Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
- سُر حسيني جَي ووءِ ووءِ ڪرڻ ۽ روئڻ جو بيت
جوڀَنُ جانِبَ لاءِ، نيئِي وِجُهہ نِڪُوجَ ۾،
روئِي رُوپُ وِڃاءِ، پَسَڻَ ڪارَڻِ پِرِينءَ جي.
رسالن ۾ موجودگي: 24 سيڪڙو
سمجهاڻي
(سسئيءَ کي هدايت) جانب سان ملڻ خاطر پنھنجو جوڀن ۽ جواني کڻي اوڙاھ ۾ وجهہ (قربان ڪر). پنھنجي پنهونءَ خاطر تون پٻ پھاڙ ۾ رلي روئي (آھ و زاري ڪري) پنھنجو روپ وڃاءِ، پنھنجو حسن ۽ پنھنجي صورت وڃاءِ.
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود سسئي، بيت نمبر : 38
جُوْڀَنُ جَانِپَ لَاءِ نٖيئِيْ وِجُ نِڪُوْجَم﮼﮶
رُوْئِيْ رُوْپُ وِڃَاءِ پَسَنَ ڪَارَنِ پِرْيَجٖيْ﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
जोभनु जानिब लाए। नेई विझु निकूज में।
रोई रूपु विञाए। पसण कारणि पिरींअ जे।
ROMAN SINDHI
jobhan'u jaanib'a laa'ay, ne'ee wijh'u nikooj'a mayn,
ro'ee roop'u winjaa'ay, pasann'a kaarann'ay pireen'a jay.
TRANSLATIONS
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) اَکِيُنِ ڪِينَ ڪِئو، رَتُ نَہ…
- (بيت) اَڳي پوءِ مَران، مَرُ مَران…
- (بيت) جهونگاَرِيندي جَهنگَنِ ۾، جي کُٽَنِمِ…
- (بيت) جُهونگارِيندي جهنگَنِ ۾، جي ٿِي…
- (بيت) رو وِسائي راندِ، پَھَ پَرُوڙِجِ…
- (بيت) روئِي ڪَندِينءَ ڪوھُ، ھاڻي ڪو…
- (بيت) رُئان تان راندِ، کِلان تان…
- (بيت) رُئان رَتُ نَہ نِڪِري، پاڻِي…
- (بيت) لَڳَندي لَڪَنِ سين، آئُون جي…
- (بيت) مارِئو جَي مَعذُورِ، تَہ ھَٿائِين…
- (بيت) ماڳھِين جَي مُئِي، ھُوندَ نَہ…
- (بيت) مَران تان قُربانُ، ساھَ پِريان…
- (بيت) مَرُ مَران مُون ڪَمُ، اَڪَمِي…
- (بيت) مَرُ مَٿا ڏيئِي، پُنهون ڪارَڻِ…
- (بيت) مَرِي جي وِيَڙِي، تَہ ڪِھَڙو…
- (بيت) مَرِي ويندِيَسِ ماءُ، لَڪَ لَنگهَندي…
- (بيت) مَرِي ٿيِندِيَس مُڃَ، جَتَنِ ڪارَڻِ…
- (بيت) مُيَسِ مَرُ مَران، سُيَسِ وِچِ…
- (بيت) نِماڻِيءَ جي نِجُهري روئَڻُ ۽…
- (بيت) ووءِ ووءِ پُڻ ويئِي، رَنُنِ…
- (بيت) ووءِ ووءِ ڪَندِي وَتُ، مَڇُڻ…
- (بيت) ووءِ ووءِ ڪَندِي وَتُ، مَڇُڻ…
- (بيت) وَسِي وَسِي مِينھُن، جِيئَن لَٽي…
- (بيت) وَسِي وِساڻِيُون، رَتو روئِي پِرِينءَ…
- (بيت) کاڻِي کيرِنِ ھيٺِ، ويٺِي روءِ…
- (بيت) کاڻِيءَ مَ کانيو، مُٺِيءَ مَڱَرُ…
- (بيت) کاڻِيُون لوٺِيُون اَکِيُون، ڪُٺِيُون ڪِينَ…
