Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
- سُر مارئي جَي وايون جي وائِي
کارا کَٻَڙَ کُوھَ، ٻِيرِيُون ۽ ٻُوھَ،
ھاڻِ آئُون سيئِي ويٺِي سارِئان،
اُٺا مِينھَن مَلِيرَ ۾، ٽَهڪِي اُڀا ٽُوھَ،
سُتِي سَڄَڻَ سارِئا، راتِ مُنھِنجي رُوحَ،
ھَلَنِ ھيلُون ٻَڌَنِ ٻيلُون، مُندَ موچارِي مُوھَ.
رسالن ۾ موجودگي: 24 سيڪڙو
سمجهاڻي
(مارئي ملير کي ويٺي ياد ڪري) اُتي کٻڙ جا وڻ آهن جن جو ڦل ڪسارو آهي، اُتي پاڻيءَ جا وڏا کوه آهن، اُتي ٻيرين جا وڻ آهن ۽ ٻُوه جا ٻوٽا آهن. آءٌ اُنهن سڀني کي ويٺي ياد ڪريان.
ملير ۾ وسڪاري جي موسم آئي ۽ مينھن پئجي ويا جنھن ڪري اُتي ٽوه جي ولين ۾ ٽوه نڪري ظاهر ٿيا (پچي رنگين ٿي نڪري بيٺا) مون کي (اهڙي سمي) پنھنجا سڄڻ ننڊ ۾ بہ ياد اچڻ لڳا آهن. انهيءَ سهڻي ۽ سٺي موسم ۾ ٿاريليون اڪيليون بہ پاڻيءَ جا دلا ڀري پيون اچن تہ ٻہ ٻہ دلا کڻي پيون هلن.
ٻي معنيٰ: اهي انهيءَ موهيندڙ مند ۾ (ٻاجهريءَ جي اَن توڻي تِرن ۽ ٻئي ڏُٿ کي) ڀورڻ ۽ ڪٽڻ لاءِ اڪيلي ۽ گڏجي پيون جتن ڪن.
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود مارُئي، بيت نمبر : 3125
کَارَا کَٻَرَ کُوْہَ ٻٖيْرٍ ءٍ ٻُوْہَ هَانِ آَءٌ سٖيْئِيْ وٖيْٽِيْ سَارِيَان﮶
اُٽَا مِيْهَ مَلِيْرَ م﮼ ٽهْڪِيْ اُڀَا ٽُوْہَک
سُتٖيْ سَڄَنَ سَارِئَا رَاتِ مُھْجييْ رُوْحَ﮶
هَلَنِ هِيْلٌ ٻَڌَنِ ٻٖيْلٌ مُدَ مُوْچَارِيَ مُوْہَ﮶
ھِي وائي ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
खारा खब॒ड़ खूह। बे॒रियूं एं बू॒ह।
हाणि आऊं सेई वेठी सारिआं।
उठा मींहं मलीर में। टह्की उभा टूह।
सुती सज॒ण सारिआ। राति मुंहिंजे रूह।
हलनि हेलूं ब॒धनि बे॒लूं। मुंद मोचारी मूह॥
ROMAN SINDHI
khhaaraa khhaBarr'a khhooh'a, Beeriyoo'n aen Booh'a,
haann'ay aaun se'ee wethhi saari'aa'n,
uthhaa meenh'a Maleer'a mayn, ttahki ubhhaa ttoh'a,
suti sajjann'a saari'aa, raat'ay munhinjay rooH'a,
halan'ay heloo'n Badhan'ay Beloo'n, mund'a mochaari mooh'a.
TRANSLATIONS
داستان اندر ٻيو اندراج
- (وائِي) آئُون شَلَ ويڙِه وَڃان، جِتي…
- (وائِي) آئُون مارُوءَ جِي آھِيان، مُون…
- (وائِي) آئُون وِسارِيان ڪِيئَن، هِي ڳُڻَ…
- (وائِي) اُنَ نَہ مَٽيان پَٽِ، آئُون…
- (وائِي) تان تُون پَرِ پَرُوڙِ، لَڏَڻُ…
- (وائِي) تَپُ تَڙِئائِين، سَمُنڊِ وِڌائِين، نِئائِين…
- (وائِي) جِتي مارُو تِتي پانڌِي اَلو!…
- (وائِي) رويو راتِ وِهاءِ، مُون کي…
- (وائِي) سا ڪِيئَن لاهِيان لوئِي، جا…
- (وائِي) شُڪُرَ آڻِ بَجاءِ، آهِيين اَهلُ…
- (وائِي) عُمَرَ آئُون مَرِي تان نَہ…
- (وائِي) لوئِيءَ ۾ لائُون، مُون مارُوءَ…
- (وائِي) مارُنِ پاسي مِينھَن اُٺا، لَڏي…
- (وائِي) مَنجِهہ رَھِي مَلِيرَ، مُون تان…
- (وائِي) مُنھِنجو مَنُ ماروءَ ڏِٺَڙي رَچي.…
- (وائِي) مُنھِنجو مَنُ مَلِيرُ، ڪوٽَنِ ۾…
- (وائِي) مُنھِنجو مَنُ مِيان، واڳِئو ويڙِهيچَنِ…
- (وائِي) مُنھِنجو هِينئڙو سَنگهارَنِ ساري، هُوءِ…
- (وائِي) مُنھِنجُون ڳالِهيُون مارُوءَ ساڻُ، ڍولِئي…
- (وائِي) مُون مَ کَسيجاهُ لوئِي، مِيان…
- (وائِي) مُون مَنُ مارُوءَ جو، مارُوءَ…
- (وائِي) مِينڍي ۾ مَرَجانُ، ڪِينَ پَنوَهارِيُون…
- (وائِي) ويڙِهيچَنِ ڏي آئُون ويندِي، ڏيھَ…
- (وائِي) ويڙِهِيچَنِ کي ٿِي واجهايان، ڀَلا…
- (وائِي) پَرچَنِ شالَ پَنوَھارَ، ڍولا مارُو…
سُر جا ٻيا داستان
- مارُن جو حال
- ڪن فيڪون ۽ قيد
- ڏيھ ڏاڏاڻي جي خبر
- سَوڙ سمهڻ، مينڍا ڌوئڻ
- سونھن وڃايم سومرا
- بندياڻي واجهائي وطن کي
- مارُن ريت، پنھوارن پاٻوھيو
- آڻين چاڙهين، سون برابر سڳڙا
- لوھ نير، مند مارُو
- چرن چڻڪن چت ۾
- مارئي ملير جي ستي سيل
- سيئي سارئان سومرا
- جيھا جي تيھا
- جھ سي لوڙائو ٿئا
- مُونھان پوءِ ملير
- سارئان ۽ چڪن چاڪ
- کائر ڏانھن کڻي وئا
- پائران پيھي آيا
- مَ رو، پانڌي پرين پنھوار
- ھنڌ، ڀيڻيون، ڀنگا
- زمر زخرف سومرا
