Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
- سُر حسيني جَي ووءِ ووءِ ڪرڻ ۽ روئڻ جو بيت
ووءِ ووءِ ڪَندِي وَتُ، مَڇُڻ ووءِ وِسارِيين،
رَندَنِ مَٿي رَتُ، ھارِ تَہ مِلِين ھوتَ کي.
رسالن ۾ موجودگي: 28 سيڪڙو
سمجهاڻي
اي سسئي، تون اهو هاءِ افسوس ۽ اها گهل گهوڙا ڇڏي نہ ڏي (خاموش ٿي نہ ويھ). (خيال ڪر) متان (ڪنھن بہ صورت ۾) ان پشيمانيءَ واري حالت کي ڀلجي وڃين (تون پنهون جي ڳولها ۾) هن جي ڇڏيل نشانن پويان روئيندي ۽ ڳوڙها ڳاڙيندي وڃ تہ جيئن تون ساڻس ملي سگهين.
[مثنوي روميءَ ۾ پڻ روئڻ ۽ گريي جي گهڻي ترغيب آهي، بلڪ چوي ٿو تہ خدا تعاليٰ کي اهو گهڻو پسند آهي،
چون خدا خواهد که مان ياري کند،
ميل ما را جانب زاري کند.
معنيٰ: جڏهن خدا اسان جي مدد ڪرڻ گهرندو آهي تہ اسان کي گريہ و زاري ڏي مائل ڪندو آهي].
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
वौए वौए कंदी वतु। मछुणु वोए विसारियें।
रंदनि मथे रतु। हारि त मिलें होत खे।
ROMAN SINDHI
woo'ay woo'ay kandi wat'u, machhunn woo'ay wisaari'een,
randan'ay mathay rat'u, haar'ay ta mileen hot'a khhay.
TRANSLATIONS
آہ و زاری آنی چھڈ دے رونا آپ کھپائیں
رت دے ہنجو رو رو اپنے بھاویں روہڑ وگائیں
صبر جیہا نا ہور وسیلا وچھڑے سجن میلے
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) اَکِيُنِ ڪِينَ ڪِئو، رَتُ نَہ…
- (بيت) اَڳي پوءِ مَران، مَرُ مَران…
- (بيت) جهونگاَرِيندي جَهنگَنِ ۾، جي کُٽَنِمِ…
- (بيت) جوڀَنُ جانِبَ لاءِ، نيئِي وِجُهہ…
- (بيت) جُهونگارِيندي جهنگَنِ ۾، جي ٿِي…
- (بيت) رو وِسائي راندِ، پَھَ پَرُوڙِجِ…
- (بيت) روئِي ڪَندِينءَ ڪوھُ، ھاڻي ڪو…
- (بيت) رُئان تان راندِ، کِلان تان…
- (بيت) رُئان رَتُ نَہ نِڪِري، پاڻِي…
- (بيت) لَڳَندي لَڪَنِ سين، آئُون جي…
- (بيت) مارِئو جَي مَعذُورِ، تَہ ھَٿائِين…
- (بيت) ماڳھِين جَي مُئِي، ھُوندَ نَہ…
- (بيت) مَران تان قُربانُ، ساھَ پِريان…
- (بيت) مَرُ مَران مُون ڪَمُ، اَڪَمِي…
- (بيت) مَرُ مَٿا ڏيئِي، پُنهون ڪارَڻِ…
- (بيت) مَرِي جي وِيَڙِي، تَہ ڪِھَڙو…
- (بيت) مَرِي ويندِيَسِ ماءُ، لَڪَ لَنگهَندي…
- (بيت) مَرِي ٿيِندِيَس مُڃَ، جَتَنِ ڪارَڻِ…
- (بيت) مُيَسِ مَرُ مَران، سُيَسِ وِچِ…
- (بيت) نِماڻِيءَ جي نِجُهري روئَڻُ ۽…
- (بيت) ووءِ ووءِ پُڻ ويئِي، رَنُنِ…
- (بيت) ووءِ ووءِ ڪَندِي وَتُ، مَڇُڻ…
- (بيت) وَسِي وَسِي مِينھُن، جِيئَن لَٽي…
- (بيت) وَسِي وِساڻِيُون، رَتو روئِي پِرِينءَ…
- (بيت) کاڻِي کيرِنِ ھيٺِ، ويٺِي روءِ…
- (بيت) کاڻِيءَ مَ کانيو، مُٺِيءَ مَڱَرُ…
- (بيت) کاڻِيُون لوٺِيُون اَکِيُون، ڪُٺِيُون ڪِينَ…
