Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
- سُر مارئي جَي وايون جي وائِي
تان تُون پَرِ پَرُوڙِ، لَڏَڻُ ضَرورِ،
سُومَرا سِيلُ مَ ڀَڃُ سَتِنِ جو،
ڏِينھَن ڏُھلا ڀانيان، پَھسَ پِريان جي پُورِ،
اُڀِي اَرداسُون ڪَري، حَمِيراڻي حُضُورِ،
مُون کي ويلَ نَہ وِسَري، مارُوءَ سَندِي مُورِ،
سانبِي سارِئَمِ سُومَرا، ڏيھِي وِئَڙا ڏُورِ.
رسالن ۾ موجودگي: 24 سيڪڙو
سمجهاڻي
مارئي عمر سان مخاطب) اي عمر، تون اهو دستور يا ريت سمجهہ تہ هتان ضرور هلبو (هي جھان ڇڏبو)، سو تون پاڪدامن عورتن سان ڏاڍائي نہ ڪر. مون کي هر روز ڏينھن شروع ٿيڻ سان پنھنجي پرينءَ جا پور پون ٿا، تنھن ڪري منھنجا ڏينھن ۽ راتيون ڏاڍا ڏکيا پيا گذرن. هيءَ ستايل عورت، سومري بادشاھ جي درٻار ۾ هر وقت بيٺي سوال ڪري تہ مون کان پنھنجو پرين اصل هڪ پل بہ نٿو وسري. مان پنھنجن ساٿين ۽ هڪ جيڏن ۽ جيترن ماروئڙن کي پيئي ياد ڪريان، جيڪي پنھنجي ديس کان گهڻو دور هليا ويا آهن.
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود مارُئي، بيت نمبر : 3376
تَا تُنْ پَرِ پَرُوْرِ لَڎَنُ ضَرُورِ سُنْمَرَا سِيْلُ مَڀَنڃُّ سَتِنِ جُوْ﮶
ڎِيْهَ ڎُهْلَا ڀَائِيَا پَھْسَ پِرْيَانجٖيْ پُوْرِ﮶
اُڀِيْ عَرْدَاسٌ ڪَرٖيْ حَمِيْرَانٖيْ حُضُوْرِ﮶
مُنْکٖيْ وٖيْلَ نَوِسِرٖيْ مَارُوْءَ سَندِيْ مُوْرِ﮶
سَابِيْ سَارِئَمِ سُنْمَرَا ڎٖيْھِيْ وِئَرَا ڎُوْرِ﮶
ھِي وائي ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
तां तूं परि परूड़ि। लड॒णु ज़रोरि।
सूमरा सीलु म भञु सतिनि जो।
डीं॒हं डु॒ह्ला भांयां। पह्स पिर्यां जे पूरि।
उभी अर्दासूं करे। हमीराणे हुज़ूरि।
मूं खे वेल न विसरे। मारूअ संदी मूरि।
सांबी सारिअमि सूमरा। डे॒ही विअड़ा डू॒रि॥
ROMAN SINDHI
taa'n too'n par'ay paroorr'ay, laddann'u zaroor'ay,
Soomaraa seel'u ma bhanj'u satin'ay jo,
ddeenh'a dduhlaa bhaanyaa'n, pahas'a piryaa'n jay poor'ay,
ubhi ardaasoo'n karay, Hameeraannay Huzoor'ay,
moo'n khhay wel'a na wisaray, Maaroo'a sandi Moor'ay,
saanbi saari'am'ay Soomaraa, ddehi wi'arraa ddoor'ay.
TRANSLATIONS
داستان اندر ٻيو اندراج
- (وائِي) آئُون شَلَ ويڙِه وَڃان، جِتي…
- (وائِي) آئُون مارُوءَ جِي آھِيان، مُون…
- (وائِي) آئُون وِسارِيان ڪِيئَن، هِي ڳُڻَ…
- (وائِي) اُنَ نَہ مَٽيان پَٽِ، آئُون…
- (وائِي) تَپُ تَڙِئائِين، سَمُنڊِ وِڌائِين، نِئائِين…
- (وائِي) جِتي مارُو تِتي پانڌِي اَلو!…
- (وائِي) رويو راتِ وِهاءِ، مُون کي…
- (وائِي) سا ڪِيئَن لاهِيان لوئِي، جا…
- (وائِي) شُڪُرَ آڻِ بَجاءِ، آهِيين اَهلُ…
- (وائِي) عُمَرَ آئُون مَرِي تان نَہ…
- (وائِي) لوئِيءَ ۾ لائُون، مُون مارُوءَ…
- (وائِي) مارُنِ پاسي مِينھَن اُٺا، لَڏي…
- (وائِي) مَنجِهہ رَھِي مَلِيرَ، مُون تان…
- (وائِي) مُنھِنجو مَنُ ماروءَ ڏِٺَڙي رَچي.…
- (وائِي) مُنھِنجو مَنُ مَلِيرُ، ڪوٽَنِ ۾…
- (وائِي) مُنھِنجو مَنُ مِيان، واڳِئو ويڙِهيچَنِ…
- (وائِي) مُنھِنجو هِينئڙو سَنگهارَنِ ساري، هُوءِ…
- (وائِي) مُنھِنجُون ڳالِهيُون مارُوءَ ساڻُ، ڍولِئي…
- (وائِي) مُون مَ کَسيجاهُ لوئِي، مِيان…
- (وائِي) مُون مَنُ مارُوءَ جو، مارُوءَ…
- (وائِي) مِينڍي ۾ مَرَجانُ، ڪِينَ پَنوَهارِيُون…
- (وائِي) ويڙِهيچَنِ ڏي آئُون ويندِي، ڏيھَ…
- (وائِي) ويڙِهِيچَنِ کي ٿِي واجهايان، ڀَلا…
- (وائِي) پَرچَنِ شالَ پَنوَھارَ، ڍولا مارُو…
- (وائِي) کارا کَٻَڙَ کُوھَ، ٻِيرِيُون ۽…
سُر جا ٻيا داستان
- مارُن جو حال
- ڪن فيڪون ۽ قيد
- ڏيھ ڏاڏاڻي جي خبر
- سَوڙ سمهڻ، مينڍا ڌوئڻ
- سونھن وڃايم سومرا
- بندياڻي واجهائي وطن کي
- مارُن ريت، پنھوارن پاٻوھيو
- آڻين چاڙهين، سون برابر سڳڙا
- لوھ نير، مند مارُو
- چرن چڻڪن چت ۾
- مارئي ملير جي ستي سيل
- سيئي سارئان سومرا
- جيھا جي تيھا
- جھ سي لوڙائو ٿئا
- مُونھان پوءِ ملير
- سارئان ۽ چڪن چاڪ
- کائر ڏانھن کڻي وئا
- پائران پيھي آيا
- مَ رو، پانڌي پرين پنھوار
- ھنڌ، ڀيڻيون، ڀنگا
- زمر زخرف سومرا
