Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
- سُر يمن ڪلياڻ جَي پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ جو بيت
جِنِ کي دَورُ دَردَ جو، سَبَقُ سُورَ پَڙَهنِ،
فِڪرَ فَرَھِي ھَٿَ ۾، ماٺِ مُطالِعُ ڪَنِ،
پَنو سو پَڙَهنِ، جَنھِن مان پَسَنِ پِرِينءَ کي.
رسالن ۾ موجودگي: 99 سيڪڙو
سمجهاڻي
جيڪي درد جو دور ڪرڻ وارا آهن سي ئي سورن جو سبق پيا پڙهن. هنن جي هٿ ۾ فڪر واري تختي آهي ۽ ماٺ يا خاموشي سندن مطالعو آهي. هو اهو پنو پيا پڙهن جنھن ۾ هر وقت پنھنجي پرينءَ کي پسي سگهن يعني دوست جو ديدار ڪري سگهن.
[مثنويءَ ۾ اها ڳالهہ هن ريت سمجهايل آهي؛
آتش از عشق در جان برفروز،
سر بسر فکر و عبارت را سوز.
(دفتر دوم ،ب -1763)
معنيٰ: تون پنھنجي اندر ۾ عشق جي آڳ کي ٻاري ڇڏ ۽ ظاهري سوچ ۽ پڙهڻ وارين ڳالهين کي تيلي ڏئي ڇڏ.]
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود ڪلياڻ و جمن، بيت نمبر : 1024
جِنِکٖيْ دَوْرُ دَرْدَ جُوْ سَبَقُ سُوْرَ پَرَنِ﮶
فِڪْرَ فَرَهِيْ هَٿَم﮼ مَاٽِ مُطَالِعُ ڪَنِ﮶
پَنُوْ سُوْ پَرَنِ جِهْمَا پَسَنِ پِرْيَکٖيْ﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
जनि खे दौरु दरद जो। सबक़ु सूर पड़हनि।
फ़िकर फ़रही हथ में। माठि मुतालिउ कनि।
पनू सो पड़हनि। जिंहिँ मां पसनि प्रींअ खे॥
ROMAN SINDHI
Jin khe dor'u dard'a jo, sabaQ'u soor'a parrhan,
Fikar'a farahee hath'a me, mathh mutali'u kan,
Panoo so parrhan, jenhn maan passan pireen'a khe.
TRANSLATIONS
Those persons who suffer from constant pain of separation, console themselves by reciting the relevant covenant (with Allah). They bear the tablet (of the enquiry of Allah from their souls and the latter’s reply to Him) in their mind and they ponder over it in silence. They are busy reading only that page or part of it which leads them to union with Allah.
عاشقان را شد مدرس حسِ دوست
(Roomi)
The beauty or the sight of the Beloved gave the necessary tuition to the lover
In their hearts sufferings' lesson they repeat,
Contemplation's slate in hand, in silence they read,
that page alone they peruse wherein Lord is revealed.
الذين يذاكرون درس الم قلوبهم.
هم يدرسون ويقرؤون درس الألم.
فى أيديهم لوحة الفكرة هم يذاكرون الصمت.
هم يقرؤون الأوراق يرون فيها الحبيب.
شعارِ شایگان ای دوست دورِ درد و درسِ غم
بدست آرند لوحِ فکر، خاموشی مطالع شان
نمی خوانند اوراقِ دگر، بس یک ورق خواندہ
کہ می آید لقای یار از وی در منافع شاں
درد جہناں دے اندر رچیا ، سبق درد دا پڑھدے
ورقے اوہی پڑھدے گڑھدے، جِتھے سجن دِسدا
لب سراسر سکوتِ بے پایاں دل ہی دل میں کسی کا ذکر بھی ہے
صرف دکھ درد کی کتاب نہیں ان کے حصے میں لوحِ فکر بھی ہے
دور کریں جو درد کا، دُکھ کا پڑہیں سبق،
فکر کی تختی ہاتھ میں لے کر، جھپکیں چُپ میں پلک،
پلٹیں وہ ہی ورق، جس میں دیکھیں ساجن کو۔
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) اَلُ اَلِيندي ڪيتِرو، ڪاتِبَ ٿا…
- (بيت) اَکَرَ پَڙِهي اَڀاڳِئا، قاضِي ٿِئَين…
- (بيت) اَکَرُ پَڙُه اَلِفَ جو، وَرَقَ…
- (بيت) اُوڄُون ڪَري عامَ کي، مُنجهايو…
- (بيت) اکَرَ ڇُتي ھيڪَڙي، ٻَھُون جٖي…
- (بيت) تَنُ کُڏِي مَنُ حُجِرو، ڪِيَمِ…
- (بيت) تُون مُنھِنجو آھِين، توکي تَڙي…
- (بيت) تِھَڙا چالِيھا نَہ چالِيھَ، جِھَڙو…
- (بيت) جَنِ ھَٿان ھَڏِ نَہ اُڪِلي،…
- (بيت) جَو مُون پَڙِهئو پاڻَ لَئي،…
- (بيت) جَو مِيمَ مان مَعلُومُ ٿِئي،…
- (بيت) جَي ھَرائِيَين ھِيَين تي، سَندِي…
- (بيت) جِيئَن جِيئَن وَرَقَ وارِيين، تِيئَن…
- (بيت) سا سِٽَ سارِئائُون، اَلِفُ جَنھِن…
- (بيت) سا سِٽَ نَہ سارِينِ اَلِفُ…
- (بيت) سَڀَ ڪَنھِن ڏانھَن سامُهُون، ڪو…
- (بيت) سِسِيءَ ڪَنَ سَڀَ ڪَنھِن، ھِنيَين…
- (بيت) سِٽَ سائِي سارِ، اَلِفُ جَنھِن…
- (بيت) ظاھِرَ ۾ ظانِي، فِڪرَ ساڻُ…
- (بيت) عاشِقُ عَزازِيلُ، ٻِئا مِڙَئِي سَڌَڙِئا،…
- (بيت) مَرَندي سِينءَ مَ مَڃِ، اَکَرُ…
- (بيت) مُلان ڪوھُ مارِين، کارِين کُٿابِيَنِ…
- (بيت) مِيمَ مان مَعلُومُ ٿِئو، تَہ…
- (بيت) وِسَرِئومِ سَبَقُ، پھرِين سِٽَ نَہ…
- (بيت) پوکَ جَا پَڙَهڻَ جِي، ”لا“…
- (بيت) پَني ۾ پيھِي تان تُون…
- (بيت) پَڙِهئا پَڙيجاھُ، سَبَقُ اِنَهِينءَ سُورَ…
- (بيت) پَڙِهئو ٿا پَڙَهنِ، ڪَڙَھنِ ڪِينَ…
- (بيت) پِتو ڦِتو پيٽَ ۾، مُلي…
- (بيت) ٿِئا رَسِيلا رَحمانَ سين، سَڳَرَ…
- (بيت) ڪاتِبَ لِکين جِيئَن، لايو لامُ…
- (بيت) ڪوھُ ٿو ڪاغَذُ ڪورِيين، ويٺو…
- (بيت) ڪَنزَ قُدُورِي ڇَڏِ، سِٽُون پَڙُه…
- (بيت) ڪَنزَ قُدُورِي ڪافِيا، پَنا پَڙِهيَمِ…
- (بيت) ڪِئو مُطالِعُ مُون، ھُو جَو…
- (بيت) ھِڪُ ھَڻي جو ھَٿُ کَڻِي،…
سُر جا ٻيا داستان
رسالي جا ٻيا سُر
ھِن سُر جي راڳ بابت
يمن ڪلياڻ: شاستري سنگيت جو ھڪ راڳ
ٺاٺ: ڪلياڻ
سُرن جي بيھڪ:
آروھا: ني، ري، گا، ما، پا، ما، ڌا، ني، سا
آوروھا: سا، ني، ڌا، پا، ما، گا، ري، سا
ھن راڳ جو وادي سر ”گا“ ۽ سموادي سر ”ني“ آھي.
(ھن راڳ جا سڀ سر تيور ۾ آھن)
