Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
ھِن وائيءَ جا مُکيہ اِسم
- سُر مارئي جَي وايون جي وائِي
شُڪُرَ آڻِ بَجاءِ، آهِيين اَهلُ اللهُ سين،
گهوڙو هِنَ گِروھَ سين، حَمدَ مَنجِهہ هَلاءِ،
سُرَهي اِنَ سِلڪَ سين، ڀَڄِي ڪِي ڀَڄاءِ،
ٿِيءُ تَہ ٿوڪُ پِرائِيين، لاشَڪُ تَنِي لاءِ،
تَرَڪُ ڪَرِ طَلَبَ سين، لاهُوتِي مَ لَڄاءِ،
خُودِي کَڻُ مَ پاڻَ سين، جوڳِيَنِ وَٽِ جَلاءِ،
مَھِندان مَشائِخَنِ جي، چَلَڻَ سَڀَ چَلاءِ،
ڪامُ تُنھِنجو ڪاپَڙِي، سامِيَنِ وَٽِ سَماءِ،
آسَڻَ اَڳِئان اُنِ جي، ٻَر ٻَر ڪِئو ٻاڏاءِ،
سِيھو جا سونُ ڪِري، تَنھِن صُحبَتَ کي مَ سِڪاءِ،
سُرَهِي سَناسِينِ جِي، سُڻِي ڪا سُڻاءِ،
آهِمِ آسَ اِسمَ جي، ڌاڳا تُون ڌُلاءِ،
اللهَ عَبدِالْلَطِيفَ کي، اُنِين ساڻُ اَگَهاءِ.
رسالن ۾ موجودگي: 56 سيڪڙو
سمجهاڻي
تون شڪرانا بجا آڻ جو تون الله وارن سان گڏ آهين. هنن جي جماعت ۾ رهي تون مالڪ جي ساراھ ۽ حمد جي رفتار (گهوڙي وانگر) تکي تيز ڪر. انهيءَ سرهي ساٿ (سلوڪ) وارن سان ڪوشش ڪري ساڻن پڄي ڏيکار (گڏ هلي گهار). تون هنن سان هر حال ۾ شامل رھ تہ چڱا مقصد ماڻيين (نعمتون حاصل ڪرين). پنھنجو پاڻ وڃاءِ ۽ ٻيا اسباب ترڪ ڪر. انهن الله وارن کي نہ لڄاءِ. پنھنجي خوديءَ جو خاتمو ڪر ۽ ان خوديءَ کي جوڳين جي سنگ ۾ جلائي ساڙي پورو ڪر. وڏن شيخن مشائخن (روحاني رهبرن) آڏو پنھنجيون سڀ ڳالهيون ڇڏي ڏي. اهي ڪمڙا ڪر جيڪي سامين وٽ پسند پون. انهن جي آسڻ اڳيان وڏي چاھ ۽ دل جي شوق سان بيھي عرض گذاري ۽ نيزاري ڪر. جنھن صحبت مان سيھو سون ٿئي انهيءَ مجلس ۾ دير نہ ڪر. سناسين جي سرهي ۽ سٺي ڳالهہ ٻڌي ٻين کي ٻڌائڻ ۽ ڀاڱي ڀائيوار ڪرڻ ۾ دير نہ ڪر. الله جي اسم ذات ۾ هرڪا اميد رکي پنھنجو سڳو ڌاڳو (اها نيت ڪري) ڌوئي ڇڏ.
اي الله سائين، عبداللطيف کي انهن الله وارن وٽ مقبول ڪر. (انهن کان الڳ نہ ڪر).
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود مارُئي، بيت نمبر : 3151
شُڪْرُ آَنِ بَجَاءِ بَجَاءِ آَهِي﮼ اَهْلُ اَللهِ س﮼﮶
کُوْرُوْ هِنَ کِرُوْهَس﮼ حَمْدَ مَنجِّ هَلَاءِ﮶
سُرَهٖيْ اِنَ سِلْڪَس﮼ ڀَڃِيْ کٖيْ ڀَڃَاءِ﮶
ٿِيُ تَٿُوْڪُ پِرَائِي﮼ لَاشَڪُ تَنٍ لَاءِ﮶
تَرَڪُ ڪَرِ طَلَبَس﮼ لَاهُوْتِيْ مَلَڃَاءِ﮶
خُدِيْ کَنُ مَپَانَس﮼ جُوْکِيَنِ وَٽِ جَلَاءِ﮶
ڪَامُ تُھْجُوْ ڪَاپَرِيْ سَامِيَنِ وَٽِ سَمَاءِ﮶
آَسَنَ اَکِئَا اُنِجٖيْ ٻَرْ ٻَرْ ڪِئُوْ ٻَاڎَاءِ﮶
سِيْهُوْ جَا سُوْنُ ڪَرٖيْ تِهْ صُحْبَتَکٖيْ مَسِڪَاءِ﮶
سُرَهِيْ سَنَاسِيَنِ جِيْ سُنِيْ ڪَا سُنَاءِ﮶
آَهِمِ آَسَ اِسْمَ جِيْ ڌَاکُوْ تُنْ ڌُلَاءِ﮶
اَللهَ عَبْدِ اللَّطِيْفَ کٖيْ اُنٍ سَانُ اَکَاہِ﮶
ھِي وائي ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
शक्रु आणि बजाए। आहियें अह्लु अल्लाहि सें।
घोड़ो हिन गिरोह सें। हम्द मन्झि हलाए।
सुरहे इन सिल्क सें। भजी॒ की भजा॒ए।
थीउ त थोकु पिराइयें। लाशकु तनी लाए।
तरकु करि तलब सें। लाहूती म लजा॒ए।
ख़ुदी खणु म पाण सें। जोगि॒येनि वटि जलाए।
महिंदां मशाइख़नि जे। चलण सभि चलाए।
कामु तुंहिंजो कापड़ी। सामियनि वटि समाए।
आसण अगि॒आं उनि जे। ब॒र ब॒र किओ बा॒डा॒ए।
सीहो जा सौनु करे। तिंहिं सुह्बत खे म सिकाए।
सुरही सनासीनि जी। सुणी का सुणाए।
आहिमि आस इस्म जे। धागा॒ तूं धुलाए।
अल्लाह अब्दुल्लतीफ़ खे। उनीं साणु अघाए॥
ROMAN SINDHI
shukur'a aann'ay bajaa'ay, aahee'n ahal'u Allah'u see'n,
ghhorro hin'a giroh'a see'n, Hamd'a manjh'ay halaa'ay,
surahay in'a silk'a see'n, bhajji ki bhajjaa'ay,
thi'u ta thok'u piraaee'en, La'Shak'u tnai laa'ay,
Tarak'u kar'ay talab'a see'n, Laahooti ma lajjaa'ay,
Khoodi khhann'u ma paann'a see'n, Joggiyan'ay watt'a jalaa'ay,
mahindaa'n Mashaaekhan'ay jay, chalann'a sabh'a chalaa'ay,
kaam'u tunhinjo kaaparri, Saamiyan'ay watt'ay samaa'ay,
aasann'a aggi'aa'n un'ay jay Bar Bar ki'o Baaddaa'ay,
seeho ja son'u kiray, tanhin suHbat'a khhay ma sikaa'ay,
sura'hi sanaaseen'ay ji, sunni kaa sunnaa'ay,
aahim'ay aas'a Ism'a jay, dhaaggaa too'n dhulaa'ay,
Allah'a Abdul'Lateef'a khhay, unee'n saann'u aghhaa'ay.
TRANSLATIONS
داستان اندر ٻيو اندراج
- (وائِي) آئُون شَلَ ويڙِه وَڃان، جِتي…
- (وائِي) آئُون مارُوءَ جِي آھِيان، مُون…
- (وائِي) آئُون وِسارِيان ڪِيئَن، هِي ڳُڻَ…
- (وائِي) اُنَ نَہ مَٽيان پَٽِ، آئُون…
- (وائِي) تان تُون پَرِ پَرُوڙِ، لَڏَڻُ…
- (وائِي) تَپُ تَڙِئائِين، سَمُنڊِ وِڌائِين، نِئائِين…
- (وائِي) جِتي مارُو تِتي پانڌِي اَلو!…
- (وائِي) رويو راتِ وِهاءِ، مُون کي…
- (وائِي) سا ڪِيئَن لاهِيان لوئِي، جا…
- (وائِي) عُمَرَ آئُون مَرِي تان نَہ…
- (وائِي) لوئِيءَ ۾ لائُون، مُون مارُوءَ…
- (وائِي) مارُنِ پاسي مِينھَن اُٺا، لَڏي…
- (وائِي) مَنجِهہ رَھِي مَلِيرَ، مُون تان…
- (وائِي) مُنھِنجو مَنُ ماروءَ ڏِٺَڙي رَچي.…
- (وائِي) مُنھِنجو مَنُ مَلِيرُ، ڪوٽَنِ ۾…
- (وائِي) مُنھِنجو مَنُ مِيان، واڳِئو ويڙِهيچَنِ…
- (وائِي) مُنھِنجو هِينئڙو سَنگهارَنِ ساري، هُوءِ…
- (وائِي) مُنھِنجُون ڳالِهيُون مارُوءَ ساڻُ، ڍولِئي…
- (وائِي) مُون مَ کَسيجاهُ لوئِي، مِيان…
- (وائِي) مُون مَنُ مارُوءَ جو، مارُوءَ…
- (وائِي) مِينڍي ۾ مَرَجانُ، ڪِينَ پَنوَهارِيُون…
- (وائِي) ويڙِهيچَنِ ڏي آئُون ويندِي، ڏيھَ…
- (وائِي) ويڙِهِيچَنِ کي ٿِي واجهايان، ڀَلا…
- (وائِي) پَرچَنِ شالَ پَنوَھارَ، ڍولا مارُو…
- (وائِي) کارا کَٻَڙَ کُوھَ، ٻِيرِيُون ۽…
سُر جا ٻيا داستان
- مارُن جو حال
- ڪن فيڪون ۽ قيد
- ڏيھ ڏاڏاڻي جي خبر
- سَوڙ سمهڻ، مينڍا ڌوئڻ
- سونھن وڃايم سومرا
- بندياڻي واجهائي وطن کي
- مارُن ريت، پنھوارن پاٻوھيو
- آڻين چاڙهين، سون برابر سڳڙا
- لوھ نير، مند مارُو
- چرن چڻڪن چت ۾
- مارئي ملير جي ستي سيل
- سيئي سارئان سومرا
- جيھا جي تيھا
- جھ سي لوڙائو ٿئا
- مُونھان پوءِ ملير
- سارئان ۽ چڪن چاڪ
- کائر ڏانھن کڻي وئا
- پائران پيھي آيا
- مَ رو، پانڌي پرين پنھوار
- ھنڌ، ڀيڻيون، ڀنگا
- زمر زخرف سومرا
