Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
- سُر يمن ڪلياڻ جَي پتنگ ۽ باھ جو بيت
پَتَنگُ چائِين پاڻَ کي، ڄيري پَئُہ ڄاڻِي،
تانۡ تانۡ تاڻِجِ تاءَ ڏي، جانۡ آڳِ نَہ اُجهاڻِي،
وِسَھُ وِھاڻِي، آڳِ نَہ ڏِجي عامَ کي.
رسالن ۾ موجودگي: 86 سيڪڙو
سمجهاڻي
جيڪڏهن تون پاڻ کي پروانو ٿو سڏائين تہ پوءِ ڏسي وائسي پاڻ کي ٻرندڙ باھ جي مچ جي حوالي ڪر. تون تيستائين انهيءَ باھ ڏانھن اٽل ارادي سان وڌندو رھ، جيستائين باھ وساڻي نہ آهي. تون اعتبار ڪر رات پوري ٿيڻ واري آهي پر تون (سڄي رات ان ۾ ڪاميابيءَ سان جلڻ وارو) اهو انت (راز) عام ماڻهن تي پڌرو نہ ڪجانءِ!
[مثنويءَ ۾ پڻ عشق جي رازداريءَ بابت گهڻو تاڪيد ملي ٿو.
عاشقاني کز درون خانہ اند
شمع روئي يار را پروانہ اند
(دفتر دوم، ب- 2575)
معنيٰ: جيڪي عاشق (صادق) محفل جي اندر پھتل آهن، سي يار جي شمع جھڙي روشن چھري جا پروانا آهن.]
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود ڪلياڻ و جمن، بيت نمبر : 1104
پَتَنکُہ چَاي﮼ پَانَکٖيْ تَہ ڃٖيْرٖيْ پَىءُ ڃَانِيْ﮶
تَان تَان تَانِجِ تَاءَ ڎٖيْ جَان آَکِہ نَہ اُڄَانِيْ﮶
وِسَهُ وِهَانِيْ آَکِہ نَڎِجٖيْ عَامَکٖيْ﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
पतंगु चाईं पाण खे। जे॒रे पोउ जा॒णी।
तां तां ताणिजि ताअ डे॒। जां आगि॒ न उझाणी।
विसहु विहाणी। आगि॒ न डि॒जे आम खे॥
ROMAN SINDHI
Patang'u chayeen paann'a khe, Jhhere pa'u Jhhannee,
Taan taan taannij taa'a De, jaan Aagg na uJhaannee,
Wisah'u wihaannee, Aagg na Dije Aam'a khe.
TRANSLATIONS
If you call yourself a moth, put yourself deliberately in fire. Continue to proceed to the centre of the fire till your own fire of love gets extinguished through death and reunion with the Beloved. (The life is short and be sure that) it will soon terminate. Till then do not give out the secret of love to others.
If you claim to be a moth, throw yourself willfully in flame,
Drive on to flame till it is put out,
It will surely go out, let no commoner know about it.
جے پروانا جانے آپو کُدیں لاٹ چ آئے
سڑدا رھیں ایس دے اندر جد تک بُجھ نا جائے
راز عشق دا کسے نا دسیں - مونہہ سدا بند رکھیں
اگر تم بھی ہو پروانوں میں شامل تو اِن شعلوں میں آکر کود جائو
جلو اس آگ میں جب تک ہے جینا لگی اپنی نہ غیروں کو دکھائو
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) اَچي اُجهايو آڳِ کي، پَتَنگَنِ…
- (بيت) پَتَنگَ رَءِ رَچَنگَ، آڳِ پَسِي…
- (بيت) پَتَنگَنِ پَھُ ڪَري، اَچِي اُجهائِي…
- (بيت) پَتَنگَنِ پَھُ ڪِئو، مِڙِئا مَٿي…
- (بيت) پَتَنگُ چائِين پاڻَ کي، اَچِي…
- (بيت) پَتَنگُ چائِين پاڻَ کي، پَسي…
- (بيت) پُرِي پَتَنگَ آئِيا، سائُو سَڀَ…
- (بيت) پُرِي پَتَنگَ آئِيا، سِري سَھائيءَ…
- (بيت) پُرِي پَتَنگَ آئِيا، سِري وَٽِ…
- (بيت) پُرِي پَتَنگَ آئِيا، سِرِي سَھائيءَ…
- (بيت) پُرِي پَتَنگَ آئِيا، سِرِي سَھائيءَ…
- (بيت) پُرِي پَتَنگَ آئِيا، سِرِي سَھائيءَ…
- (بيت) پُرِي پَتَنگَ آئِيا، مَٿي مَچَ…
- (بيت) پُڇُ پَتَنگَنِ کي، سَندِيُون کامَڻَ…
- (بيت) چَڙِهئو چَڪاسِينِ چاھِ، آڳِ ٻَرَندِيءَ…
- (بيت) کاڻا کُوري وِچَ ۾، وِئا…
سُر جا ٻيا داستان
رسالي جا ٻيا سُر
ھِن سُر جي راڳ بابت
يمن ڪلياڻ: شاستري سنگيت جو ھڪ راڳ
ٺاٺ: ڪلياڻ
سُرن جي بيھڪ:
آروھا: ني، ري، گا، ما، پا، ما، ڌا، ني، سا
آوروھا: سا، ني، ڌا، پا، ما، گا، ري، سا
ھن راڳ جو وادي سر ”گا“ ۽ سموادي سر ”ني“ آھي.
(ھن راڳ جا سڀ سر تيور ۾ آھن)
