Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
- سُر يمن ڪلياڻ جَي پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ جو بيت
اَکَرُ پَڙُه اَلِفَ جو، وَرَقَ سَڀَ وِسارِ،
اَندَرَ کي اُجارِ، پَنا پَڙَهندين ڪيتِرا.
رسالن ۾ موجودگي: 79 سيڪڙو
سمجهاڻي
تون فقط (الله جو) پھريون اکر الف پڙهي پختو ڪر (الله جي نالي جو ورد ڪر) ۽ ٻيا سڀ ورق وساري ڇڏ. تون پنھنجي اندر کي (غير الله کان) صاف ۽ اُجرو رک (غير جو گمان بہ اچڻ نہ ڏي)، باقي ڪتابن مٿان ڪتاب ڪيترا پڙهي ڪيترا پڙهندين!
[مثنويءَ ۾ ان حقيقت طرف هن ريت اشارو ڪيو ويو آهي:
دفتر صوفي سواد و حرف نيست،
جز دل اسپيد و برف نيست.
(فتر دوم،ب-159)
معنيٰ: صوفيءَ جو دفتر (ڪتاب) مس ۽ اکرن وارو ڪونهي، هن جي دل سفيد برف جھڙي اڇي آهي. هڪ ٻئي شعر ۾ رومي هيئن چيو آهي:
خويش را صافي کن از اوصاف خود،
تا بہ بيني ذات پاک صاف خود.
(دفتر اول، ب- 3260)
معنيٰ: تون پاڻ کي پنھنجن (غير ضروري) وصفن کان ڌوئي صاف ڪر، تہ پنھنجي اصلي صاف صورت کي ڏسي سگهين.]
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود ڪلياڻ و جمن، بيت نمبر : 1043
اَکَرَ پَرُ اَلِفَ جُوْ وَرَقَ سَڀِ وِسَارِ﮶
اَندَّرَ کٖيْ اُجَارِ پَنَا پَرَدِہْ ڪٖيْتِرَا﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
अखरु पड़ुहु अलिफ़ जो। वरक़ सभि विसारि।
अंदर खे उजारि। पना पड़हंदें केतिरा॥
ROMAN SINDHI
Akhar'u parrh'u alif'a jo, warQ'a sabh'a wisaar,
Andar khe ujaar, pana parrahnden ketra.
TRANSLATIONS
Confine yourself to the study of Alif and forget all else. You should purge your mind of all unholy and unchaste thoughts and keep it clean like a mirror. So long you do not do it, it is useless to read and pass over pages.
دل گفت کہ مرا علم لدنی ہوس است،
تعلیم بکن اگر ترا دسترس است،
گفتم کہ الف، گفت دگر، ہیچ مگو،
درخانہ اگر کس ست یک حرف بست است۔
(Khayam)
My heart desired to know the mystic love,
It bade me teach it, as if I know more;
I said ‘Alif’; cried heart: stop further speech,
If there is wit, the word will eat the core
Note: In this verse the poet does not preach the denial of education, which is very much favoured in Islam. What he exhorts is that we should concentrate on the knowledge of Allah and His approved religion, whose study will certainly please Him and simultaneously benefit us.
TRADITION: Pursuit of knowledge is the incumbent duty of every muslim, man and woman; and so you must seek it even though it were in China.
Peruse letter Alif alone, forget rest of page,
Turn not leaves, brighten your inner self.
Read the letter A, forget all other pages,
Cleanse your heart, how long can you read pages after pages.
إقرأ حرفا واحدا فقط “الالف” وإنس وإمح كل الأوراق الأخرى .
نظف ونق قلبك من الأوساخ كم تقرأ الأوراق؟
بخوان حرفِ الف اول، دگر اوراق ضایع دان
کہ اینست ابتدای علم، ایں ہم انتھای علم
جلای دہ بہ جانِ خود، کہ تایابی ولای خود
مخوان اوراق چندین، نہ یابی ماجرای علم
اکھر پڑھ الف دا، ورقے سبھ وسار
اندر توں اُسار، پنّے پڑھسیں کیترے
اکو پڑھیں الف اللہ دا دل اپنا روشناویں
بہتا پڑھیا کم نا آوے، کیوں ورقے الٹاویں
وہی لوگ کہلائے روشن سواد
الف کے سوا کچھ نہیں جن کو یاد
حرف تو پڑھ لے الف کا سائیں! دوجے ورق بِسار،
اپنے من کو اُجار، کیا کیا ورق پڑھے گا۔
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) اَلُ اَلِيندي ڪيتِرو، ڪاتِبَ ٿا…
- (بيت) اَکَرَ پَڙِهي اَڀاڳِئا، قاضِي ٿِئَين…
- (بيت) اُوڄُون ڪَري عامَ کي، مُنجهايو…
- (بيت) اکَرَ ڇُتي ھيڪَڙي، ٻَھُون جٖي…
- (بيت) تَنُ کُڏِي مَنُ حُجِرو، ڪِيَمِ…
- (بيت) تُون مُنھِنجو آھِين، توکي تَڙي…
- (بيت) تِھَڙا چالِيھا نَہ چالِيھَ، جِھَڙو…
- (بيت) جَنِ ھَٿان ھَڏِ نَہ اُڪِلي،…
- (بيت) جَو مُون پَڙِهئو پاڻَ لَئي،…
- (بيت) جَو مِيمَ مان مَعلُومُ ٿِئي،…
- (بيت) جَي ھَرائِيَين ھِيَين تي، سَندِي…
- (بيت) جِنِ کي دَورُ دَردَ جو،…
- (بيت) جِيئَن جِيئَن وَرَقَ وارِيين، تِيئَن…
- (بيت) سا سِٽَ سارِئائُون، اَلِفُ جَنھِن…
- (بيت) سا سِٽَ نَہ سارِينِ اَلِفُ…
- (بيت) سَڀَ ڪَنھِن ڏانھَن سامُهُون، ڪو…
- (بيت) سِسِيءَ ڪَنَ سَڀَ ڪَنھِن، ھِنيَين…
- (بيت) سِٽَ سائِي سارِ، اَلِفُ جَنھِن…
- (بيت) ظاھِرَ ۾ ظانِي، فِڪرَ ساڻُ…
- (بيت) عاشِقُ عَزازِيلُ، ٻِئا مِڙَئِي سَڌَڙِئا،…
- (بيت) مَرَندي سِينءَ مَ مَڃِ، اَکَرُ…
- (بيت) مُلان ڪوھُ مارِين، کارِين کُٿابِيَنِ…
- (بيت) مِيمَ مان مَعلُومُ ٿِئو، تَہ…
- (بيت) وِسَرِئومِ سَبَقُ، پھرِين سِٽَ نَہ…
- (بيت) پوکَ جَا پَڙَهڻَ جِي، ”لا“…
- (بيت) پَني ۾ پيھِي تان تُون…
- (بيت) پَڙِهئا پَڙيجاھُ، سَبَقُ اِنَهِينءَ سُورَ…
- (بيت) پَڙِهئو ٿا پَڙَهنِ، ڪَڙَھنِ ڪِينَ…
- (بيت) پِتو ڦِتو پيٽَ ۾، مُلي…
- (بيت) ٿِئا رَسِيلا رَحمانَ سين، سَڳَرَ…
- (بيت) ڪاتِبَ لِکين جِيئَن، لايو لامُ…
- (بيت) ڪوھُ ٿو ڪاغَذُ ڪورِيين، ويٺو…
- (بيت) ڪَنزَ قُدُورِي ڇَڏِ، سِٽُون پَڙُه…
- (بيت) ڪَنزَ قُدُورِي ڪافِيا، پَنا پَڙِهيَمِ…
- (بيت) ڪِئو مُطالِعُ مُون، ھُو جَو…
- (بيت) ھِڪُ ھَڻي جو ھَٿُ کَڻِي،…
سُر جا ٻيا داستان
رسالي جا ٻيا سُر
ھِن سُر جي راڳ بابت
يمن ڪلياڻ: شاستري سنگيت جو ھڪ راڳ
ٺاٺ: ڪلياڻ
سُرن جي بيھڪ:
آروھا: ني، ري، گا، ما، پا، ما، ڌا، ني، سا
آوروھا: سا، ني، ڌا، پا، ما، گا، ري، سا
ھن راڳ جو وادي سر ”گا“ ۽ سموادي سر ”ني“ آھي.
(ھن راڳ جا سڀ سر تيور ۾ آھن)
