Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
- سُر مارئي جَي آڻين چاڙهين، سون برابر سڳڙا جو بيت
پَٽولا پَنوَھارِيُون، مُورِ نَہ مَٿي ڪَنِ،
جُھ لاکَ رَچَنِ لوئِيُون، تَہ سالُنِيُون سُونھَنِ،
اُنَ ايلاچَنِئا اَڳرِي، بَخمَلَ بافِتَنِ،
سَکَرَ ڀانيان سُومَرا، کَٿِي کان کُنھِبَنِ،
جَا ڏِنِيمِ ڏاڏاڻَنِ، سا لاھِيندي لَڄَ مَران.
رسالن ۾ موجودگي: 87 سيڪڙو
سمجهاڻي
اي عمر سومرا، اسان پنوھارن جون عورتون ريشم ۽ پَٽ ڪين پهرينديون آهن. پر جڏهن اهي لال (يعني لاک ۾ رتل لويون پائن) تڏهن شاندار شالن وارين عورتن کان وڌيڪ سهڻيون لڳن. انهن لوين جي پشم ريشمي ڪپڙن، بخمل توڻي بافتن وغيرہ سڀني کان وڌيڪ سٺي ۽ اوچي آهي. اي سومرا، آءٌ پنھنجي لوئيءَ کي کهنبن رنگارنگي ڪپڙن (ڳاڙهن ويس وڳن) کان وڌيڪ قيمتي سمجهان ٿي. مون کي منھنجن اباڻن جيڪا لوئي مٿي تي پارائي آهي، سا لاهڻ مون لاءِ موت برابر آهي (ان کان آءٌ لڄ وچان ٻُڏي ڇونہ مران).
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود مارُئي، بيت نمبر : 3272
پَٽُوْلَا پَهَارِيٌ مُوْرِ نَمَٿٖيْ ڪَنِ﮶
جُہ لَاکَہ رَچَنِ لُوْئِيٌ تَشَالُ نِئُوْ سُنْهَنِ﮶
اُنَ اِيْلَاچَنِئَا اَکَرِيْ بَخْمَلَ بَافِتَنِ﮶
سَکَرَ ڀَايَان سُنْمَرَا کَٿِيْ کَا کُھْبَنِ﮶
جَا ڎِنِيَمِ ڎَاڎَارَنِ سَا لَاهٖيدٖيْ لَڃَہ مَرَان﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
पटोला पंवहारियूं। मूरि न मथे कनि।
जु लाख रचनि लोइयूं। त शालुनिऊं सूंहनि।
उन एलाचनिआं अगि॒री। बख़्मल बाफ़ितनि।
सखर भांयां सूमरा। खथी खां खुंहिबनि।
जा डि॒नियमि डा॒डा॒णनि। सा लाहींदे लज॒ मरां॥
ROMAN SINDHI
pattolaa Panwahaariyoo'n, moor'ay na mathay kan'ay,
juh laakhh'a rachan'ay lo'ee'yoo'n, ta saaluniyoo'n soonhan'ay,
un'a aelaa chani'aa iggri, bakhmal'a bafitan'ay,
Sakhhar'a bhaayaa'n, Soomaraa, khhathi khha'n khhunhiban'ay,
jaa ddiniyam'ay ddaddaannan'ay, saa laaheenday lajj'a maraa'n.
TRANSLATIONS
The desert women never put on silken garments. The rough blankets, bearing prints of wax seal, suit and please them better than the costly shawls. The (rough) woollen things are appreciated by them more than the brocade or silken cloth. O Soomra! I like the rough blanket more than the saffron coloured cloth which you offer to me. (The fact is that) I feel ashamed to discard what I have got in legacy from my forefathers.
TRADITION: The man who wears silken clothes in this world, will not get them for wear in the Hereafter.
Women of Thar, wear not silken dresses,
Far superior to any shawl, are theirs, in wax worked,
Their shawls made of wool are far better to any velvet or silk,
My rough shawl of wool, I prefer to royal red dresses of silk,
Ashamed I would be to exchange my people's given shawl so coarse.
Herdswomen never wear silks,
They look more beautiful in their embroidered shawl in silks,
Their coarse woolen shawls are far better than brocade,
I prefer rough blanket to the saffron cloth,
Shame upon me if I cast away the shawl that my elders gave me.
ساد مرادی مارو جائی نا اوہ پٹ ہنڈاوے
لاکھے رنگ دی لوئی اگے شال پئی شرماوے
اون دی لوئی لاچی نالوں سر تے دون سہارے
پاٹی چولی بودی لوئی میرے دل نوں بھاوے
ماء پیاں دتی لوئی لوہواں سومرا میں شرماواں
اپنے گھر کی رنگی ہوئی ’لوئی‘
کیوںنہ ہو رشک اطلس و کمخواب
اے عمر اس کے سامنے کیا ہے
مخملی بافتے کی آب و تاب
کبھی نہ ریشم پہنے کوئی، دوشیزہ پنہوار،
لاکھ میں جب وہ شال رنگیں تو، حسن کا عجب نکھار،
کہاں برابر اون کے ہیں، یہ اطلس اور زرتار،
ریشم اور کمخواب یہ سارے، شال پہ دوں میں وار،
کیسے دوں گی اُتار، جو دی ہے میکے والوں نے۔
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) آڻِين ۽ چاڙِھِينِ، ڪِ ويڙِھيچا…
- (بيت) اَجورا اُٿِيَنِ جي، مَٿي جَهڻِ…
- (بيت) اَرَمَ ھَڏِ نَہ اوڍِيان، پَٽولا…
- (بيت) اَڄُ اَڍانگا ويڻَ، مُون کي…
- (بيت) تيلُ نَہ لايان تُنھِنجو، مُون…
- (بيت) جائُون ڪُجائُون، جُهوپو جهانگِيَڙَنِ جو،…
- (بيت) جهُڙ ڦُڙِ جِتِ ٿِيانِ، اُتِ…
- (بيت) جهُڙ ڦُڙِ مَٿي مارُئين، جِتِ…
- (بيت) جِنِ ڪَرايُنِ ڪَچَ جا، وَرُ…
- (بيت) سونَ بَرابَرِ سَڳَڙا، لُوءِ لُنءَ…
- (بيت) سونَ بَرابَرِ سَڳَڙا، مارُوءَ سَندا…
- (بيت) سَرَتِنِ سَختَ سَنِيھَڙا، ڏيئِي مُڪا…
- (بيت) فِڪرُ ۽ فاقو، مَرَڪُ مارُوئڙَنِ…
- (بيت) مَٿِنِ ٽُوھَ ٽَسڪَڙا، چِڪَندَڙا اَچَنِ،…
- (بيت) مُون مارُوءَ سين لَڌِيُون، لوئِيءَ…
- (بيت) ويٺِي ھِتِ وَڄايان، جِيئَن سَناسِيَنِ…
- (بيت) ٽُٻِڪَ ٽُٻِڪَڙا، کَڻِي ڄَرُوڙِيُون ڄُلِئا،…
- (بيت) پَٽُ نَہ پَرَھِيان سُومَرا، جان…
- (بيت) ٿوري قُوتِ قَرارِئا، رَھَنِ سَٻَرَ…
- (بيت) چائُرَ جٖي چَکَنِ، ڏِجَنِ ڏوراپا…
- (بيت) چَشا چائُرَ چُورِما، قِيمو قَليو…
- (بيت) کَٿيرو ئِي خُوبُ، ڪانڌُ نَہ…
- (بيت) ڪارا ڪَرايُنِ ۾، سونُ اَسان…
- (بيت) ڪَرايُنِ ڪِروڙَ جا، چُوڙا ڪُوڙا…
سُر جا ٻيا داستان
- مارُن جو حال
- ڪن فيڪون ۽ قيد
- ڏيھ ڏاڏاڻي جي خبر
- سَوڙ سمهڻ، مينڍا ڌوئڻ
- سونھن وڃايم سومرا
- بندياڻي واجهائي وطن کي
- مارُن ريت، پنھوارن پاٻوھيو
- لوھ نير، مند مارُو
- چرن چڻڪن چت ۾
- مارئي ملير جي ستي سيل
- سيئي سارئان سومرا
- جيھا جي تيھا
- جھ سي لوڙائو ٿئا
- مُونھان پوءِ ملير
- سارئان ۽ چڪن چاڪ
- کائر ڏانھن کڻي وئا
- پائران پيھي آيا
- مَ رو، پانڌي پرين پنھوار
- ھنڌ، ڀيڻيون، ڀنگا
- زمر زخرف سومرا
- وايون
