Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
ھِن بيت جا مُکيہ اِسم
- سُر آسا جَي ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو جو بيت
ڪا تُون ڪانِيۡ پاءِ، وَنِيُنِ ۾ وِصالَ جِي،
دوبِينائِي دُورِ ڪَري، مَعرِفَتَ مَلهاءِ،
سُپيرِيان جي سُونھَن ۾ رُخنو ڪونَہ رِھاءِ،
اَکِ اَشھَدُ چاءِ، تَہ مُسلِمانِي ماڻِيين.
رسالن ۾ موجودگي: 80 سيڪڙو
سمجهاڻي
تون محبوب سان وصال (قرب) خاطر پنھنجي اکين ۾ انهيءَ سُرمي جي سَرائي پاءِ جنھن سان تون هڪ بدران ٻہ ڏسڻ واري عادت کان ڇوٽڪارو لھين، تڏهن تون معرفت (واري مقام) جي لائق ٿي پوندين. (ياد رک) سپرين جي سونھن آڏو ڪا رڪاوٽ نٿي جڳائي (دوبينائي جو علاج ڪر). مسلمانيءَ جو حقيقي درد جو ماڻڻ لاءِ پهريائين هيڪڙائيءَ کي سڃاڻڻ واري اک حاصل ڪر.
[’اشھد‘ مان مراد خدا جي هيڪڙائي ۽ وحدت آهي، جنھن تي مثنويءَ ۾ گهڻو زور ڏنو ويو آهي. هڪ هنڌ چوي ٿو:
چون بدو زنده شدي، آن خود وي است،
وحدت محض است، آن شرکت کي است.
(دفتر چهارم،ب-2768)
معنيٰ: تون جڏهن هن (ذات) جي ذريعي زنده ٿي پئين تہ پوءِ هو سڀ پاڻ آهي (تون ڪٿي بہ ناهين). اها خالص وحدت آهي ۽ ان ۾ ڪا ٻيائي ڪونهي.
’دو بينائي‘ ۽ ’ٽيڏائي‘ روميءَ جا پسنديدہ اصطلاح آهن. جيئن هڪ هنڌ چوي ٿو:
دريکي بگفتا که اين جمله يکي ست،
هر که او دو بيند احول مرد کي مست.
(دفتر اول، ب-495)
معنيٰ: هڪڙن کي چيائين تہ جيڪي ڏسو ٿا سو سڀ وحدت آهي، جيڪو هڪ کي ٻہ ڏسي ٿو سو ٽيڏو آهي.]
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود آسا، بيت نمبر : 3451
ڪَا تُنْ ڪَانِيْ پَاءِ وَنِنِم﮼ وِصَالَ جِيْ﮶
دُوْرِبٖيْنَائِيْ دُوْرِ ڪَرٖيْ مَعْرِفَةَ مَلَاءِ﮶
سُپٖيْرِيَانجٖيْ سُوْهَم﮼ رُخْنُوْ ڪُوْنَ رِهَاءِ﮶
اَکِہ اَشْهَدُ چَاءِ تَمُسْلِمَانِيْ مَار﮽ِي﮼﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
का तूं कानी पाए। वनिनि में विसाल जी।
दोबीनाई दूरि करे। मारिफ़ति मल्हाए।
सुपेरियां जे सूंहं में। रुख़नू कोन रिहाए।
अखि अश्हदु चाए। त मुस्लिमानी माणियें॥
ROMAN SINDHI
Ka toon kanee paa'e, waniyun me wiSaal'a jee,
Doobeenayi door kare, maarfat'a malhaa'e,
Superiyaan je soonhn me ruKhnoo ko na rihaa'e,
Akh Ash'had'u chaa'e, ta muslmaanee manneen.
TRANSLATIONS
You should pass the rod of union through your eyes, discard duality and stick to monism. You should befittingly try to have an untarnished Image of the Beloved which admits of no blot. For that you shall have to develop an inner eye of cooperative vision. If you do all this, you shall be Muslim in the proper sense, because then you shall see Him with your eyes and heart.
یا الٰہی چشم بینائی بدہ
در سرم از عشق سودائی بدہ
(H. Bu-Ali Qalandar)
O Allah! Kindly give me the eyes with which I may see you. Also kindly infuse in my brain the craze of love for you.
Acquire eyes that deserve Beloved's union,
Put away duality, celebrate sight of the beauty of loved one,
Save Him, none else is to be praised,
Be witness to that glory, and among the believers be counted.
كحل عيونك بكحل الوصال.
أبعد ثنائية إعرف مزل المعرفة.
فلا يكون العيب فى حسن المحبوب إشهد بعين الشهادة باﷲ عز وجل كي يصير مسلما صحيحا وحقيقتا.
بکش سرمہ بہ چشمانت کہ وصل دوست دریابی
دو بینی درگذر کن معرفت را درمیان آور
بگردان محو خود را در حضورَ حسن محبوبان
بیاری مسلم اندر دین، محاسن در بیان آور
دیدہ و دل سے تو گواہی دے
یہ مسلمان کی عبادت ہے
رخنہ اندازیٔ دوئی کب تک
تو پرستار حسنِ وحدت ہے
کاجل یار کے وصل کا، تو نینوں میں ڈار،
"دوبینی" سب دور ہو، اور ہو عرفان یار،
پی کی اس سندرتا میں، جھلمل رخنہ تو مت ڈال،
آنکھیں اشہد یار! کھول تو ہووے مومن۔
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) اَحَدان اَڳي جَا ھُئِي، سُوڌِي…
- (بيت) اَحَدَ جي اِسرارَ کي، جُنبِي…
- (بيت) اَحَدُ اَحمَدُ پاڻَ ۾، وِچان…
- (بيت) اَلتِيَمِ جا ھِنيان، سا نَہ…
- (بيت) تَرَڪُ ڪَرِ تَرَڪَ کي، وَڃَڻَ…
- (بيت) جٖي ڪِيڙِيءَ ڀَرِ ڪَنبَنِ، نانگَ…
- (بيت) دوزَخُ دِلِ قَبُولِئو، مُون بِهِشتَنِئا…
- (بيت) ديکِيندي دِيدارَ کي، ڪُلَ سُڃاتو…
- (بيت) ديکِيندي دِيدارَ کي، ڪُلَ سُڃاتو…
- (بيت) ديکِيندي دِيدارَ کي، ڪِينَ سُڃاتو…
- (بيت) سي اَحمَدُ سو مُحَّمَدُ، سو…
- (بيت) سُرمو سُفيدِيءَ جو، جَڏھِن وِڌو…
- (بيت) سُرمو سِياھِيءَ جو، رَنُنِ کي…
- (بيت) سُرمو لالائِيءَ جو، جَڏھِن وِڌو…
- (بيت) سُپيرِيان جي ڳالِهڙِي، اَندَرِ رَھِي…
- (بيت) صِفَتَ سَنگُ اَحَدَ سين، اَحَدُ…
- (بيت) عاشِقُ ڀانئِين اِيئَن، تَہ سِڪَ…
- (بيت) عِلَتِيءَ آرامُ، پَسِي عِلَتا آيو،…
- (بيت) لوڪان لِڪي سَڀَڪو، لِڪِئان لِڪي…
- (بيت) لَکين سَئِين مَھِراڻَ، جٖي اُتوھَ…
- (بيت) مَحرُومَ ئِي مَرِي وِئا، ماھِرَ…
- (بيت) مُنھُن آھيريءَ جِيئَن اُجَري، قَلبَ…
- (بيت) مُنھِن تَہ مُوسٰي جِھَڙو، سِيرَتَ…
- (بيت) مُنھِن تَہ مُوسٰي جِھَڙو، عادَتَ…
- (بيت) مُون تان لِڪائِي گهَڻو، روئَڻَ…
- (بيت) نَظَرُ اَکَڙِيُنِ، وَڃِي پِئو لاکَ…
- (بيت) نَڪِي پَڙَهنِ ڪَلمُو، نَڪِي ٻُڌَنِ…
- (بيت) نَہ ڪا اِبتِدا عَبدَ جِي،…
- (بيت) وَڃِي رَسُ وَڃَڻَ کي، وَڃَڻَ…
- (بيت) وَڃِي رَسُ وَڃَڻَ کي، وَڃَڻُ…
- (بيت) ڪافِرُ ٿِيءُ تَہ اُبَھين، بابَ…
- (بيت) ڪَلمي مُون کي ڪِينَ ڪِئو،…
- (بيت) ڪَلمُو پَڙَهان تَہ ڪافِرُ ٿِيان،…
- (بيت) ڪَلِمي گو ڪوٺائِيين، اِنَ پَرِ…
- (بيت) ڪَنِ گُهرِجي ڪَلمُو، لَغوَ لَھوَ…
- (بيت) ڪُوڙو تُون ڪُفُرَ سين، ڪافِرُ…
- (بيت) ڳاڙِھو ئِي ڳاڙِھو، ڪارو پَسَنِ…
- (بيت) ھَٿَنِ سين حاجَ ڪَرِ، نيڻَنِ…
