Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
- سُر حسيني جَي ووءِ ووءِ ڪرڻ ۽ روئڻ جو بيت
ووءِ ووءِ پُڻ ويئِي، رَنُنِ ڪارَڻِ جا ھُئِي،
پُنهونءَ کي پيئِي، رُوَندِي ڪيرَ رَتُ ڦُڙا.
رسالن ۾ موجودگي: 65 سيڪڙو
سمجهاڻي
(سسئي ٿي چوي) رنڙ زالون (جيڪي پنھنجي مڙس يا ڀتار جي مرڻ تي ڏک ۾) جيڪا ووءِ ڪنديون آهن، پڻ منھنجي وس کان نڪري ويئي آهي ڇو تہ مان پنهونءَ جي لاءِ هن جي جيئري جدائي ۾ ايترو رني آهيان، جو منھنجا ڳوڙها خشڪ ٿي ويا آهن. هاڻي هن کان پوءِ باقي هن لاءِ ٻي ڪير روئيندي (جڏهن منھنجي اها روئڻ جي طاقت هينئر ئي ختم ٿي چڪي آهي).
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
वौए वौए पणि वेई। रनुनि कारणि जा हुई।
पुनुहूंअ खे पेई। रूंदी केर रत फुड़ा।
ROMAN SINDHI
woo'ay woo'ay punn we'ee, runan'ay kaarann'ay jaa hu'ee,
Punhoon'a khhay pe'ee, ru'wandi ker'a rat'u phurraa.
TRANSLATIONS
Woe is me! Even the conventional wailing of a widow has ceased with me (possibly due to excessive lamentations). Who would, under the circumstances, shed tears of blood for Punhoo?
رو رو اکھاں دے ہن میرے ہنجو سُکے سارے
رویا ناہن جائے میتھوں مُکے ٹیک سہارے
آہ و بکا بھی کم ہوئی جو، کرنی تھی بیوہ،
پنہوں کو کس نے پایا، خون کے آنسو روئے۔
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) اَکِيُنِ ڪِينَ ڪِئو، رَتُ نَہ…
- (بيت) اَڳي پوءِ مَران، مَرُ مَران…
- (بيت) جهونگاَرِيندي جَهنگَنِ ۾، جي کُٽَنِمِ…
- (بيت) جوڀَنُ جانِبَ لاءِ، نيئِي وِجُهہ…
- (بيت) جُهونگارِيندي جهنگَنِ ۾، جي ٿِي…
- (بيت) رو وِسائي راندِ، پَھَ پَرُوڙِجِ…
- (بيت) روئِي ڪَندِينءَ ڪوھُ، ھاڻي ڪو…
- (بيت) رُئان تان راندِ، کِلان تان…
- (بيت) رُئان رَتُ نَہ نِڪِري، پاڻِي…
- (بيت) لَڳَندي لَڪَنِ سين، آئُون جي…
- (بيت) مارِئو جَي مَعذُورِ، تَہ ھَٿائِين…
- (بيت) ماڳھِين جَي مُئِي، ھُوندَ نَہ…
- (بيت) مَران تان قُربانُ، ساھَ پِريان…
- (بيت) مَرُ مَران مُون ڪَمُ، اَڪَمِي…
- (بيت) مَرُ مَٿا ڏيئِي، پُنهون ڪارَڻِ…
- (بيت) مَرِي جي وِيَڙِي، تَہ ڪِھَڙو…
- (بيت) مَرِي ويندِيَسِ ماءُ، لَڪَ لَنگهَندي…
- (بيت) مَرِي ٿيِندِيَس مُڃَ، جَتَنِ ڪارَڻِ…
- (بيت) مُيَسِ مَرُ مَران، سُيَسِ وِچِ…
- (بيت) نِماڻِيءَ جي نِجُهري روئَڻُ ۽…
- (بيت) ووءِ ووءِ ڪَندِي وَتُ، مَڇُڻ…
- (بيت) ووءِ ووءِ ڪَندِي وَتُ، مَڇُڻ…
- (بيت) وَسِي وَسِي مِينھُن، جِيئَن لَٽي…
- (بيت) وَسِي وِساڻِيُون، رَتو روئِي پِرِينءَ…
- (بيت) کاڻِي کيرِنِ ھيٺِ، ويٺِي روءِ…
- (بيت) کاڻِيءَ مَ کانيو، مُٺِيءَ مَڱَرُ…
- (بيت) کاڻِيُون لوٺِيُون اَکِيُون، ڪُٺِيُون ڪِينَ…
