ڪافِرُ بابت
معنيٰ
خدا کان ڦريل، خدا جو منڪر، ڪُفر ڪندڙ. معشوق، صنم، من، دلرُبا. ظالمُ، شوخُ، بي رحم، ڪَٺورُ، سنگدل، جفاڪشُ.
A heretic, infidel, idolator.
بيتن ۽ وائين ۾
- ڪَلمُو پَڙَهان تَہ ڪافِرُ ٿِيان، ڪَلمُو پَڙهي ڪيرُ، جيڏانھَن راھَ رَسُولَ جِي، تيڏانھَن ڀَريان نَہ پيرُ، مُون تَنِ سين ويرُ،…[ سُر آسا - ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو ]
- عِلَتِيءَ آرامُ، پَسِي عِلَتا آيو، حُسُنُ پَسِئو حَقَ جو، خامِي ڀانئِين خامُ، اَچي ٿِئا اِسلامُ، ڪُفرُ ڪافِرُ پاڻَ ۾.[ سُر آسا - ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو ]
- ڪُوڙو تُون ڪُفُرَ سين، ڪافِرُ مَ ڪوٺاءِ، ھِندُو ھَڏِ نَہ آھِين، جَڻِيُو تو نَہ جُڳاءِ، تِلِڪُ تَنِي لاءِ، سَچا جي…[ سُر آسا - ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو ]
- ڪافِرُ ٿِيءُ تَہ اُبَھين، بابَ شَرَعَ جا ڇَڏِ، مَنُ مُشرِڪَنِ گَڏِ، تَہ ويجهو ٿِيين وِصالَ کي.[ سُر آسا - ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو ]