Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
- سُر آسا جَي مجازي مام جو بيت
پَساھَ سين پَسان پِرِين، ساھَ سين سُڃاڻا،
اِھَيئِي ٻَہ ٽاڻا، اَچِي رَھِئا رُوحَ ۾.
رسالن ۾ موجودگي: 38 سيڪڙو
سمجهاڻي
جڏهن ساھ ٻاهر ڪڍان ٿو تہ پرينءَ کي ڏسان ٿو ۽ وري جڏهن ساھ اندر ڪريان ٿو تہ کيس سڃاڻان ٿو (منھنجو ڪوبہ دم هن کان غافل نہ آهي). منھنجي روح ۾ اهي ٻہ وقت ئي رهجي ويا آهن (منھنجي زندگي، جيئڻ ۽ مرڻ، انهن ٻنهي وقتن تي مشتمل آهي، انهن کان ٻاهر هرگز ناهي، منھنجي روح جا اهي ئي ٻہ اهڃاڻ آهن).
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود آسا، بيت نمبر : 3446
پَسَاهَس﮼ پَسَان سَاهَس﮼ سُڃَانَا﮶
اِيْهٍ ٻَٽَانَا اَچِيْ رَهِئَا رُوْحَم﮼﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
पसाह सें पसां पिरीं। साह सें सुञाणां।
इहेई ब॒ टाणां। अची रहिआ रूह में॥
ROMAN SINDHI
Pasaah'a seen passan pireen, saah'a seen sunjannan,
Iheyee Ba ttaanna, achi rahiya rooH'a me.
TRANSLATIONS
With every breath that I take I identify the Beloved; and with every respiration I perceive Him. These are the too gins which are maintained by my heart for the purpose. (New Kazi).
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) تعظيما تَرَڪُ ٿِئا، واجهاڻا وِئا،…
- (بيت) جانۡ تَنُ ڪِئوءِ نَہ تِيئَن،…
- (بيت) جِتي آھِ نَہ ناھِ ڪا،…
- (بيت) جِتِ آھِ نَہ ناھِ ڪا،…
- (بيت) حَبِيباڻي حُجري، ڪِئا اَکِيُنِ اوتارا،…
- (بيت) حَقِيقَتَ ھَڻِي، مُنھِنجِي جانِ جُدا…
- (بيت) ديکِ مَ تُون سين تَنِ،…
- (بيت) راتِ رَڱِجِي آيُون، پاران پِرِيَنِ…
- (بيت) سوئِي اوڇَڻُ اَنڱِڙين، سوئِي کاڄُ…
- (بيت) سَنئين سُونھائي سَڀَڪا، ڪا مُون…
- (بيت) مارِيندُءِ مَجازُ، گهَڻي ٿوري ڏِينھَڙين،…
- (بيت) مُورَکَ مامَ نَہ ٻُجِهڻا، آڪا…
- (بيت) مُون کي ماءِ مَجازَ، پِيڃاري…
- (بيت) نيڻين نَظَرَ نِينھَن، جَڙَ جِتي…
- (بيت) نَظَرُ نَزدِيڪونِ، آئُون سَھِي نَہ…
- (بيت) پُورِيُون پِرِين پَسَنِ، اُپَٽِيان تَہ…
