Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
- سُر يمن ڪلياڻ جَي پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ جو بيت
ھِڪُ ھَڻي جو ھَٿُ کَڻِي، ٻِئو جو جَهلي گَهاءُ،
اِنِهِيءَ سُورَ سَماءُ، آھي ٻِنِ ڄَڻَنِ کي.
رسالن ۾ موجودگي: 15 سيڪڙو
سمجهاڻي
هڪ اُهو محبوب جيڪو ٻانھن اُلاري زورائتو ڌڪ ٿو هڻي ۽ ٻيو عاشق جيڪو سامهون اهو گهائيندڙ ڌڪ ٿو سهي. انهيءَ گهاءَ (ڪيفيت) جي پوري خبر رڳو انهن ٻن ڄڻن کي ئي آهي.
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود ڪلياڻ و جمن، بيت نمبر : 1223
هِڪُ هَنٖيْ جُوْ هَٿُ کَنِيْ ٻِئُوْ جُوْ ڄَلٖيْ کَاءُ﮶
اِنَهٍ سُوْرَ سَمَاءُ اٰهٖيْ ٻِنِ ڃَنَنِکٖيْ﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
हिकु हणे जो हथु खणी। बि॒ओ जो झले घाउ।
इनिहीअ सूर समाउ। आहे बि॒नि ज॒णनि खे॥
ROMAN SINDHI
Hik'u hanne jo hath'u khanni, Biyo jo Jhale ghaa'u,
Inhee'a soor'a samaa'u, Aahe Bin Jhhannan khe.
TRANSLATIONS
یکی از دست خود زد، دیگر ازوی گشت آزردہ
زدن آزدہ کردن رسم استبداد می باشد
از ین سرِّنہان واقف ہمی مانند این ہردو،
سوم بر صلح اگر آید، عدم بیداد می باشد.
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) اَلُ اَلِيندي ڪيتِرو، ڪاتِبَ ٿا…
- (بيت) اَکَرَ پَڙِهي اَڀاڳِئا، قاضِي ٿِئَين…
- (بيت) اَکَرُ پَڙُه اَلِفَ جو، وَرَقَ…
- (بيت) اُوڄُون ڪَري عامَ کي، مُنجهايو…
- (بيت) اکَرَ ڇُتي ھيڪَڙي، ٻَھُون جٖي…
- (بيت) تَنُ کُڏِي مَنُ حُجِرو، ڪِيَمِ…
- (بيت) تُون مُنھِنجو آھِين، توکي تَڙي…
- (بيت) تِھَڙا چالِيھا نَہ چالِيھَ، جِھَڙو…
- (بيت) جَنِ ھَٿان ھَڏِ نَہ اُڪِلي،…
- (بيت) جَو مُون پَڙِهئو پاڻَ لَئي،…
- (بيت) جَو مِيمَ مان مَعلُومُ ٿِئي،…
- (بيت) جَي ھَرائِيَين ھِيَين تي، سَندِي…
- (بيت) جِنِ کي دَورُ دَردَ جو،…
- (بيت) جِيئَن جِيئَن وَرَقَ وارِيين، تِيئَن…
- (بيت) سا سِٽَ سارِئائُون، اَلِفُ جَنھِن…
- (بيت) سا سِٽَ نَہ سارِينِ اَلِفُ…
- (بيت) سَڀَ ڪَنھِن ڏانھَن سامُهُون، ڪو…
- (بيت) سِسِيءَ ڪَنَ سَڀَ ڪَنھِن، ھِنيَين…
- (بيت) سِٽَ سائِي سارِ، اَلِفُ جَنھِن…
- (بيت) ظاھِرَ ۾ ظانِي، فِڪرَ ساڻُ…
- (بيت) عاشِقُ عَزازِيلُ، ٻِئا مِڙَئِي سَڌَڙِئا،…
- (بيت) مَرَندي سِينءَ مَ مَڃِ، اَکَرُ…
- (بيت) مُلان ڪوھُ مارِين، کارِين کُٿابِيَنِ…
- (بيت) مِيمَ مان مَعلُومُ ٿِئو، تَہ…
- (بيت) وِسَرِئومِ سَبَقُ، پھرِين سِٽَ نَہ…
- (بيت) پوکَ جَا پَڙَهڻَ جِي، ”لا“…
- (بيت) پَني ۾ پيھِي تان تُون…
- (بيت) پَڙِهئا پَڙيجاھُ، سَبَقُ اِنَهِينءَ سُورَ…
- (بيت) پَڙِهئو ٿا پَڙَهنِ، ڪَڙَھنِ ڪِينَ…
- (بيت) پِتو ڦِتو پيٽَ ۾، مُلي…
- (بيت) ٿِئا رَسِيلا رَحمانَ سين، سَڳَرَ…
- (بيت) ڪاتِبَ لِکين جِيئَن، لايو لامُ…
- (بيت) ڪوھُ ٿو ڪاغَذُ ڪورِيين، ويٺو…
- (بيت) ڪَنزَ قُدُورِي ڇَڏِ، سِٽُون پَڙُه…
- (بيت) ڪَنزَ قُدُورِي ڪافِيا، پَنا پَڙِهيَمِ…
- (بيت) ڪِئو مُطالِعُ مُون، ھُو جَو…
سُر جا ٻيا داستان
رسالي جا ٻيا سُر
ھِن سُر جي راڳ بابت
يمن ڪلياڻ: شاستري سنگيت جو ھڪ راڳ
ٺاٺ: ڪلياڻ
سُرن جي بيھڪ:
آروھا: ني، ري، گا، ما، پا، ما، ڌا، ني، سا
آوروھا: سا، ني، ڌا، پا، ما، گا، ري، سا
ھن راڳ جو وادي سر ”گا“ ۽ سموادي سر ”ني“ آھي.
(ھن راڳ جا سڀ سر تيور ۾ آھن)
