Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
- سُر يمن ڪلياڻ جَي پتنگ ۽ باھ جو بيت
پُڇُ پَتَنگَنِ کي، سَندِيُون کامَڻَ خَبَرُون،
آڻِئو وِجَهنِ آڳِ ۾، جِيءُ پَنھِنجو جٖي،
جيري جَنِي جٖي، لَڳا نيزا نِينھَن جا.
رسالن ۾ موجودگي: 100 سيڪڙو
سمجهاڻي
اي عاشق، تون (عشق جي باھ ۾) جلڻ وارن جو احوال پتنگن کان وڃي معلوم ڪر، جيڪي پاڻ کي سڌو سنئون ٻرندڙ باھ جي حوالي ڪن ٿا. اهي انهن جا جيرا جگر ئي تہ آهن جن کي ڀڙڪندڙ باھ جي اُلن جا تيز نيزا لڳن ٿا. (اهڙن عاشقن کان وڌيڪ ٻيو ڪير توکي اها ڳالهہ سمجهائيندو!).
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود ڪلياڻ و جمن، بيت نمبر : 1103
پُڇُہ پَتَکَنِکٖيْ سَندِيٌ کَامَنَ خَبَرٌ﮶
آَنِئُوْ وِجَنِ آَکِم﮼ جِيُ پَھْجُوْ جٖيْ﮶
ڃٖيْرٖيْ جَنٍ جٖيْ لَـکَا نٖيْزَا نِيْهَ جَا﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
पुछु पतंगनि खे। संदियूं खामण ख़बरूं।
आणिओ विझनि आगि॒ में। जीउ पंहिंजो जे।
जेरे जनी जे। लगा॒ नेज़ा नींहँ जा॥
ROMAN SINDHI
Puchh'u patangan khe, sandiyoon khamann'a khabroon,
Aanniyo wiJhan Aagg me, jee'u panhinjo je,
Jere janee je, lagga neza neenhn ja.
TRANSLATIONS
Enquire from the moths as to what it means to burn. They simply rush and hurtle themselves in the fire. Obviously they have been hit by the spears of love.
در محبت تانہ سوزی بال و پر،
کی شوی ہمرنگ آتش سربسر۔
(Hazrat Bu-Ali Qalandar)
So long you do not burn your feathers (body) in the fire of love, how can you be completely one with fire?
Ask moths the process of burning,
Who throw themselves in fire raging,
Their hearts being with arrows that come whistling.
Come and put of passion' fire, if you are a moth,
Fire has burnt many, you burn the fire's wrath,
Guard the secret,, like and adept put the fire off.
Ask the moths as to what it meant to burn,
They come and plunge in flame,
Their hearts pierced with love-spears.
إسئل أخبار حتراق وإعتلاح من الفراش يتهافت على السراج وتقع على شعلته.
وفى اكبادها رماح العشق مطعونة.
مپرس از من کہ پروانہ چرا بر شمع شد شیدا
و گر پرسی ز پروانہ ہمین حجت روا باشد
کہ چون زخمِ جگر خوردی چرا آتش پذیرفتی
نیاہم دیگری کو این چنین اھلِ وفا باشد
پروانیاں توں پچھو جاکے کیوں اوہ سڑ سڑ مردے
جندڑی اپنی نلا سیکدے لاٹ حوالے کردے
نہوں دے نیزے جگر اونہاں دے ڈونگھے ہوکے کُھنبے
پسند ان کو ہے کیوں سوزِ محبت یہ رازِ عشق پروانوں سے پوچھو
مزا آتا ہے کیا جلنے میں آخر ذرا انِ سوختہ جانوں سے پوچھو
پروانوں سے پوچھے کوئی، جل جانے کا حل،
آگ میں خوش خوش جھونکیں خود کو، جینا ہے جنجال،
کرلے نہیں نڈھال لگے ہیں ایسے عشق کے بھالے۔
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) اَچي اُجهايو آڳِ کي، پَتَنگَنِ…
- (بيت) پَتَنگَ رَءِ رَچَنگَ، آڳِ پَسِي…
- (بيت) پَتَنگَنِ پَھُ ڪَري، اَچِي اُجهائِي…
- (بيت) پَتَنگَنِ پَھُ ڪِئو، مِڙِئا مَٿي…
- (بيت) پَتَنگُ چائِين پاڻَ کي، اَچِي…
- (بيت) پَتَنگُ چائِين پاڻَ کي، پَسي…
- (بيت) پَتَنگُ چائِين پاڻَ کي، ڄيري…
- (بيت) پُرِي پَتَنگَ آئِيا، سائُو سَڀَ…
- (بيت) پُرِي پَتَنگَ آئِيا، سِري سَھائيءَ…
- (بيت) پُرِي پَتَنگَ آئِيا، سِري وَٽِ…
- (بيت) پُرِي پَتَنگَ آئِيا، سِرِي سَھائيءَ…
- (بيت) پُرِي پَتَنگَ آئِيا، سِرِي سَھائيءَ…
- (بيت) پُرِي پَتَنگَ آئِيا، سِرِي سَھائيءَ…
- (بيت) پُرِي پَتَنگَ آئِيا، مَٿي مَچَ…
- (بيت) چَڙِهئو چَڪاسِينِ چاھِ، آڳِ ٻَرَندِيءَ…
- (بيت) کاڻا کُوري وِچَ ۾، وِئا…
سُر جا ٻيا داستان
رسالي جا ٻيا سُر
ھِن سُر جي راڳ بابت
يمن ڪلياڻ: شاستري سنگيت جو ھڪ راڳ
ٺاٺ: ڪلياڻ
سُرن جي بيھڪ:
آروھا: ني، ري، گا، ما، پا، ما، ڌا، ني، سا
آوروھا: سا، ني، ڌا، پا، ما، گا، ري، سا
ھن راڳ جو وادي سر ”گا“ ۽ سموادي سر ”ني“ آھي.
(ھن راڳ جا سڀ سر تيور ۾ آھن)
