنَ…
- (بيت) ڏُکارو ڏُونگرُ، ڏِٺُمِ ري ڏوٿِيين،…
- (بيت) کاھوڙِي کِجَنِ، پَسِئو پورِھِيَتِ ويسَرا،…
- (بيت) کاھوڙِيَنِ کَڻِي، ساجُهرِ ٻَڌا سَندِرا،…
- (بيت) کَرڪَڻا لاھي، سُکِ نَہ سُتا…
- (بيت) کَڻَنِ نَہ کَرڪاڻَ، پَنڌِ پَراھين…
- (بيت) کِڄِئا کاھوڙِي، پَسِي پورِھِيَتِ ويسَرا،…
- (بيت) ڪِ ڪي کاھوڙِي، ڇَپَرَ ۾…
- (بيت) ھُوءِ ڏوٿِي ھُوءِ ڏِينھَن، ھُوءِ…
