Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
- سُر آسا جَي ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو جو بيت
تَرَڪُ ڪَرِ تَرَڪَ کي، وَڃَڻَ ڪَنان وَڃُ،
آھي اِيءُ اُھُڃُ، سُڻِي سُڻائيجِ تُون.
رسالن ۾ موجودگي: 74 سيڪڙو
سمجهاڻي
(سالڪ) تون تَرڪ ڪرڻ واري رسم (جنھن مطابق جيڪي ڪجهہ پاڻ وٽ هجي سڀ ڏيئي، لاطمع ٿي وڃ) جو بہ خاتمو ڪر. ائين وڃڻ واري رسم کان بہ وڃ يعني ان کي بہ ڇڏي ڏي. (سلوڪ جي راھ ۾ فناءَ الفنا جو مقام). انهيءَ مقام جو اهوئي اشارو يا سمجهاڻي آهي، جيڪو تون پهريائين پاڻ چڱيءَ طرح ٻڌي سمجهي ۽ پوءِ ڪنھن ٻئي کي ٻڌائڻ (واقف ڪرڻ) جي ڪوشش ڪر.
[هن بيت جو بنيادي خيال مثنوي روميءَ جي ڪيترن ئي شعرن ۾ نظر اچي ٿو، بلڪہ اهو روميءَ جي فڪر جو خاص پھلو آهي تہ هو شين جي سمجهاڻي انهن جي ضد يا مخالف تي روشني وجهڻ سان ڏئي ٿو. مثلاً روشني ۽ اوندھ، خشڪي ۽ آلاڻ، انڌو ۽ سڄو، جز ۽ ڪل، صورت ۽ بي صورت، رنگي ۽ بيرنگي، ڏينھن ۽ رات، چون ۽ بيچون وغيرہ.
تَرڪ جي باري ۾ هو دفتر ڇھين ۾ هن ريت سمجهاڻي ڏئي ٿو.
از کجا جوئيم علم؟ از ترک علم،
از کجا جوئيم سلم، از ترک سلم.
(دفتر ششم، ب- 828)
معنيٰ: اسان (اصلي) علم ڪٿان حاصل ڪريون؟ پاڻ ئي جواب ڏئي ٿو، هن علم (ظاهري) کي ترڪ ڪرڻ سان. دوست جي محبت ڪٿان حاصل ڪريون، جواب آهي تہ هن (دنيا جي) محبت ترڪ ڪرڻ سان. ٻئي هنڌ هينئن چوي ٿو:
چون ز ’ساعت‘ ساعتي بيرون شوي،
چون نمايد، محرمِ بي چون شوي.
(دفتر سوم، ب-2075)
معنيٰ: جڏهن تون ’لمحي‘ مان لمحي لاءِ ٻاهر نڪري ايندين يا جڏهن ’چون‘ ڪيئن واري ڪيفيت مان نڪرندين، تڏهن ’بي چون‘ واري هنڌ پھچندين.
آخر ۾ چوي ٿو تہ ترڪ ڪرڻ جي معنيٰ راحت ۽ آرام آهي ۽ ان کان پوءِ بقا جو پيالو پي بقا حاصل ڪر]
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود آسا، بيت نمبر : 3455
تَرْڪُ ڪَرِ تَرْڪَکٖيْ وَڃَنَ کَنَا وَڃُہ﮶
آَهٖيْ اِيُ اُهُڃُہ سُنِيْ سُنَائٖيْجُہ تُنْ﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
तर्कु करि तर्क खे। वञण कनां वञु।
आहे ईउ उहुञु। सुणी सुणाएजि तूं॥
ROMAN SINDHI
Tarak'u kar tarak'a khe, wanjann'a kinaan wanj'u,
Aahe aee'u uhunj'u, sunnee sunnaej toon.
TRANSLATIONS
Negate your individuality in totality and renounce the world to the stage of self-annihilation. At that stage identify yourself with Allah and die unto Him before death. These are the broad guide lines along which you should proceed and also guide others to follow suite.
ہستی ات درہست آن، ہستی نواز،
ہمچومس در کیمیا اندر گداز۔
(Roomi)
Your existance in the Being of the Nourisher of all beings is like the base metal being transformed through alchemy.
بیاکن ترک را ہم ترک و از رفتن بشو رفتہ
مبین وسط و کنارہ را مشو زیر و زبر چندان
ازین بخواہَ نشان عشق را در یافتہ عاشق
شنیدی آنچہ ازو با دیگران برسان خبر چندان
دیکھنا ہے جو حسن جلوۂ یار
اپنے ہی دل میں بے حجابانہ
پہلے جمعیتِ حواس ہو پھر
ترک ہو جائے اب اور دانہ
تیاگ کو بھی اب تیاگ، جا وجود سے آگے،
یہ نشان نہیں اس کے جو جانے اور پھر بتلائے۔
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) اَحَدان اَڳي جَا ھُئِي، سُوڌِي…
- (بيت) اَحَدَ جي اِسرارَ کي، جُنبِي…
- (بيت) اَحَدُ اَحمَدُ پاڻَ ۾، وِچان…
- (بيت) اَلتِيَمِ جا ھِنيان، سا نَہ…
- (بيت) جٖي ڪِيڙِيءَ ڀَرِ ڪَنبَنِ، نانگَ…
- (بيت) دوزَخُ دِلِ قَبُولِئو، مُون بِهِشتَنِئا…
- (بيت) ديکِيندي دِيدارَ کي، ڪُلَ سُڃاتو…
- (بيت) ديکِيندي دِيدارَ کي، ڪُلَ سُڃاتو…
- (بيت) ديکِيندي دِيدارَ کي، ڪِينَ سُڃاتو…
- (بيت) سي اَحمَدُ سو مُحَّمَدُ، سو…
- (بيت) سُرمو سُفيدِيءَ جو، جَڏھِن وِڌو…
- (بيت) سُرمو سِياھِيءَ جو، رَنُنِ کي…
- (بيت) سُرمو لالائِيءَ جو، جَڏھِن وِڌو…
- (بيت) سُپيرِيان جي ڳالِهڙِي، اَندَرِ رَھِي…
- (بيت) صِفَتَ سَنگُ اَحَدَ سين، اَحَدُ…
- (بيت) عاشِقُ ڀانئِين اِيئَن، تَہ سِڪَ…
- (بيت) عِلَتِيءَ آرامُ، پَسِي عِلَتا آيو،…
- (بيت) لوڪان لِڪي سَڀَڪو، لِڪِئان لِڪي…
- (بيت) لَکين سَئِين مَھِراڻَ، جٖي اُتوھَ…
- (بيت) مَحرُومَ ئِي مَرِي وِئا، ماھِرَ…
- (بيت) مُنھُن آھيريءَ جِيئَن اُجَري، قَلبَ…
- (بيت) مُنھِن تَہ مُوسٰي جِھَڙو، سِيرَتَ…
- (بيت) مُنھِن تَہ مُوسٰي جِھَڙو، عادَتَ…
- (بيت) مُون تان لِڪائِي گهَڻو، روئَڻَ…
- (بيت) نَظَرُ اَکَڙِيُنِ، وَڃِي پِئو لاکَ…
- (بيت) نَڪِي پَڙَهنِ ڪَلمُو، نَڪِي ٻُڌَنِ…
- (بيت) نَہ ڪا اِبتِدا عَبدَ جِي،…
- (بيت) وَڃِي رَسُ وَڃَڻَ کي، وَڃَڻَ…
- (بيت) وَڃِي رَسُ وَڃَڻَ کي، وَڃَڻُ…
- (بيت) ڪا تُون ڪانِيۡ پاءِ، وَنِيُنِ…
- (بيت) ڪافِرُ ٿِيءُ تَہ اُبَھين، بابَ…
- (بيت) ڪَلمي مُون کي ڪِينَ ڪِئو،…
- (بيت) ڪَلمُو پَڙَهان تَہ ڪافِرُ ٿِيان،…
- (بيت) ڪَلِمي گو ڪوٺائِيين، اِنَ پَرِ…
- (بيت) ڪَنِ گُهرِجي ڪَلمُو، لَغوَ لَھوَ…
- (بيت) ڪُوڙو تُون ڪُفُرَ سين، ڪافِرُ…
- (بيت) ڳاڙِھو ئِي ڳاڙِھو، ڪارو پَسَنِ…
- (بيت) ھَٿَنِ سين حاجَ ڪَرِ، نيڻَنِ…
