Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
- سُر آسا جَي ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو جو بيت
عِلَتِيءَ آرامُ، پَسِي عِلَتا آيو،
حُسُنُ پَسِئو حَقَ جو، خامِي ڀانئِين خامُ،
اَچي ٿِئا اِسلامُ، ڪُفرُ ڪافِرُ پاڻَ ۾.
رسالن ۾ موجودگي: 74 سيڪڙو
سمجهاڻي
جيڪو پاڻ ڪنھن عادت ۾ مبتلا آهي، اهو انهيءَ عادت جي پوري ٿيڻ سان ئي آرام ۽ سڪون حاصل ڪري ٿو. اهوئي سبب آهي جو جيڪو پاڻ ناقص آهي، سو ذات حق جي حسن کي بہ ناقص سمجهي ٿو (جيستائين ڪامل جي نظر سان نوازجي). انهيءَ ڪري اهڙو ناقص، جيڪو حق جو انڪاري آهي، اهو پاڻ کي حق تي ۽ صحيح سمجهي ٿو (هن کي غلط شيءِ بہ صحيح لڳي ٿي)
[هن بيت جو مرڪزي خيال مثنويءَ تان ورتل آهي، جتي مولانا رومي وري ’ڪامل‘ يا عارف جو تصور پيش ڪري ٿو، تہ هو ناقص شيءِ ۾ بہ ڪمال کي ڏسي ٿو:
هرچه گيرد علتي علت شود
کفر گيرد کاملي ملت شود
(فتر اول، ب-1613)
معنيٰ: جيڪو بيمار آهي ۽ ان حالت ۾ جيڪا شيءِ کائيندو، تہ اهو بيمار ئي رهندو. پر جيڪو ڪامل آهي اهو خطرناڪ صورتحال (ڪفر) ۾ بہ صحيح سالم (ايمان وارو) رهي ٿو.]
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود آسا، بيت نمبر : 3587
عِلَّتِيْ آَرَامُ پَسِيْ عِلَّتَا آَئِيُوْ﮶
حُسْنُ پَسِئُوْ حَقُّ جُوْ خَامِيْ ڀَائِيْ خَامُ﮶
اَچِيْ ٿِئَا اِسْلَامُ ڪُفْرُ ڪَافِرُ پَانَم﮼﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
इलतीअ आरामु। पसी इलता आयो।
हुस्नु पसिओ हक़ जो। ख़ामी भांएं ख़ामु।
अची थिआ इसलामु। कुफ़्रु काफ़िरु पाण में॥
ROMAN SINDHI
Altee'a Aaram'u, pasee Alta Aayo,
Husun'u passiyo HaQ'a jo, Khamee bhanyeen Khaam'u,
Achee thiya Islam'u, kufir'u kaafir'u paann'a me.
TRANSLATIONS
An addict is soothed when he gets what he is addicted to. O hypocrite! You have naturally failed to appreciate, nay even denied, the beauty and correct position of the Divine Truth. In fact you are a conglomeration of belief and disbelief. That implies that you are an infidel, (more so because due to the deep rooted hypocrisy you cannot discriminate between the truth and falsehood, (i.e. you are much too egoist and prejudiced to realize monotheism and monism in the correct perspective). So your faith is soiled with disbelief and such a faith is tantamount to disbelief.
a) (The hypocrites) waver between this and that, belonging neither to these (i.e. to the believers) nor to those (i.e. the non-believers.)(143, Al-N isa).
Note: Allah has referred to the Quran as حق or the ‘Truth’ vide verse No. 170, Al-Nisa, translated as under:
O mankind! The Apostle has indeed come to you with ‘Truth’ from your Lord
b) And among men there is he who serves Allah on the fence. Then if good befalls him, he is content therewith; and if there is a trial for him, he returns to his former way. He loses in this world as well as in the Hereafter. That is a manifest loss. (11, Al-Hajj).
c) That is because they had believed, then disbelieved. So a seal was set on their minds, and consequently they understand not. (3, Al.Munafeqeen).
کسی در فکر در رفتہ ازان تسکین می یابد
کسی بی فکر گشتہ حسن حق را خام می گوید
مزاج کافرانہ داشتہ اندر گمان ہر کس
معاذ اللہ خود را حامی اسلام می گوید
عادی کی عادت ہو پوری اسے آتا ہے آرام،
سچ کا حسن جو دیکھ نہ پائیں وہ سمجھیں اس کو خام،
نام ہوا اسلام، کفر و کافر باہم ہوکر۔
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) اَحَدان اَڳي جَا ھُئِي، سُوڌِي…
- (بيت) اَحَدَ جي اِسرارَ کي، جُنبِي…
- (بيت) اَحَدُ اَحمَدُ پاڻَ ۾، وِچان…
- (بيت) اَلتِيَمِ جا ھِنيان، سا نَہ…
- (بيت) تَرَڪُ ڪَرِ تَرَڪَ کي، وَڃَڻَ…
- (بيت) جٖي ڪِيڙِيءَ ڀَرِ ڪَنبَنِ، نانگَ…
- (بيت) دوزَخُ دِلِ قَبُولِئو، مُون بِهِشتَنِئا…
- (بيت) ديکِيندي دِيدارَ کي، ڪُلَ سُڃاتو…
- (بيت) ديکِيندي دِيدارَ کي، ڪُلَ سُڃاتو…
- (بيت) ديکِيندي دِيدارَ کي، ڪِينَ سُڃاتو…
- (بيت) سي اَحمَدُ سو مُحَّمَدُ، سو…
- (بيت) سُرمو سُفيدِيءَ جو، جَڏھِن وِڌو…
- (بيت) سُرمو سِياھِيءَ جو، رَنُنِ کي…
- (بيت) سُرمو لالائِيءَ جو، جَڏھِن وِڌو…
- (بيت) سُپيرِيان جي ڳالِهڙِي، اَندَرِ رَھِي…
- (بيت) صِفَتَ سَنگُ اَحَدَ سين، اَحَدُ…
- (بيت) عاشِقُ ڀانئِين اِيئَن، تَہ سِڪَ…
- (بيت) لوڪان لِڪي سَڀَڪو، لِڪِئان لِڪي…
- (بيت) لَکين سَئِين مَھِراڻَ، جٖي اُتوھَ…
- (بيت) مَحرُومَ ئِي مَرِي وِئا، ماھِرَ…
- (بيت) مُنھُن آھيريءَ جِيئَن اُجَري، قَلبَ…
- (بيت) مُنھِن تَہ مُوسٰي جِھَڙو، سِيرَتَ…
- (بيت) مُنھِن تَہ مُوسٰي جِھَڙو، عادَتَ…
- (بيت) مُون تان لِڪائِي گهَڻو، روئَڻَ…
- (بيت) نَظَرُ اَکَڙِيُنِ، وَڃِي پِئو لاکَ…
- (بيت) نَڪِي پَڙَهنِ ڪَلمُو، نَڪِي ٻُڌَنِ…
- (بيت) نَہ ڪا اِبتِدا عَبدَ جِي،…
- (بيت) وَڃِي رَسُ وَڃَڻَ کي، وَڃَڻَ…
- (بيت) وَڃِي رَسُ وَڃَڻَ کي، وَڃَڻُ…
- (بيت) ڪا تُون ڪانِيۡ پاءِ، وَنِيُنِ…
- (بيت) ڪافِرُ ٿِيءُ تَہ اُبَھين، بابَ…
- (بيت) ڪَلمي مُون کي ڪِينَ ڪِئو،…
- (بيت) ڪَلمُو پَڙَهان تَہ ڪافِرُ ٿِيان،…
- (بيت) ڪَلِمي گو ڪوٺائِيين، اِنَ پَرِ…
- (بيت) ڪَنِ گُهرِجي ڪَلمُو، لَغوَ لَھوَ…
- (بيت) ڪُوڙو تُون ڪُفُرَ سين، ڪافِرُ…
- (بيت) ڳاڙِھو ئِي ڳاڙِھو، ڪارو پَسَنِ…
- (بيت) ھَٿَنِ سين حاجَ ڪَرِ، نيڻَنِ…
