Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
- سُر يمن ڪلياڻ جَي پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ جو بيت
ڪَنزَ قُدُورِي ڇَڏِ، سِٽُون پَڙُه ساڃاءِ جُون،
وانءُ تَنِي جي سَڏِ، جَنِي سانگُ نَہ ساھَ جو.
رسالن ۾ موجودگي: 48 سيڪڙو
سمجهاڻي
اهي سٽون پڙه جيڪي ساڃاھ (معرفت) جي واٽ واريون آهن، ”ڪنز“ ۽ ”قدوري“ (فقه جي درسي ڪتابن) کي پڙهڻ ڇڏي ڏي. تون انهن جو سڏ ٻڌي هل ۽ اها واٽ وٺ، جيڪي محبوب خاطر پنھنجو سر ساھ صدقو ڪن ٿا.
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود ڪلياڻ و جمن، بيت نمبر : 1050
ڪَنْزُ قُدُوْرِيْ ڇَڎِ سِٽٌ پَرُ سَاڃَاءِ جِيٌ﮶
وَاءُ تَنٍ جٖيْ سَڎِ جَنٍ سَانکُہ نَسَاهَجُوْ﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
कनज़ क़ुदूरी छडि॒। सिटूं पड़ुहु साञाइ जूं।
वांउ तनी जे सडि॒। जनी सांगु नह साह जो॥
ROMAN SINDHI
Kanz'a Quduri chhaD, sittoon parrh'u sanjaa'e joon,
Waan'u tanee je saD, janee saang'u na saah'a jo.
TRANSLATIONS
Discard the "Kanz" or "Qudoori" (Sharia books) and delve into the verses of awareness. Follow the path of those sages who hold affection not for the material world, (but for the realm of improvement).
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) اَلُ اَلِيندي ڪيتِرو، ڪاتِبَ ٿا…
- (بيت) اَکَرَ پَڙِهي اَڀاڳِئا، قاضِي ٿِئَين…
- (بيت) اَکَرُ پَڙُه اَلِفَ جو، وَرَقَ…
- (بيت) اُوڄُون ڪَري عامَ کي، مُنجهايو…
- (بيت) اکَرَ ڇُتي ھيڪَڙي، ٻَھُون جٖي…
- (بيت) تَنُ کُڏِي مَنُ حُجِرو، ڪِيَمِ…
- (بيت) تُون مُنھِنجو آھِين، توکي تَڙي…
- (بيت) تِھَڙا چالِيھا نَہ چالِيھَ، جِھَڙو…
- (بيت) جَنِ ھَٿان ھَڏِ نَہ اُڪِلي،…
- (بيت) جَو مُون پَڙِهئو پاڻَ لَئي،…
- (بيت) جَو مِيمَ مان مَعلُومُ ٿِئي،…
- (بيت) جَي ھَرائِيَين ھِيَين تي، سَندِي…
- (بيت) جِنِ کي دَورُ دَردَ جو،…
- (بيت) جِيئَن جِيئَن وَرَقَ وارِيين، تِيئَن…
- (بيت) سا سِٽَ سارِئائُون، اَلِفُ جَنھِن…
- (بيت) سا سِٽَ نَہ سارِينِ اَلِفُ…
- (بيت) سَڀَ ڪَنھِن ڏانھَن سامُهُون، ڪو…
- (بيت) سِسِيءَ ڪَنَ سَڀَ ڪَنھِن، ھِنيَين…
- (بيت) سِٽَ سائِي سارِ، اَلِفُ جَنھِن…
- (بيت) ظاھِرَ ۾ ظانِي، فِڪرَ ساڻُ…
- (بيت) عاشِقُ عَزازِيلُ، ٻِئا مِڙَئِي سَڌَڙِئا،…
- (بيت) مَرَندي سِينءَ مَ مَڃِ، اَکَرُ…
- (بيت) مُلان ڪوھُ مارِين، کارِين کُٿابِيَنِ…
- (بيت) مِيمَ مان مَعلُومُ ٿِئو، تَہ…
- (بيت) وِسَرِئومِ سَبَقُ، پھرِين سِٽَ نَہ…
- (بيت) پوکَ جَا پَڙَهڻَ جِي، ”لا“…
- (بيت) پَني ۾ پيھِي تان تُون…
- (بيت) پَڙِهئا پَڙيجاھُ، سَبَقُ اِنَهِينءَ سُورَ…
- (بيت) پَڙِهئو ٿا پَڙَهنِ، ڪَڙَھنِ ڪِينَ…
- (بيت) پِتو ڦِتو پيٽَ ۾، مُلي…
- (بيت) ٿِئا رَسِيلا رَحمانَ سين، سَڳَرَ…
- (بيت) ڪاتِبَ لِکين جِيئَن، لايو لامُ…
- (بيت) ڪوھُ ٿو ڪاغَذُ ڪورِيين، ويٺو…
- (بيت) ڪَنزَ قُدُورِي ڪافِيا، پَنا پَڙِهيَمِ…
- (بيت) ڪِئو مُطالِعُ مُون، ھُو جَو…
- (بيت) ھِڪُ ھَڻي جو ھَٿُ کَڻِي،…
سُر جا ٻيا داستان
رسالي جا ٻيا سُر
ھِن سُر جي راڳ بابت
يمن ڪلياڻ: شاستري سنگيت جو ھڪ راڳ
ٺاٺ: ڪلياڻ
سُرن جي بيھڪ:
آروھا: ني، ري، گا، ما، پا، ما، ڌا، ني، سا
آوروھا: سا، ني، ڌا، پا، ما، گا، ري، سا
ھن راڳ جو وادي سر ”گا“ ۽ سموادي سر ”ني“ آھي.
(ھن راڳ جا سڀ سر تيور ۾ آھن)
