Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
- سُر مارئي جَي وايون جي وائِي
آئُون مارُوءَ جِي آھِيان، مُون کي مارُوءَ جو آسِرو.
مارُو مُون نَہ ڇَڏِيندو سُومَرا،
ميڙو ٿِيندو مُؤمِنين، قَضا پاڻِ ڪَرِيندو،
اُتي مَلِيرَ ڄائِيُون، سَڀَ نَوازي نِيندو،
والِي ٿِي واڳَ جو، هِئائِين هَلَندو
ڪوٺي ڪوثَرَ ڪَنڌِيين، پاڻِي پِيارِيندو.
رسالن ۾ موجودگي: 38 سيڪڙو
سمجهاڻي
(مارئي ٿي چوي) آءٌ ماروءَ جي آهيان (ٻئي ڪنھن جي ناهيان) منھنجو آڌار ۽ آسرو اُهو ئي آهي. مون کي اميد آهي تہ هو ڪڏهن بہ مون کي ڇڏي نہ ويندو. جتي ايمان وارا گڏ ٿيندا تہ هو پاڻ فيصلو ۽ نياءُ ڪندو. اُتي هو سڀني ملير جي رهواسين کي سرخرو ۽ سرفراز ڪندو. اُهو ئي سموري ساٿ جو سرواڻ ٿي رهبري ڪندو. هو ئي پاڻ ڪوثر (جنت ۾ نھر) جي ڪناري تي جام پياريندو.
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود مارُئي، بيت نمبر : 3301
آَءٌ مَارُوْءَ جِيْ اٰهِيَان مُنْکٖيْ مَارُوْءَ جُوْ آَسِرُوْ﮶
مَارُوْ مُنْ نَڇَڎِيْدُوْ سُنْمَرَا﮶
مٖيْرُوْ ٿِيْدُوْ مُؤْمِن﮼ قَضَا پَانِ ڪَرِيْدُوْ﮶
اُتٖيْ مَلِيْرَ ڃَائِيٌ سَڀْ نَوَازٖيْ نِيْدُوْ﮶
وَالِيْ ٿِيْ وَکَجُوْ هِئَاءٍ هَلَندُّو﮶
ڪُوْٽ﮼ ڪَوْثَرَ ڪَنڌِّي﮼ پَانِيْ پِيَارِيْدُوْ﮶
ھِي وائي ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
आऊं मारूअ जी आहियां। मूं खे मारूअ जो आसिरो।
मारू मूं न छडीं॒दो सूमरा।
मेड़ो थींदो मुइमिनीन। क़ज़ा पाणि करींदो।
उते मलीर जा॒इयूं। सभि नवाज़े नियंदो।
वाली थी वाग॒ जो। हिआईं हलंदो।
कोठे कौसर कंधियें। पाणी पियारींदो॥
ROMAN SINDHI
aaun Maaroo'a ji aahiyaa'n, moo'n khhay Maaroo'a jo aasiro,
Maaroo moo'n na chhaddeendo Soomaraa,
merro theendo momineen, qazaa paann'ay kareendo,
utay Maleer'a jjaai'yoo'n, sabh'a nawazay neendo,
waali thi waagg'a jo, hi'aai'en halando,
kothhay Kosar'a kandhi'en, paanni piyaareendo.
TRANSLATIONS
داستان اندر ٻيو اندراج
- (وائِي) آئُون شَلَ ويڙِه وَڃان، جِتي…
- (وائِي) آئُون وِسارِيان ڪِيئَن، هِي ڳُڻَ…
- (وائِي) اُنَ نَہ مَٽيان پَٽِ، آئُون…
- (وائِي) تان تُون پَرِ پَرُوڙِ، لَڏَڻُ…
- (وائِي) تَپُ تَڙِئائِين، سَمُنڊِ وِڌائِين، نِئائِين…
- (وائِي) جِتي مارُو تِتي پانڌِي اَلو!…
- (وائِي) رويو راتِ وِهاءِ، مُون کي…
- (وائِي) سا ڪِيئَن لاهِيان لوئِي، جا…
- (وائِي) شُڪُرَ آڻِ بَجاءِ، آهِيين اَهلُ…
- (وائِي) عُمَرَ آئُون مَرِي تان نَہ…
- (وائِي) لوئِيءَ ۾ لائُون، مُون مارُوءَ…
- (وائِي) مارُنِ پاسي مِينھَن اُٺا، لَڏي…
- (وائِي) مَنجِهہ رَھِي مَلِيرَ، مُون تان…
- (وائِي) مُنھِنجو مَنُ ماروءَ ڏِٺَڙي رَچي.…
- (وائِي) مُنھِنجو مَنُ مَلِيرُ، ڪوٽَنِ ۾…
- (وائِي) مُنھِنجو مَنُ مِيان، واڳِئو ويڙِهيچَنِ…
- (وائِي) مُنھِنجو هِينئڙو سَنگهارَنِ ساري، هُوءِ…
- (وائِي) مُنھِنجُون ڳالِهيُون مارُوءَ ساڻُ، ڍولِئي…
- (وائِي) مُون مَ کَسيجاهُ لوئِي، مِيان…
- (وائِي) مُون مَنُ مارُوءَ جو، مارُوءَ…
- (وائِي) مِينڍي ۾ مَرَجانُ، ڪِينَ پَنوَهارِيُون…
- (وائِي) ويڙِهيچَنِ ڏي آئُون ويندِي، ڏيھَ…
- (وائِي) ويڙِهِيچَنِ کي ٿِي واجهايان، ڀَلا…
- (وائِي) پَرچَنِ شالَ پَنوَھارَ، ڍولا مارُو…
- (وائِي) کارا کَٻَڙَ کُوھَ، ٻِيرِيُون ۽…
سُر جا ٻيا داستان
- مارُن جو حال
- ڪن فيڪون ۽ قيد
- ڏيھ ڏاڏاڻي جي خبر
- سَوڙ سمهڻ، مينڍا ڌوئڻ
- سونھن وڃايم سومرا
- بندياڻي واجهائي وطن کي
- مارُن ريت، پنھوارن پاٻوھيو
- آڻين چاڙهين، سون برابر سڳڙا
- لوھ نير، مند مارُو
- چرن چڻڪن چت ۾
- مارئي ملير جي ستي سيل
- سيئي سارئان سومرا
- جيھا جي تيھا
- جھ سي لوڙائو ٿئا
- مُونھان پوءِ ملير
- سارئان ۽ چڪن چاڪ
- کائر ڏانھن کڻي وئا
- پائران پيھي آيا
- مَ رو، پانڌي پرين پنھوار
- ھنڌ، ڀيڻيون، ڀنگا
- زمر زخرف سومرا
