ڪَلمُو بابت
معنيٰ
اسلام ۾ پنھنجي عقيدي جو اقرار ڪرڻ
The Muslim’s confession of faith.
بيتن ۽ وائين ۾
- جوڙي جوڙَ جَھانَ جِي، جَڏھِن جوڙِيائِين، خاوَندُ خاصُ خَلِقي، مُحَّمَدُ مُڪائِين، ڪَلمُو تَنھِن ڪَرِيمَ تي، چِٽو چايائِين، اَنا مولاڪَ وَ…[ سُر ڪلياڻ - يڪتائي ]
- مَ ڪِي ھيجِ مَ ھوجَ، تَرسُ مَ تاڻِ جَھازَ، چَئُہ ڪَلمُو مُحَّمَدَ تي، تَہ اَڳِيان اَچي اوڄَ، تَہ سَھکِيءَ ڀَتِ…[ سُر سريراڳ - تياري ۽ ساٺ ]
- مَولو ڪَندو ماڙِ، مُنھِنجِي اللهُ ڪَندو، ھادِي ڏيئِي ھَٿَڙا، مَنجهان چِڪَڻِ چاڙِھِ، ھُو جو ويرِي واٽَ جو، سو سائِين نيئِي…[ سُر بروو سنڌي - وايون ]
- اِيءُ ڏٺوئِي ڏوھُ، جِيئَن رامُ ڪوٺِيين رَحمانَ کي، جو ھادِيءَ چَيو حَبِيبَ تي، سو ڪَلمُو ڪَھين نَہ ڪوھُ، اَطِيطَنِ اَندوھُ،…[ سُر رامڪلي - الله، آدم، جوڳي ۽ سنياسي ]
- اللهُ اللهُ ڪَنِ جي، اسِين مُورِ نَہ مَڃِيُون تَنِ، نَڪِي چَوَنِ ڪَلمُو، نَڪِي ٻانگَ ٻُڌَنِ، لائي کي لاڪُنِ، آڌُوتِي عَدُمُ…[ سُر رامڪلي - الله، آدم، جوڳي ۽ سنياسي ]
- ڪَنِ گُهرِجي ڪَلمُو، لَغوَ لَھوَ لاءِ، فِڪرَ سين ڦيراءِ تَہ ھَمَه کي حَقُ چُوئين.[ سُر آسا - ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو ]
- نَڪِي پَڙَهنِ ڪَلمُو، نَڪِي ٻُڌَنِ ٻانگَ، وِچان واري لانگَ، اُوءِ آڌُوتِي عَدَمُ ٿِئا.[ سُر آسا - ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو ]
- ڪَلمُو پَڙَهان تَہ ڪافِرُ ٿِيان، ڪَلمُو پَڙهي ڪيرُ، جيڏانھَن راھَ رَسُولَ جِي، تيڏانھَن ڀَريان نَہ پيرُ، مُون تَنِ سين ويرُ،…[ سُر آسا - ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو ]