Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
- سُر آسا جَي مجازي مام جو بيت
مارِيندُءِ مَجازُ، گهَڻي ٿوري ڏِينھَڙين،
ھَٿان ڇَڏِ مَ بازُ، ھارِي حَقِيقَتَ جو.
رسالن ۾ موجودگي: 48 سيڪڙو
سمجهاڻي
اهو مجازي (دنياوي) عشق ٿورن يا گهڻن ڏينھن کان پوءِ، جلدي يا دير سان، توکي پريشان ڪندو (برباد ڪندو). تون ڪنھن بہ صورت ۾ حقيقت (سچي عشق) وارو باز پنھنجي هٿن مان وڃڻ نہ ڏج.
[مثنويءَ ۾ مجازي ۽ حقيقي يعني خدا سان عشق جي باري ۾ گهڻو ڪجهہ چيو ويو آهي. مثنويءَ جي پهرين آکاڻيءَ ’بادشاھ جو ٻانهيءَ تي عاشق ٿيڻ‘ ۾ رومي هن راءِ جو آهي:
عشقهائي کز پئي رنگ بود،
عشق نبود، عاقبت ننگ بود.
(دفتر اول، ب-205)
معنيٰ: اهو عشق جيڪو ظاهري رنگ روپ تي آهي، اهو عشق ناهي، بلڪہ اڳي پوءِ خواري ۽ ذلت آهي.
ساڳئي هنڌ چوي ٿو:
وعده ها باشد حقيقي دلپذير،
وعده ها باشد مجازي، تاسه گير.
(دفتر اول، ب-108)
معنيٰ: حقيقي عشق جو وعدو ئي دل کي فرحت ڏيندڙ آهي، مجازي عشق جو وعدو هميشه پريشانيءَ جو سبب آهي.]
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود آسا، بيت نمبر : 3517
مَارِيْدُءِ مَجَازُ کَن﮼ ٿُوْر﮼ ڎِيْهَر﮼﮶
هَٿَا ڇَڎِ مَبَازُ هَارِيْ حَقِيْقَةَ جُوْ﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
मारींदुए मजाज़ु। घणे थोरे डीं॒हड़ें।
हथां छडि॒ म बाज़ु। हारी हक़ीक़त जो॥
ROMAN SINDHI
Mareendu'e majaaz'u, ghanne thore Deenharren,
Hathaan chhaD ma baaz'u, haree HaQeeQat'a jo.
TRANSLATIONS
Materialism will way lay and deceive you some day. O Imbecile! Do not let go the falcon of the Reality from your hands. (New Kazi).
لا تأخذي العيون المجازية الظاهرية.
حبيبة لك ولا تديري عيونك السودآء هكذا يا مغفلة إسئلي!
وإنطلقي وإمشي على الدرب الحقيقي.
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) تعظيما تَرَڪُ ٿِئا، واجهاڻا وِئا،…
- (بيت) جانۡ تَنُ ڪِئوءِ نَہ تِيئَن،…
- (بيت) جِتي آھِ نَہ ناھِ ڪا،…
- (بيت) جِتِ آھِ نَہ ناھِ ڪا،…
- (بيت) حَبِيباڻي حُجري، ڪِئا اَکِيُنِ اوتارا،…
- (بيت) حَقِيقَتَ ھَڻِي، مُنھِنجِي جانِ جُدا…
- (بيت) ديکِ مَ تُون سين تَنِ،…
- (بيت) راتِ رَڱِجِي آيُون، پاران پِرِيَنِ…
- (بيت) سوئِي اوڇَڻُ اَنڱِڙين، سوئِي کاڄُ…
- (بيت) سَنئين سُونھائي سَڀَڪا، ڪا مُون…
- (بيت) مُورَکَ مامَ نَہ ٻُجِهڻا، آڪا…
- (بيت) مُون کي ماءِ مَجازَ، پِيڃاري…
- (بيت) نيڻين نَظَرَ نِينھَن، جَڙَ جِتي…
- (بيت) نَظَرُ نَزدِيڪونِ، آئُون سَھِي نَہ…
- (بيت) پَساھَ سين پَسان پِرِين، ساھَ…
- (بيت) پُورِيُون پِرِين پَسَنِ، اُپَٽِيان تَہ…
