پَنو بابت
معنيٰ
ڪاڳر، ڪاغذ. ڪتاب جو ورق.
A sheet of paper, the leaf of a book, in plu. paper generally. A farm, generally of a free land term now nearly obsolete. Solder. An emerald.
بيتن ۽ وائين ۾
- جِنِ کي دَورُ دَردَ جو، سَبَقُ سُورَ پَڙَهنِ، فِڪرَ فَرَھِي ھَٿَ ۾، ماٺِ مُطالِعُ ڪَنِ، پَنو سو پَڙَهنِ، جَنھِن مان…[ سُر يمن ڪلياڻ - پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ ]
- وَڃِي وَڃِي ٿِيندِياسِ ويجهِي ويجهِي، پَسَڻَ ڪارَڻِ پِرِينءَ جي وو، آڏا ڏُونگَرَ لَڪِيُون، موٽِجِ مُحِبَ مِجيجِي وو مِجيجِي، پُڇان واٽَ…[ سُر آبڙي - وايون ]
- ھَلَڻُ سَھان نَہ ھوتَ جو، وَڃَڻُ مُون نَہ وَسِ، اللهَ آرِيچَنِ جِي، گولِي ميڙِيين گَسِ، پِرِين پَنوَھارَ پُڇان تو، ڏُونگِريا…[ سُر ڪوھياري - لاچارگي ۽ ساھس ]
- ڳاڙھا ڳَنَ ڪُھاڙِيين، لاکِيُون لويُون جَنِ، ميڙي رَتِيُون مَڃُرَ مان، پاڳُون پَنوَھارَنِ، تُون ڪِيئَن سَندِيُون تَنِ جَهنگان آڻِئو جَهِليين.[ سُر مارئي - مارُن جو حال ]
- ڍيٻَرَ ڪَتَنِ ڍيريُون، ڏاسَ جَنِي ڏاجو، پِيَنِ پِسُ پَنوَھارِيُون، تَڙَنِ تي تازو، اللهَ ڪَرِ آجو، مُلڪُ مارُوءَ ڄامَ جو.[ سُر مارئي - مارُن جو حال ]
- جَهڻِ پِيَڻُ جَهنگَلِ رَھَڻُ، مارُو ٺاھِينِ مَڏَ، پاڻِيءَ ويلَ پَنوھارِيُون، سَرَتِيُون ڪَنِ سَڏَ، ھِتي مُنھِنجا ھَڏَ، رُوحُ پَنھِنجي راڄَ ۾.[ سُر مارئي - مارُن جو حال ]
- قِسمَتَ قَيدُ قَوِي، نَہ تَہ ڪيرَ اَچي ھِنَ ڪوٽَ ۾، لِکِئي آڻي لوحَ کي، ھَنڌُ ڏيکارِئُمِ ھِيءُ، پَرَچي ڪِينَ پَنوَھارَ…[ سُر مارئي - ڪن فيڪون ۽ قيد ]
- تَنِ وَنھِيَنِ ويڙِهيچَنِ کي، رُئان راتو ڏِينھَن، ڪالَهہ پَنوَھارَنِ لَڏِئو، مُون کي چاڙِھي چِيئَن، آئُون جِيئَندِي ڪِيئَن، جُھ اُنِ ٿَرِ…[ سُر مارئي - ڏيھ ڏاڏاڻي جي خبر ]
- مِينڍا ڌوءِ نَہ مارُئِي، پييَسِ پَنوَھارِيُون چِتِ، راڄَ رُئاڙي ھَنجُون ھاري، ھِيءَ ھُتي جِي ھِتِ، آھيسِ پائُرَ پارَ جو، کِجَڻُ…[ سُر مارئي - سَوڙ سمهڻ، مينڍا ڌوئڻ ]
- مِينڍا ڌوءِ نَہ مارُئِي، ٿِيَسِ ڳُڙلُون وارَ، سَتِيءَ سيئِي سارِئا، جٖي پائُرَ جا پَنوَھارَ، عُمَرَ اُنِهُون ڌارَ، مُورِ نَہ وِھي…[ سُر مارئي - سَوڙ سمهڻ، مينڍا ڌوئڻ ]
- سُونھَن وِڃايَمِ سُومَرا، ڪوجهو ٿئمِ ڪَمالُ، وَڃان ڪِيئَن وَطَنَ ڏي، ھِھَڙو وَٺِي حالُ، جَي مُون ڏيِين جَمالُ، تَہ پَسان مُنھُن…[ سُر مارئي - سونھن وڃايم سومرا ]
- سُونھَن وِڃايَمِ سُومَرا، وَطَنِ وَڃان ڪِيئَن، حُسُنَ ڌاران ھِيئَن، پَسان ڪِيئَن پَنوَھارَ کي.[ سُر مارئي - سونھن وڃايم سومرا ]
- سُونھَن وِڃايَمِ سُومَرا، پَسان ڪِيئَن پَنوَھارُ، ڌُڻي جَا ڌَراڙُ، تَنھِن رُوءَ ريءَ رُچڻُ ناھِ ڪو.[ سُر مارئي - سونھن وڃايم سومرا ]
- سُونھَن وِڃايَمِ سُومَرا، ٿيِندِيَس ڪِيئَن قَبُولُ، ڪونِهي سُھَڳَ سُولُ، پُوچي مُنھَن پَنوَھارَ ري.[ سُر مارئي - سونھن وڃايم سومرا ]
- جَهجها ڏيجِ جُھارَ، مُنھِنجا مَلِيرَ ڄائِيين. آسَرَ ڀَرِي آھِيان، پَرچَنِ مانَ پَنوَھارَ، ويڙِھِيُون ۽ وَلَهارَ، ڪِ سُوايا سارِينِ مُون.[ سُر مارئي - سونھن وڃايم سومرا ]
- عُمَرَ ٻَنِ جِيوءِ، کُوءِ مُنھِنجو سُومَرا، جا پَرِ پَنوَھارَنِ جِي، مُون تِيئَن نَہ ڪِئوءِ، وَٺِي مُنھُن ڪِھو، وَڃان وَطَنَ سامُهِين.[ سُر مارئي - بندياڻي واجهائي وطن کي ]
- واجهائي وَطَنَ کي، آئُون جَي ھِتِ مُياسِ، تَہ گورَ مُنھِنجِي سُومَرا، ڪِجِ پَنوَھارَنِ پاسِ، ڏِجِ ڏاڏاڻي ڏيھَ جو، مَنجهان وَلَڙِنِ…[ سُر مارئي - بندياڻي واجهائي وطن کي ]
- ڳِچِيءَ ڳانا لوھَ جا، زيرِيُون ۽ زَنجِيرَ، پيڪَڙا پيرَنِ ۾، ڪوٺِينِ اَندَرِ ڪِيرَ، چاري چوگانَنِ ۾، واھِيَتَ ڪَنِ وَزِيرَ، ڇَنِ…[ سُر مارئي - بندياڻي واجهائي وطن کي ]
- مَنان مارُوئَڙَنِ، ڇَنِ نَہ وييَسي وِسَرِي، قَيدِ ڪِئَڙِيُئِي ڪوٽَ ۾، ڏاڍا سين ڏاڍَنِ، پَلئو پَنوَھارَنِ، سوسُ مُنھِنجو سُومَرا.[ سُر مارئي - بندياڻي واجهائي وطن کي ]
- ويٺو واجهَہ وِجهي ھِنيُون، پَرِ ۾ پَنوَھارَنِ، اَتِ اُڪَنڊِي آھِيان، پائُرِ ۽ پِرِيَنِ، ٻِي نَہ ڪَندِيَسِ ڪَنِ، ويندِيَسِ وَطَنَ سامُھِين.[ سُر مارئي - مارُن ريت، پنھوارن پاٻوھيو ]
- جَي ويجهِي ٿِيان وَرَ کي، تَہ سَڀَاڳوم سَنئُون، نِتُ نِتُ آھِ نَئُون، مُون کي پَسَڻُ پَنوَھارَنِ جو.[ سُر مارئي - مارُن ريت، پنھوارن پاٻوھيو ]
- پَنوَھارَنِ پاٻُوھِيو، وَرِئا واھُوندا، سارِئَمِ سيڻَ سَيِّدُ چئَي، گاڏيلِيُون ۽ گُوندا، ڀَرِ ڀِٽُنِ ھُوندا، ڀُنگا ڀَڙَ ڀَتارَ جا.[ سُر مارئي - مارُن ريت، پنھوارن پاٻوھيو ]
- پَنوَھارَنِ پاٻُوھِيو، ڪِي وَسَ واھُوندَنِ، لَٿو سِيءُ لَطِيفُ چئَي، ٻَڌو ڦَنُ ڦَرَنِ، پائُرِ ڏِنِيُون پُٺِيُون، نَنڍَن نوراپَنِ، عُمَرَ اُنَ اَگُوندَرِي،…[ سُر مارئي - مارُن ريت، پنھوارن پاٻوھيو ]
- پَنوَھارَنِ پاٻُوھِيو، ڪِي واھُوندَنِ وَسَ، عُمَرَ اُنِهينءَ ڏيھَ جا، ڏوٿِيَنِ ڏِنَمِ ڏَسَ، وَلِيُون وَڻَ ڦُلارِئا، لُلِرُ نِڱِئو لَسَ، آڻِئو وِجَهنِ…[ سُر مارئي - مارُن ريت، پنھوارن پاٻوھيو ]
- آئُون ڪِيئَن ڇَڏِيان سُومَرا، تَنِ پَنوَھارَنِ پَچارَ، جَڙَ جَنِي جِي جانِ ۾، لَڳِي ريءَ لُھارَ، ميخُون مَحَبتَ سَندِيُون، ھِينئَڙي مَنجِهہ…[ سُر مارئي - مارُن ريت، پنھوارن پاٻوھيو ]
- پَکِي مَنجِهہ پَرياڻُ، مارُنِ مِڙِي جو ڪِئو، ڪالَهہ پَنوَھارَنِ لَڏِئو، وَرِئو ڪو نَہ وَٽانِ، عُمَرَ اُنِهين ساڻُ، مُنھِنجو وَڃي رُوحُ…[ سُر مارئي - مارُن ريت، پنھوارن پاٻوھيو ]
- پَڪا پَنوَھارَنِ ڏي، ميوا مَڃَرَ مَڪَ، عُمَرَ اَتِ اُڪَنڊِئو، حالُ ھَماري حَقَ، لوئِيءَ ۽ لَڪَ، سَمُنَ سُپِرِيَنِ سين.[ سُر مارئي - مارُن ريت، پنھوارن پاٻوھيو ]
- ماڙِيءَ چَڙِھِي ڏِٺامِ، پَکا پَنوَھارَنِ جا، ھِڪُ اڳيئِي سُهِڻام ٻِئو ويتَر مِينھَن اُٺانِ، ڪِھَڙا ڏوھَ ڪِئامِ، جِيئَن ھُو مَلِيرِ آئُون…[ سُر مارئي - مارُن ريت، پنھوارن پاٻوھيو ]
- ڪاجا پَرِ پَنوَھارَ، ڪَنِ ويڙِھِيچا وَڻَنِ سين، ڪَپِئو ڪُھاڙَنِ سين، ڏارِئو رَکَنِ ڏارَ، تَنِ سُڪَنِ ڪِھَڙِي سارَ، تَہ ڪي اُٺا…[ سُر مارئي - مارُن ريت، پنھوارن پاٻوھيو ]
- پَٽولا پَنوَھارِيُون، مُورِ نَہ مَٿي ڪَنِ، جُھ لاکَ رَچَنِ لوئِيُون، تَہ سالُنِيُون سُونھَنِ، اُنَ ايلاچَنِئا اَڳرِي، بَخمَلَ بافِتَنِ، سَکَرَ ڀانيان…[ سُر مارئي - آڻين چاڙهين، سون برابر سڳڙا ]
- اَرَمَ ھَڏِ نَہ اوڍِيان، پَٽولا پَٽَ چِيرَ، ٻانڌُڻائِي ٻَنِ ڏِيان، اَرغَچَ ۽ عَبِيرَ، مارُوءَ سين ماڻِيان، کَٿِي جِھَڙِي کِيرَ، اَندَرِ…[ سُر مارئي - آڻين چاڙهين، سون برابر سڳڙا ]
- سونَ بَرابَرِ سَڳَڙا، مارُوءَ سَندا مُون، پَٽولا پَنوَھارَ کي، عُمَرَ آڇِ مَ تُون، وَرُ لوئِيءَ لُون، ڏاڏاڻَنِ ڏِنِيامِ جَا.[ سُر مارئي - آڻين چاڙهين، سون برابر سڳڙا ]
- ٿوري قُوتِ قَرارِئا، رَھَنِ سَٻَرَ سَتِ، کَٿِيءَ ۾ کيھَ ڀَڪُلِئا، ڀُڻَنِ اِھَڙِيءَ ڀَتِ، پَنوھارَڪِي پَتِ، پيھِي پُڇُ مَلِيرَ ۾.[ سُر مارئي - آڻين چاڙهين، سون برابر سڳڙا ]
- چُرَنِ چُڻِڪَن چِتَ ۾، گهارِينِ مَٿي گَهٽَ، کِھَ مانڌانُون مَکِڻِي، ڍوئِينِ پاسي ڍَٽَ، پَنوَهارَ ڪي پَکَڙين، وَڃِي ڪَرِيان وَٽَ، ساڻيھَ…[ سُر مارئي - چرن چڻڪن چت ۾ ]
- چُرَنِ چُڻِڪَن چِتَ ۾، هِينئَڙي نِتُ هُرَنِ، لَيْسَ ڪَمِثْلِهِ شَيْءٌ ، پَسَڻُ اِيءُ پِرِيَنِ، پَکا پَنوَهارَنِ، نيئِي اَڏِئا نانھِن ۾.[ سُر مارئي - چرن چڻڪن چت ۾ ]
- اُٺي ٿِي وَراڻِ، کِيئَن واڌايُون آيُون، لَٿِي لَووَرياڙِيين، مِڙَنِي مُنھَن ڪاڻِ، صُلِحُ وارِئو سُومَري، چَيو پَنوَهارَنِ پاڻِ، حَمِيرَنِئُون هاڻِ، مُھتُ…[ سُر مارئي - مارئي ملير جي ستي سيل ]
- ڪَنڊِ لَنگهيندي ڪاڻِ، پييَمِ پَنوَهارَنِ سين، اُتي جِي عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، رُنِي سَڀَ رِهاڻِ، هِنَ هِيڻائيءَ هاڻِ، ڪَنڌُ مَٿاهُون نَه کَڻان.[ سُر مارئي - مارئي ملير جي ستي سيل ]
- هِڪِڙَنِ سان هِڪِيُون ڪَرِيين، ٻِيُون ساڻُ ٻِئَنِ، رَکِئو دَغا دِلِ ۾، ٽِلين ساڻُ ٽِئَنِ، اَڳَ نَہ ڏِٺِي اِهَڙِي، ڪا مَنَھِن…[ سُر مارئي - مارئي ملير جي ستي سيل ]
- سيئِي سارِيان سُومَرا، هُو جي مارُو هُئا مِٽَ، پَسان پَنوَهارَنِ جي سَندا چَونرَنِ چِٽَ، ڪَرِيان وَلَھارِيين وَٽَ، وَڃِي ويڙهِيچَنِ سان.[ سُر مارئي - سيئي سارئان سومرا ]
- ماندِي ٿِيءُ نَہ مارُئِي، وَطَنُ ڪِيمَ وِسارِ، پاهُون وَرُ پَنوهارِ، مَ سَھُہ آرَ عُمَرَ جِي.[ سُر مارئي - سيئي سارئان سومرا ]
- چِيري چِيري چَمُ، لُوڻُ لِڱَنِ لائِيين، مُون ڪُرَ اَڳي نَہ ڪِئو، اِهَڙو ڪوجهو ڪَمُ، جانۡ جانۡ دَعويٰ دَمُ، تانۡ تانۡ…[ سُر مارئي - جيھا جي تيھا ]
- جِيئَن هِتِ لَونگَ لِيارَ، تِيئَن هُتِ ڦوڳَ ڦوٽَنِئُون اڳِرا، سَرَهِي سُڳندِيُنِ کان، پُسِي کِين پَنوهارَ، ماکِيان مِٺا ڀانيان، سَندا ڏنئُرَنِ…[ سُر مارئي - جيھا جي تيھا ]
- ناڙِيُون ڄارِيُون، مُون کي مَنِ مَلِيرَ جُون، سي ڪِيئَن وَڃَنِ وِسِرِي، جي پائُر پَنوَهارِيُون، اُنِهين لَيءِ آرِيُون، هِنيُون ٿو هِتِ…[ سُر مارئي - جيھا جي تيھا ]
- عُمَرَ اَسان جي ڏيھَ ڏي، کَٻَڙِيُون کارِيُون، سي ڪِيئَن وَڃَنِ وِسَري، جي پائُر پَنوَهارِيُون، اُنِهين لاءِ آريُون، مُنھِنجو هِنيُون ٿو…[ سُر مارئي - جيھا جي تيھا ]
- عُمَرَ اَسان جي ڏيھَ ڏي، ڦوڳَنِ ڪِيُون ڦَرِيُون، مُون جيڏِيُون مَلِيرَ ۾، ميڙي مَڪَ وَرِيُون، پَنوهارَنِ پَرِيُون، مُونھان پوءِ مَٽَيُون.[ سُر مارئي - جيھا جي تيھا ]
- آئُون ڪوھُ ڪَرِيان ڪوٽَ کي، مُنھِنجا پِرِين پَنوَھارَ، مُورِ نَہ آڇِيان مَنَ کي، هِندورا ۽ ھارَ، ڀُڻِي ساڻُ ڀَتارَ، پائُرِ…[ سُر مارئي - جيھا جي تيھا ]
- عُمَرُ چاڙِهي اُٺِ تي، پُڄِي نِيو پَنوهارِ، ڏِنُو ڏاڍي بَندَ ۾، سُومَرو سَنگَهارِ، نيئِي ٿَرِ آڳِٽِئو، پُرسُ پَرائِيءَ نارِ، مارُو…[ سُر مارئي - جھ سي لوڙائو ٿئا ]
- مارُو نَہ ميرا، مِٽَ مُنھِنجا سُومَرا، اُٿِئو ڏِينِ اَسُورَ جو، ڀَرِ ڀِٽُنِ ڀيرا، پَنوَهارَنِ پيرا، وِڙُه مَ ويڙِهيچَنِ سين.[ سُر مارئي - جھ سي لوڙائو ٿئا ]
- پَرَ جَهلَ پييَمِ راتِڙِي، ٻِي ٻاٻاڻِنَؤُن ڌارَ، رُنَمِ راتِ رَتَ ڦُڙا، نائي نيڻنِ نار، ويچارا پَنوَهارَ، ڏٺِي مُون ڏِينھَن ٿِئا.[ سُر مارئي - سارئان ۽ چڪن چاڪ ]
- ٿَرَنِ ٿيلِهِيِ نَہ مَران، مُون مارُو مَ ٿيلِهِينِ، پَتِ ڀَريِي پَنوَهارَ جا، مَرُ ٿِيُون ڏُنگَها ڏِينِ، اَمُرُ جي نَہ مَڃِيينِ،…[ سُر مارئي - سارئان ۽ چڪن چاڪ ]
- مَٿي ٿَرَ رَهِي، وِئا گُذاري جيڏِيُون، ڪَڏِهِين ڪو نَہ آيو، پَنوَهارَنِ پَھِي، وِئَڙا سي وَهِي، جَنَبُ گُذارِئُمِ جَنِ سين.[ سُر مارئي - سارئان ۽ چڪن چاڪ ]
- اَڳَ نَہ آئين ڪَڏِهِين، پَکَي مُون پيھِي، عُمرَ ڏِٺي تُنھِنجي، ڏَڪي ٿِي ڏيھِي، نَڄاڻان ڪيھِي، ڪَندين پَرِ پَنوَهارِ سين.[ سُر مارئي - پائران پيھي آيا ]
- کَٿِيءَ مَنجِهہ کَٽِيائِين، لوئِيءَ ۾ لَڌائِين، مارُو ڄامُ مَلِيرَ جو، پَرَچِي پَنوَهارَنِ سين، لوئِي ڏيجُ لَڌائِين، سِيلُ نِباهِيين سُومَرا، پَنھِنجو…[ سُر مارئي - پائران پيھي آيا ]
- پانڌِي پِرِينءَ پَنوَهارَ کي، چَيُمِ تِيئَن چَئيجِ، سَندا سَنگَتِ ڏِينھَڙا، وَرَ مَ وِساريجِ، ڪوٺِيَنِ ڪُٺِي آھِيان، سِگِهي سارَ لَھيجِ، مُٺِ…[ سُر مارئي - مَ رو، پانڌي پرين پنھوار ]
- پانڌِي پِرِينءَ پَنوَهارَ جا، ڏِجِ نِياپا نَي ڪي، ساري ڏيجِ سَرَتِيُنِ، يادِ پَوَنِئِي جيڪي، وَلِيُون وَڻَ ڦُلارِئا، ڪِرِڙَ پَڪا ڪي…[ سُر مارئي - مَ رو، پانڌي پرين پنھوار ]
- پانڌِي پِرِينءَ پَنوَهارَ کي، چَئِجِ چِتائي، مَٿو آن جي آسِري، مُون ڌوتو نَہ آهي، کائُرِ جَنِ کانئي، هِنيُون هولَنِ ڇڏِئو.[ سُر مارئي - مَ رو، پانڌي پرين پنھوار ]
- پانڌِي پِرِينءَ پَنوَهارَ کي، چَئجِ حَقِيقَتَ هيءَ، ڪَرَ نَہ لَڌانوَ ڪَڏِهِين، هُيَس ڌارِين ڌِيءَ، اَمَڙِ کي تُون اِيءَ، ڳالِهہ سُڻائيجِ…[ سُر مارئي - مَ رو، پانڌي پرين پنھوار ]
- پانڌِي پِرِينءَ پَنوَهارَ جا، جانۡ ٿو وَڃين وَسَ، ساري ڏيجِ سَرَتِيين، سَلامَنِ سَھسَ، آئُون اَوهان جِي آھِيان، گولِي مَٿي گَسِ،…[ سُر مارئي - مَ رو، پانڌي پرين پنھوار ]
- پانڌِي پِرِينءَ پَنوَهارَ کي، ساري ڏيجِ سَلامَ، سِيلُ نَه ڀَڳو سُومَري، مَٿِسِ ناھِ مَلامَ، سَندي اُمَتَ ڄامَ، رِکئو پَنُ پَنوَهارِ…[ سُر مارئي - مَ رو، پانڌي پرين پنھوار ]
- پانڌِي پِرِينءَ پَنوهارَ سين، روئِي ڪِجِ رِهاڻِ، جِيئَن ٿَرِ وِڄُون اُٺِيُون، آئُون تِيئَن سُورَنِ ساڻِ، ڪِجاھُ ڪا وَراڻِ، ڏُکَنِ ڏِيلُ…[ سُر مارئي - مَ رو، پانڌي پرين پنھوار ]
- پانڌِي پِرِينءَ پَنوَهارَ کي، چَئِجِ جورِ هَڻِي جانا، پَيڪَڙا پيرَنِ ۾، ڪَرايُنِ ڪانا، آن ريءَ اَمانا گَهنگهَرُ گهارِيان ڏِينھَڙا.[ سُر مارئي - مَ رو، پانڌي پرين پنھوار ]
- پانڌِي پِرِينءَ پَنوَهارَ جو، مُون وَٽِ ڪو آيو، اُٺا مِينھَن مَلِيرَ ۾، ٿِئو سَڀَ ڏيھُ سَوائو، ٻاجَهرِ پَڪِي ٻاجَهہ ٿِي،…[ سُر مارئي - مَ رو، پانڌي پرين پنھوار ]
- دَرَ دَرِوازا دَرِيُون، هاڻي هِتي هُوءِ، ڪوڙيِين مَنڊِئا ڪيتِرا، تَنبُو مَٿان تُو، جي مُلِ نَہ آئِيا مارُئِي، تَنِي رَڙُ مَ…[ سُر مارئي - مَ رو، پانڌي پرين پنھوار ]
- مَ ڪِي رو مَ رَڙُ ڪِي، مَ ڪِي هَنجُون هارِ، تو تان بَندُ بِدا ٿِئو، ٻيڙِيُونۡ نيئِي ٻارِ، پَھچَندِيئَن پَنوَهارِ،…[ سُر مارئي - مَ رو، پانڌي پرين پنھوار ]
- مَ ڪِي رو مَ رَڙُ ڪِي، هَنجُون هَڏِ مَ هارِ، جِھَڙا اَچَنِ ڏِينھَڙا، تِھَڙا ويٺِي گهارِ، ڏُکَنِ پُٺِيِءَ سُکَڙا، سِگها…[ سُر مارئي - مَ رو، پانڌي پرين پنھوار ]
- هَي هَنڌَ هَي ڀيڻِيُون، هيءَ پَنوَهارَنِ پَچارَ، چُوها چَندَنَ چِڪَ ڪِئو، واسِئو ويڙِهِئائُون وارَ، سانبِيَڙا سَنگَهار، اُٺي وِئا اُڪِرِي.[ سُر مارئي - ھنڌ، ڀيڻيون، ڀنگا ]
- هَي هَنڌَ، هَي ڀيڻِيُون، هَي پَنوَهارَنِ پُورَ، چارِيا ٿي چُوڙيرِيين، وَرَنِ ۾ وَهَلُورَ، سي هَنڌَ پَسِي سُومَرا، سامُھان ٿِئَڙَمِ سُورَ،…[ سُر مارئي - ھنڌ، ڀيڻيون، ڀنگا ]
- زُمَرِ زُخرُفِ سُومَرا، حَمدُ جَنِي جو ھَنڌُ، اهْدِنَا الصِّرَاطَ الْمُسْتَقِيمَ ، اِيءُ پَنوَهارَنِ پَنڌُ، بارِي لاهِيين بَندُ، تَہ مِلان مارُوئَڙَنِ…[ سُر مارئي - زمر زخرف سومرا ]
- زُمَرِ زُخرُفِ سُومَرا، مارُو مُون مَھِندارُ، أُولَئِڪَ أَصْحَابُ الْجَنَّةِ ، ماڳَ سَندَنِ موچارَ، وَّسَقَاهُـمْ رَبُّهُـمْ شَرَابًا طَهُوْرًا ، ٿا پِيَنِ…[ سُر مارئي - زمر زخرف سومرا ]
- فاتِحَه بَقَرَة سُومَرا، وَطَنُ ويڙِهيچَنِ، نَحل حِجرِ بَنِي اسِرائِيل، اِي پَنڌُ پَنوَهارَنِ، سَجدَہ اَحزابِ سَبا، مَنجِهين رُوم رَهَنِ، نيئِي اَڏِئا…[ سُر مارئي - زمر زخرف سومرا ]
- توبَه جَنِ جي تَنَ ۾، نَملِ نِھارِينِ، قُل يا قَد سَمِع جاثِيه، هِنيون دُخانِ پاسِ ڌَرِينِ، تَبارَڪ تَبَتِ اِذا جا…[ سُر مارئي - زمر زخرف سومرا ]
- پَرچَنِ شالَ پَنوَھارَ، ڍولا مارُو مُون سين، پائي آيَسِ پاندَ ۾، اَوَڳُڻَ عَيبَ اَپارَ، مُون مُورائِين مَدِيُون، آھِين سيڻَ سَتارَ،…[ سُر مارئي - وايون ]
- مَنجِهہ رَھِي مَلِيرَ، مُون تان ڪوھُ ڪِئو، مُون تان ڪِينَ ڪِئو، مُون ھَٿان مُنھِنجا ڌَڻِي، سَھِسين ٿِئا صَغِيرَ، پَکَي مَنجِهہ…[ سُر مارئي - وايون ]
- جِتي مارُو تِتي پانڌِي اَلو! عُمَرَ او اِيندو، پُڇان ڪوءِ عُمَرَ مِيان ويندو پُڇان لوءِ، پَنڌان کارِئو پَھِيڙا، ڪِي جو…[ سُر مارئي - وايون ]
- مُنھِنجو مَنُ ماروءَ ڏِٺَڙي رَچي. اِلاهِي عِنايَتَ سين، سِيلُ نِباهِئو سَچي، کَنڊون کائِي کِيرَ سين، مارُوءَ ريءَ ڪِيئَنِ مَچي، مَٿي…[ سُر مارئي - وايون ]
- مِينڍي ۾ مَرَجانُ، ڪِينَ پَنوَهارِيُون پائِينديُون، مُون جيڏِيُون مَلِيرَ ۾، ڪَنِ سانئَين جو سامانُ، ڪوھُ ڪَرِيان آئُون کَٽُنِ کي، مِٽِي…[ سُر مارئي - وايون ]
- سا ڪِيئَن لاهِيان لوئِي، جا پَھرِئَمِ پَنوَهارَنِ سين، مِٽِي جا مَلِيرَ جي، مَرُ مِينڍي ۾ هوئِي، واسي وارَ نَہ ويڙِهِيان،…[ سُر مارئي - وايون ]