Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
- سُر آسا جَي مجازي مام جو بيت
ديکِ مَ تُون سين تَنِ، جٖي مَجازِياڻِيُون مُنھَن ۾،
ڪِينَ سُڃاتو سُپِرِين، نِھاري نيڻَنِ،
پِرِين سي پَسَنِ، ٻيئِي جَنِي ٻُوٽِيُون.
رسالن ۾ موجودگي: 80 سيڪڙو
سمجهاڻي
تنھنجي چھري تي جيڪي اهي ٻہ ظاهري اکيون آهن ۽ جيڪي مجازي صورت تي موهجي (ڇڪجي) وڃن ٿيون، تن سان نہ ڏس. انهن مجازي اکين ڏسڻ جي باوجود (حقيقي) سڄڻ کي ڪين سڃاتو. پرينءَ کي صرف اهي ڏسي سگهندا، جيڪي هي ظاهري اکيون بند ڪري ڇڏيندا، جيڪي (اندر جي اکين سان) ڏسن ٿا.
[مثنوي روميءَ ۾ هن مطلب جا ڪيترا شعر ملن ٿا.
چشم جسماني نتاند ديدنت،
در خيال آرد غم و خنديدنت.
دل که او بستهء غم و خنديدنست،
تو بگوئي لائق آن ديدن است.
(دفتر اول، ب-91-1790)
معنيٰ: هي جسماني اکيون تو (محبوب) کي نٿيون ڏسي سگهن، غم ۽ خوشيءَ جا ماريل توکي ڪيئن خيال ۾ آڻي سگهن ٿا؟ اها دل جيڪا غم ۽ خوشيءَ ۾ گرفتار آهي، تون ڪيئن ٿو سمجهين تہ اها ديدار جي لائق ٿي سگهي ٿي!]
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود آسا، بيت نمبر : 3513
دٖيْکِہ مَتُنْ س﮼ تَنِ جٖيْ مَجَازِيَانِيٌ مُهَم﮼﮶
ڪِيْنَ سُڃَاتُوْ سُپِرٍ نَهَارٖيْ نٖيْنَنِ﮶
پِرٍ سٖيْ پَسَنِ ٻٖيْئِيْ جَنٍ ٻُوْٽِيٌ﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
देखि म तूं सें तनि। जे मजाज़ियाण्यूं मुंहं में।
कीन सुञातो सुपिरीं। निहारे नैणनि।
पिरीं से पसनि। बे॒ई जनी बू॒टियूं॥
ROMAN SINDHI
Dekh ma toon seen tan, je majaziyanniyoon munhan me,
Keen'a sunjato supireen, nihaare nainnan,
Pireen se passan, Beyi janee Bootiyoon.
TRANSLATIONS
Do not try to look for or behold (the Beloved) by means of the physical eyes, which are meant and used for seeing worldly objects, because that would be in vain. Even though they look for Him, they would simply not be able to comprehend Him. Such persons alone shall be able to identify or behold Him who close their both eyes (against attractions of both worlds and then successfully peep within their heart).
TRADITION: Allah knows the treachery of the eyes.
چشم باید تا ببیند روی یار،
جلوہ کردست ورہبر شی نگار۔
(Hazrat Bu-Ali Qalandar)
You require (particular) eyes so that they may behold the Beloved who is manifested in every thing.
Look not for the loved one with your bodily eyes,
For they can never see the one so glorified,
They alone can see Him who close both of them.
Don't perceive with the eyes you have in your face,
Seeing with eyes no one comprehended the beloved,
Only they perceived the beloved who closed both the eyes.
لا تنظر بالعيون الظاهرية فى محاجرك.
لا تدرك العييون الظاهرية الحبيب.
الذين يغلقون عينيهم يرون الحبيب الحقيقي بالبصيرة.
مجازی دیدھایءِ تو کہ در چہرہ ہمی داری
ہمین بہتر کہ زینہا ہیچ چیزی را نباید دید
بدیدہ دوست را تاہم ندیدہ حسّ گہ دانند
نخستن بخدا اینہا را، سپس او را بشاید ید
جو مجازیاں مونہہ وچ تیرے اوہناں سنگ نہ تکیں
سیہانیا نہیوں یار کسے نے ویکھ کے نال اکھیں
تکن اوہ ماہی دوویں جو مِیٹ لیندے نیں اکھیاں
بند کرلے یہ ظاہری آنکھیں
سر خوشِ بادۂ مجاز نہ ہو
جس حقیقت کا نام ہے عرفاں
اس حقیقت سے بے نیاز نہ ہو
چشم و دل معتبر نہیں جب تک
ان کے پردے میں کوئی راز نہ ہو
یہ جو تیرے نین ہیں، ان سے دیکھ نہ یار!
پی کو کب پہچانیں نیناں، دیکھیں گر سو بار،
کریں وہ ہی دیدار موندیں جو آنکھوں کو۔
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) تعظيما تَرَڪُ ٿِئا، واجهاڻا وِئا،…
- (بيت) جانۡ تَنُ ڪِئوءِ نَہ تِيئَن،…
- (بيت) جِتي آھِ نَہ ناھِ ڪا،…
- (بيت) جِتِ آھِ نَہ ناھِ ڪا،…
- (بيت) حَبِيباڻي حُجري، ڪِئا اَکِيُنِ اوتارا،…
- (بيت) حَقِيقَتَ ھَڻِي، مُنھِنجِي جانِ جُدا…
- (بيت) راتِ رَڱِجِي آيُون، پاران پِرِيَنِ…
- (بيت) سوئِي اوڇَڻُ اَنڱِڙين، سوئِي کاڄُ…
- (بيت) سَنئين سُونھائي سَڀَڪا، ڪا مُون…
- (بيت) مارِيندُءِ مَجازُ، گهَڻي ٿوري ڏِينھَڙين،…
- (بيت) مُورَکَ مامَ نَہ ٻُجِهڻا، آڪا…
- (بيت) مُون کي ماءِ مَجازَ، پِيڃاري…
- (بيت) نيڻين نَظَرَ نِينھَن، جَڙَ جِتي…
- (بيت) نَظَرُ نَزدِيڪونِ، آئُون سَھِي نَہ…
- (بيت) پَساھَ سين پَسان پِرِين، ساھَ…
- (بيت) پُورِيُون پِرِين پَسَنِ، اُپَٽِيان تَہ…
