Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
- سُر آسا جَي ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو جو بيت
نَہ ڪا اِبتِدا عَبدَ جِي، نَہ ڪا اِنتَھا،
جَنِ سُڃاتو سُپِرِين، سي وَڃَڻَ کي وِئا.
رسالن ۾ موجودگي: 60 سيڪڙو
سمجهاڻي
الله جي انهن ٻانهن (عارفن) جي (روحاني درجن جي) نڪا شروعات آهي نڪا پڄاڻي (انهن جا درجا اڻ کٽ آهن). بلڪ (درحقيقت) جن پنھنجي حقيقي محبوب ۽ مالڪ کي سڃاتو، تن جو اهو (روحاني) سير هميشه لاءِ جاري آهي.
[مثنويءَ ۾ الله جي اهڙن اوليائن يعني خلق جي رهبري ڪندڙن جو ذڪر ملي ٿو، جن جي آغاز يا ابتدا ۽ انجام يا انتھا لاءِ روميءَ جو بہ ساڳيو خيال آهي.
او چنان پيرست کِش آغاز نيست
با چنان دُر يتيم انباز نيست
(دفتر اول ب 2941)
معنيٰ: هو اهڙو شيخ ۽ رهبر آهي جنھن جو آغاز ناهي بلڪ هو اهڙو ناياب موتي آهي جنھن جھڙو ٻيو ڪو موتي ناهي.
ٻئي هنڌ وڌيڪ وضاحت سان چوي ٿو:
سر ندارد، چون ز ازل بوده ست پيش
پا ندارد، با ابد بوده ست خويش
بلک چون آبست، هر قطره ازان
هم سرست ويا، وهم بي هر دُوان.
(دفتر اول ب 98_2897)
معنيٰ: هن جو مٿو (شروعات) ان ڪري نہ آهي جو اهو (هن جو عشق) ازل کان بہ اڳ آهي. هن جو پير (پڄاڻي) ڪونهي. ڇو تہ هو ابد سان ڳنڍيل آهي. مطلب تہ عاشق کي پاڻيءَ وانگر سمجهہ جنھن جي هر قطري (وجود) جو سِر بہ پاڻ آهي تہ پير بہ پاڻ آهي ۽ ان سان گڏ درياءَ ۾ بہ هلندڙ آهي.]
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود آسا، بيت نمبر : 3422
نَڪَا اِبْتِدَا عَبْدَ جِيْ نَڪَا اِنْتِهَا﮶
جَنِ سُڃَاتُوْ سُپِرٍ سٖيْ وَڃَنَ کٖيْ وِئَا﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
नका इब्तिदा अब्द जी। नका इन्तहा।
जनि सुञातो सुपिरीं। से वञण खे वआ॥
ROMAN SINDHI
Na ka ibtada Abd'a jee, na ka inteha,
Jan sunjaato supireen, se wanjann'a khe wiya.
TRANSLATIONS
There is no beginning nor end to the man. Those persons who recognized the oneness of Allah went a very long way forever.
Note: (1) عبد “A” in the verse may either mean ‘Nur-e-Muhammadi’ or the soul of the man. The former formed part of the Divine light. It was constituted before creation of the angels, pen and the universe. The exact time of its constitution can not therefore be fixed. Since it is a part of the Divinity it has no beginning nor end. The following tradition is relevant:
“Allah created my ‘nur’ before everything else”.
But if “عبد” identified with the human soul, the following verse of the Quran seems relevant:
Then He completed him (i.e. Adam) and breathed into him of His spirit
(9, AI-Sajdah)
Being part of Allah’s spirit the human soul too is imperishable and co-extensive with Allah.
There is neither the beginning nor the end of bondman,
They transcended transcendence who had true perception
of the beloved .
ز قید ابتد و انتہا آزاد شد بندہ
جدا گردیدہ از خود چون رسید آن درجوارِ دوست
نماند او آشنای خود کہ آن مرغوب را بشناخت
نیامد باز چون وارد شد آن اندر کفارِ دوست
عبد و معبود کے تعلق میں
ابتداء ہے نہ انتہا کوئی
وہ ہمیشہ کو گم ہوا آخر
کر سکا اس کی جو رضا جوئی
نہ تو عبد کی ابتدا ہے، نہ ہی انتہا،
خود سے ہوئے وہ جدا پی کو جو پہچان گئے۔
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) اَحَدان اَڳي جَا ھُئِي، سُوڌِي…
- (بيت) اَحَدَ جي اِسرارَ کي، جُنبِي…
- (بيت) اَحَدُ اَحمَدُ پاڻَ ۾، وِچان…
- (بيت) اَلتِيَمِ جا ھِنيان، سا نَہ…
- (بيت) تَرَڪُ ڪَرِ تَرَڪَ کي، وَڃَڻَ…
- (بيت) جٖي ڪِيڙِيءَ ڀَرِ ڪَنبَنِ، نانگَ…
- (بيت) دوزَخُ دِلِ قَبُولِئو، مُون بِهِشتَنِئا…
- (بيت) ديکِيندي دِيدارَ کي، ڪُلَ سُڃاتو…
- (بيت) ديکِيندي دِيدارَ کي، ڪُلَ سُڃاتو…
- (بيت) ديکِيندي دِيدارَ کي، ڪِينَ سُڃاتو…
- (بيت) سي اَحمَدُ سو مُحَّمَدُ، سو…
- (بيت) سُرمو سُفيدِيءَ جو، جَڏھِن وِڌو…
- (بيت) سُرمو سِياھِيءَ جو، رَنُنِ کي…
- (بيت) سُرمو لالائِيءَ جو، جَڏھِن وِڌو…
- (بيت) سُپيرِيان جي ڳالِهڙِي، اَندَرِ رَھِي…
- (بيت) صِفَتَ سَنگُ اَحَدَ سين، اَحَدُ…
- (بيت) عاشِقُ ڀانئِين اِيئَن، تَہ سِڪَ…
- (بيت) عِلَتِيءَ آرامُ، پَسِي عِلَتا آيو،…
- (بيت) لوڪان لِڪي سَڀَڪو، لِڪِئان لِڪي…
- (بيت) لَکين سَئِين مَھِراڻَ، جٖي اُتوھَ…
- (بيت) مَحرُومَ ئِي مَرِي وِئا، ماھِرَ…
- (بيت) مُنھُن آھيريءَ جِيئَن اُجَري، قَلبَ…
- (بيت) مُنھِن تَہ مُوسٰي جِھَڙو، سِيرَتَ…
- (بيت) مُنھِن تَہ مُوسٰي جِھَڙو، عادَتَ…
- (بيت) مُون تان لِڪائِي گهَڻو، روئَڻَ…
- (بيت) نَظَرُ اَکَڙِيُنِ، وَڃِي پِئو لاکَ…
- (بيت) نَڪِي پَڙَهنِ ڪَلمُو، نَڪِي ٻُڌَنِ…
- (بيت) وَڃِي رَسُ وَڃَڻَ کي، وَڃَڻَ…
- (بيت) وَڃِي رَسُ وَڃَڻَ کي، وَڃَڻُ…
- (بيت) ڪا تُون ڪانِيۡ پاءِ، وَنِيُنِ…
- (بيت) ڪافِرُ ٿِيءُ تَہ اُبَھين، بابَ…
- (بيت) ڪَلمي مُون کي ڪِينَ ڪِئو،…
- (بيت) ڪَلمُو پَڙَهان تَہ ڪافِرُ ٿِيان،…
- (بيت) ڪَلِمي گو ڪوٺائِيين، اِنَ پَرِ…
- (بيت) ڪَنِ گُهرِجي ڪَلمُو، لَغوَ لَھوَ…
- (بيت) ڪُوڙو تُون ڪُفُرَ سين، ڪافِرُ…
- (بيت) ڳاڙِھو ئِي ڳاڙِھو، ڪارو پَسَنِ…
- (بيت) ھَٿَنِ سين حاجَ ڪَرِ، نيڻَنِ…
سُر جا ٻيا داستان
رسالي جا ٻيا سُر
وڊيو سيڪشن
