سَبَقُ بابت
معنيٰ
پيش روئي، اعليٰ، سَرسُ. روز پڙهائڻ ۾ ايندڙ ڪتاب جو ڪجهہ ڀاڱو، درس، ذميداري. نصيحت، سمجهاڻي.
A lesson.
بيتن ۽ وائين ۾
- جَو مُون پَڙِهئو پاڻَ لَئي، سَبَقُ سابِقَ جو، پھرِين سُڃاتُمَ پانھِنجي، نَفسَ جو نِھو، جِتِ عِرفانُ اَصلَ ۾، ٿي رُوحَنِ…[ سُر يمن ڪلياڻ - پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ ]
- پَڙِهئا پَڙيجاھُ، سَبَقُ اِنَهِينءَ سُورَ جو، مِيمُ رَکِجو مَنَ ۾، اَلِفُ تَنھِن اَڳِئان، چِتان چوريجاھُ، اِھا لاتِ لَطِيفُ چئَي.[ سُر يمن ڪلياڻ - پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ ]
- جِنِ کي دَورُ دَردَ جو، سَبَقُ سُورَ پَڙَهنِ، فِڪرَ فَرَھِي ھَٿَ ۾، ماٺِ مُطالِعُ ڪَنِ، پَنو سو پَڙَهنِ، جَنھِن مان…[ سُر يمن ڪلياڻ - پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ ]
- وِسَرِئومِ سَبَقُ، پھرِين سِٽَ نَہ سَنبِران، اَڃا ھِيءُ وَرَقُ، ھَئَي مُطالِعُ نَہ ٿِئي.[ سُر يمن ڪلياڻ - پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ ]
- سارِي سِکُ سَبَقُ، شَرِيعَتَ سَندو سُهڻِي، طَرِيقَتان تِکو وَھي، حَقِيقَتَ جو حَقُ، مَعرِفَتَ مَرَڪُ، اَصلِ عاشِقَنِ جِي.[ سُر سھڻي - سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري ]
- جارو ھِنيُون ڪارو ڪَري، لُڙَ کان ٿِيءُ لاشَڪُ، مَعرِفَتَ جو مَنَ ۾، سُوڌو پَڙُه سَبَقُ، ھَنجَ پَرُوڙِجِ حَقُ، تَہ ماڻِيين…[ سُر ڪارايل - پاڙون پاتار ۾ ]