Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
- سُر آسا جَي ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو جو بيت
ڪَنِ گُهرِجي ڪَلمُو، لَغوَ لَھوَ لاءِ،
فِڪرَ سين ڦيراءِ تَہ ھَمَه کي حَقُ چُوئين.
رسالن ۾ موجودگي: 48 سيڪڙو
سمجهاڻي
تون پنھنجي ڪنن کي (سڄي ڳالهہ) ٻڌڻ لاءِ سدائين تيار رک. ان جي معنيٰ تي بار بار غور ويچار ۽ فڪر ڪر تہ پاڻهي توکي (ڪائنات جي) هر شيءِ ۾ حق نظر ايندو، بلڪہ تون ان کي حق چئي ويھندين.
[سرڪلياڻ ۾ هن بيت سان ڳنڍيل ٻيو بيت هن ريت آهي:
ڏسڻ ڏسين جي، تہ همه کي حق چئين،
شارڪ شڪ م ني، انڌا انهيءَ ڳالهہ ۾.
هن بيت جي مختصر سمجهاڻي هن ريت ٿي سگهي ٿي، تہ هتي ڪلمي مان مراد ڪلمه طيبہ آهي ۽ ان جي ورد کي ذڪر چون ٿا. صوفين وٽ ڪلمي جو پھريون اڌ نفي (لااِللهَ) ۽ اثبات (الاالله) تي ٻڌل آهي. نفي مان مراد آهي تہ ڪائنات ۾ خدا کان سواءِ ٻي ڪا شيءِ موجود ناهي ۽ اثبات مان مراد آهي تہ صرف خدا ئي موجود آهي، ان ڪري صوفي ان جو مطلب لاموجود الاالله وٺندا آهن. شاھ جي هن بيت ۾ ان مطلب ڏانھن اشارو آهي.
[مثنوي روميءَ ۾ آهي تہ اهو ذڪر ئي آهي جيڪو فڪر کي حرڪت ۾ آڻي ٿو ۽ ذڪر سج جي گرميءَ وانگر فڪر کي جلا ۽ گرمي بخشي ٿو. آخر اهو مرحلو اچي ٿو، جڏهن سالڪ ڪائنات جي هر ذري ۾ حقيقي سج (خدا تعاليٰ) جي شعاع کي ڏسي ٿو ۽ کيس پاڻيءَ جي قطري ۾ پورو سمنڊ نظر اچي ٿو، .
ذکر آرد فکر را در اهتزاز،
ذکر را خورشيد اين افسرده ساز،
بيند اندر ذرهء خورشيد بقا،
بيند اندر قطرهء کل بحر را.
(دفتر ششم، بيت 1476 ۽ 1482)]
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود آسا، بيت نمبر : 3449
ڪَنِ کُرْجٖيْ ڪَلِمٌ لَغْوَ لَهْوَ لَاءِ﮶
فِڪْرَ س﮼ ڤِرَاءِ تَهَمَهْ کٖيْ حَقُ چُوْءٍ﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
कनि घुर्जे कलिमों। लग़्व लह्व लाए।
फ़िक्र सें फेराए। त हमा खे हक़ु चूएं॥
ROMAN SINDHI
Kan ghurje kalmo, laGw lahw lae,
Fikr seen Pheraa'e ta hama'e khe HaQ'u choeen.
TRANSLATIONS
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) اَحَدان اَڳي جَا ھُئِي، سُوڌِي…
- (بيت) اَحَدَ جي اِسرارَ کي، جُنبِي…
- (بيت) اَحَدُ اَحمَدُ پاڻَ ۾، وِچان…
- (بيت) اَلتِيَمِ جا ھِنيان، سا نَہ…
- (بيت) تَرَڪُ ڪَرِ تَرَڪَ کي، وَڃَڻَ…
- (بيت) جٖي ڪِيڙِيءَ ڀَرِ ڪَنبَنِ، نانگَ…
- (بيت) دوزَخُ دِلِ قَبُولِئو، مُون بِهِشتَنِئا…
- (بيت) ديکِيندي دِيدارَ کي، ڪُلَ سُڃاتو…
- (بيت) ديکِيندي دِيدارَ کي، ڪُلَ سُڃاتو…
- (بيت) ديکِيندي دِيدارَ کي، ڪِينَ سُڃاتو…
- (بيت) سي اَحمَدُ سو مُحَّمَدُ، سو…
- (بيت) سُرمو سُفيدِيءَ جو، جَڏھِن وِڌو…
- (بيت) سُرمو سِياھِيءَ جو، رَنُنِ کي…
- (بيت) سُرمو لالائِيءَ جو، جَڏھِن وِڌو…
- (بيت) سُپيرِيان جي ڳالِهڙِي، اَندَرِ رَھِي…
- (بيت) صِفَتَ سَنگُ اَحَدَ سين، اَحَدُ…
- (بيت) عاشِقُ ڀانئِين اِيئَن، تَہ سِڪَ…
- (بيت) عِلَتِيءَ آرامُ، پَسِي عِلَتا آيو،…
- (بيت) لوڪان لِڪي سَڀَڪو، لِڪِئان لِڪي…
- (بيت) لَکين سَئِين مَھِراڻَ، جٖي اُتوھَ…
- (بيت) مَحرُومَ ئِي مَرِي وِئا، ماھِرَ…
- (بيت) مُنھُن آھيريءَ جِيئَن اُجَري، قَلبَ…
- (بيت) مُنھِن تَہ مُوسٰي جِھَڙو، سِيرَتَ…
- (بيت) مُنھِن تَہ مُوسٰي جِھَڙو، عادَتَ…
- (بيت) مُون تان لِڪائِي گهَڻو، روئَڻَ…
- (بيت) نَظَرُ اَکَڙِيُنِ، وَڃِي پِئو لاکَ…
- (بيت) نَڪِي پَڙَهنِ ڪَلمُو، نَڪِي ٻُڌَنِ…
- (بيت) نَہ ڪا اِبتِدا عَبدَ جِي،…
- (بيت) وَڃِي رَسُ وَڃَڻَ کي، وَڃَڻَ…
- (بيت) وَڃِي رَسُ وَڃَڻَ کي، وَڃَڻُ…
- (بيت) ڪا تُون ڪانِيۡ پاءِ، وَنِيُنِ…
- (بيت) ڪافِرُ ٿِيءُ تَہ اُبَھين، بابَ…
- (بيت) ڪَلمي مُون کي ڪِينَ ڪِئو،…
- (بيت) ڪَلمُو پَڙَهان تَہ ڪافِرُ ٿِيان،…
- (بيت) ڪَلِمي گو ڪوٺائِيين، اِنَ پَرِ…
- (بيت) ڪُوڙو تُون ڪُفُرَ سين، ڪافِرُ…
- (بيت) ڳاڙِھو ئِي ڳاڙِھو، ڪارو پَسَنِ…
- (بيت) ھَٿَنِ سين حاجَ ڪَرِ، نيڻَنِ…
