Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
- سُر مارئي جَي مَ رو، پانڌي پرين پنھوار جو بيت
پانڌِي پِرِينءَ پَنوَهارَ جو، مُون وَٽِ ڪو آيو،
اُٺا مِينھَن مَلِيرَ ۾، ٿِئو سَڀَ ڏيھُ سَوائو،
ٻاجَهرِ پَڪِي ٻاجَهہ ٿِي، لَٿو ڏولائو،
جو سَرَتِنِ ساڃائو سو هِينئَڙو هِتِ نَہ وِندُري.
رسالن ۾ موجودگي: 55 سيڪڙو
سمجهاڻي
(مارئي ٿي چوي) مون وٽ پنھنجن پهنوارن وٽان قاصد هي تازو نياپو کڻي آيو آهي. ’ملير ۾ گهڻا مينھن اُٺا آهن ۽ سڄو ملڪ سائو ۽ خوشحال ٿي پيو آهي. ٿر ۾ ٻاجهريون پچي تيار ٿي ويون آهن، جنھن ڪري ڏڪار بلڪل ختم ٿي ويو آهي، (اهي خبرون ٻڌي مارئي ٿي چوي) منھنجي دل جيڪا سرتين سان گهڻي گهري آهي، انهن کان سواءِ هڪ پَل بہ هِتي سک ۽ چين ۾ ناهي.
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود مارُئي، بيت نمبر : 3264
پَانڌِيْ پِرْيَ پَهَارَ جُوْ مُنْ وَٽِ ڪُوْ آَئُوْ﮶
اُٽَا مِيْهَ مَلِيْرَ م﮼ ٿِئُوْ سَڀُ ڎٖيْهُ سَوَائُوْ﮶
بَاجَرِ پَڪِيْ بَاڄَ ٿِيْ لَٿُوْ ڎُوْلَائُوْ﮶
جُرْ سَرَتِنِ سَاڃَائُوْ سُوْ هِيَرُوْ هِةِ نَوَندُّرٖيْ﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
पांधी पिरींअ पंवहार जो। मूं वटि को आयो।
उठआ मींहं मलीर में। थिओ सभि डे॒हु सवाओ।
बा॒झरि पकी बा॒झ थी। लथो डो॒लाओ।
जो सरतिनि साञाओ। सो हींअड़ो हिति न विंदुरे॥
ROMAN SINDHI
paandhi pireen'a Panwahaar'a jo, moo'n watt'ay ko aayo,
uthhaaa meenh'a Maleer'a mayn, thi'o sabh'a ddeh'u sawaa'o,
Baajhar'ay paki Baajh'a thi, latho ddolaa'o,
jo saratin'ay saanjaa'o so heen'arro hit'ay na winduray.
TRANSLATIONS
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) دَرَ دَرِوازا دَرِيُون، هاڻي هِتي…
- (بيت) مَ ڪِي رو مَ رَڙُ…
- (بيت) مَ ڪِي رو مَ رَڙُ…
- (بيت) مَ ڪِي رو مَ رَڙُ…
- (بيت) مَ ڪِي رو، مَ رَڙُ…
- (بيت) پانڌِي پِرِينءَ پَنوهارَ سين، روئِي…
- (بيت) پانڌِي پِرِينءَ پَنوَهارَ جا، جانۡ…
- (بيت) پانڌِي پِرِينءَ پَنوَهارَ جا، ڏِجِ…
- (بيت) پانڌِي پِرِينءَ پَنوَهارَ کي، ساري…
- (بيت) پانڌِي پِرِينءَ پَنوَهارَ کي، چَئجِ…
- (بيت) پانڌِي پِرِينءَ پَنوَهارَ کي، چَئِجِ…
- (بيت) پانڌِي پِرِينءَ پَنوَهارَ کي، چَئِجِ…
- (بيت) پانڌِي پِرِينءَ پَنوَهارَ کي، چَيُمِ…
سُر جا ٻيا داستان
- مارُن جو حال
- ڪن فيڪون ۽ قيد
- ڏيھ ڏاڏاڻي جي خبر
- سَوڙ سمهڻ، مينڍا ڌوئڻ
- سونھن وڃايم سومرا
- بندياڻي واجهائي وطن کي
- مارُن ريت، پنھوارن پاٻوھيو
- آڻين چاڙهين، سون برابر سڳڙا
- لوھ نير، مند مارُو
- چرن چڻڪن چت ۾
- مارئي ملير جي ستي سيل
- سيئي سارئان سومرا
- جيھا جي تيھا
- جھ سي لوڙائو ٿئا
- مُونھان پوءِ ملير
- سارئان ۽ چڪن چاڪ
- کائر ڏانھن کڻي وئا
- پائران پيھي آيا
- ھنڌ، ڀيڻيون، ڀنگا
- زمر زخرف سومرا
- وايون
