ڪِيئَن بابت
معنيٰ
سوال ڪرڻ ۾ ڪم ايندڙ لفظ، ڪھڙي رستي؟ ڪھڙي نموني؟، ڪھڙيءَ طرح؟، ڪھڙيءَ واٽ؟، ڪھڙيءَ ريت؟
How? In what way? What kind of, what like?
بيتن ۽ وائين ۾
- وَحۡدَہٗ لا شَرِيڪَ لَهٗ ، جانۡ ٿو چَئِين اِيئَن، تانۡ مَڃُ مُحَّمَدُ ڪارَڻِي، نِرتو مَنجهان نِينھَن، تان تُون وَڃِئو ڪِيئَن،…[ سُر ڪلياڻ - يڪتائي ]
- ڪوڙِين ڪايائُون، تُنھِنجِيُون لِکَنِ لَکَ ھَزارَ، جِيءُ سَڀَ ڪَنھِن جِيءَ سين، دَرسَنُ ڌارَوڌارَ، پِريَمِ تُنھِنجا پارَ، ڪِھَڙا چَئِي ڪِيئَن چُئان.[ سُر ڪلياڻ - يڪتائي ]
- ڄاڻِي ٻُجهِي جَنِ، تو سين سُورَ سَڃَ ڪَئِي، تُون ڪِيئَن سَندِيُون تَنِ، پَرَ سين پَچارُون ڪَرِيين.[ سُر ڪلياڻ - عشق ۽ معشوق ]
- سَگَهنِ سُڌِ نَہ سُورَ جِي، تَہ گهايَلَ ڪِيئَن گهارِينِ، پِئَلَ پاسو پَٽَ تانْ، واڍوڙِئا نَہ وارِينِ، پَر ۾ پَچَنِ پِرِينءَ…[ سُر يمن ڪلياڻ - حبيب ۽ طبيب ]
- ھُئَين تَہ ويڄَنِ وَٽِ، تُون ڪِيئَن جِيءَ جَڏو ٿِئَين، سِرُ ڏيئِي ۾ سَٽِ، ڪوھُ نَہ ڪِيَئِي ڊَڀَڙا.[ سُر يمن ڪلياڻ - ويڄ ۽ دارُون ]
- ايڪُ پِيالو ٻَہ ڄَڻا، عِشقُ نَہ ڪَري اِيئَن، لِکِئا جٖي لِکڻَ ۾، قُرِبَ رَسَندا ڪِيئَن، ھُئَڻَ ڪِئا ھِيئَن، وانجِئا پَسُ…[ سُر يمن ڪلياڻ - سري پيالو ۽ موکي متارا ]
- اَکَرَ پَڙِهي اَڀاڳِئا، قاضِي ٿِئَين ڪِيئَن، ڀيرِيين ۽ ڀانِئيين، مُلان مُٺِيَئِي ماءُ، اِنَ سُرِڪِيءَ ساءُ، پُڇِجِ عَزازِيلَ کي.[ سُر يمن ڪلياڻ - پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ ]
- اَڃا تو مَنجهان، ڪَکَ ڇُتي رَتُ نِڪِري، مُنھَن ۾ مَحبُوبَنِ جا، ڪِيئَن جَهلِيندين گهاءَ، تُون ھَڏِ ڪُڄاڙِئان، سِڪَڻَ جُون سَڌُون…[ سُر يمن ڪلياڻ - سِڪ ۽ عاشقي ]
- عاشِقَ مَعشُوقَنِ جِي، وَٺِي ويھُ ڳَرِي، جِمَ وِرِچِي ڇَڏِيين، سَندِي دوسِتَ دَرِي، ٻُڪِي ڏيِندَءِ ٻاجَهہ جِي، ويندَءِ ٺَپَ ٺَرِي، اَسان…[ سُر يمن ڪلياڻ - سِڪ ۽ عاشقي ]
- راتِ سَھائِي ڀُون سَنئِين، پِرتِ نَئِين پَنڌُ پُورِ، مَيا مَحبُوبَنِ جي، ھَلِي وانءُ حُضُورِ، جي چُڻِڪَن چِتَ ۾، سي ڪِيئَن…[ سُر کنڀات - ڪرھو، چانگو، اٺ ]
- جَا پيشانِيءَ ۾ پِرِينءَ کي، نِشانِي نيڻَنِ، شَمسُ نَہ سيڻَنِ، آئُون ڪِيئَن قَمَرُ پاڙِيان؟[ سُر کنڀات - چنڊ ]
- آئُون جِيئَندِي ڪِيئَن، يااللهَ مُون مُسافِرَ سُپِرِين، مُون کي ڇَڏي ھَلِئا، ھاڻي ڪَرِيان ڪِيئَن؟[ سُر کنڀات - وايون ]
- جيڏِيُون ھِيءُ ضَرُورُ، آيَلِ ڪِيئَن رَھَندو پِرِينءَ ري، سَگهو ساٿَ نَہ جِندَڙو، چارَئِي پَھَرَ چُورُ، مَنَ ۾ مُشتاقَنِ جي، ساجَنَ…[ سُر کنڀات - وايون ]
- اَٺَئِي پَھَرَ اوڙاھَ تي، مَنجِهہ گُهرِءَ گهاري، وَسَ نَہ ويچاري، تَہ ڪِيئَن ماڳِ ڍُڪَندِي مَڪُڙِي.[ سُر سريراڳ - سيوا ۽ سار ]
- اَڄُ ڪِيئَن اَسارو، کِوَڻِ ڏِسِئو ٿو کِلين، سَعيو ڪَرِ سَمُنڊَ جو، ويھُ مَ ويسارو، صُبحِ سَوارو، اُھَرَندين اوڙاھَ ڏي.[ سُر سريراڳ - توڪل، جاڳ سجاڳ ]
- ڪوڙيِين ڀالَ ڪَرِيمَ، ڪَرِ سَھِسين شُڪرانا، فاذڪُرُونِي اَذڪرُڪُم، ڪَھي قُرآنا، واشڪُرُو الِي وَلا تَڪفُرُونِ، ڪَڍُ تُون ڪُفراَنا، حَمدُ چؤُ حَڪِيمَ…[ سُر سريراڳ - وايون ]
- ساٿِيَنِ نَنڌا بارَ، تَنِ پانڌِيَنِ نَنڌا بارَ، توکي آرَسُ اَکِيُنِ ۾، پاتا پاڙي وارِيين پَڳَھَ ۾ پاتارَ، پَتَڻُ ٿو پُورَ…[ سُر سريراڳ - وايون ]
- سيئِي جوڀَنَ ڏِينھَن، جَڏھِن سَڄَڻَ سَفَرِ ھَلِئا، رُئان رَھَنِ نَہ سُپِرِين، آيَلِ ڪَرِيان ڪِيئَن، مُون کي چاڙھي چِيئَن، وِئو وَڻِجارو…[ سُر سامونڊي - پڳھ ۽ سامونڊين سڱ ]
- آيَلِ ڍولي سان، جَي اَچي تَہ جهيڙيان، لايَئِين ڏِينھَن گَهڻا، مُون سين ڪِيئَن ٿورِڙا.[ سُر سامونڊي - سيءَ ۽ جهيڙا ]
- اَڃا اَسارِي، مَٿي تَڙَ گُذارِيين، تو ڪِيئَن وِسارِي، سَنگَتِ سامُونڊِيَنِ جِي.[ سُر سامونڊي - آيا وڻجارا ]
- آيَلِ ڪَرِيان ڪِيئَن وو مُنھِنجو نِينھُن پَلِئو نَہ رَھي، سامُونڊِيءَ جي سَڱَ کي، رُئان راتو ڏِينھَن، مادَرِ پائي مُنڊِيُون، وَڃان…[ سُر سامونڊي - وايون ]
- مِنھِن جَنھِن جي مُون، ڏِٺو مُنھُن ميھارَ جو، آھي ساھَ سَنئُون، سو ڪِيئَن گهَڙو گهورِيان.[ سُر سھڻي - پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو ]
- وِيندي مُنڌَ ميھارَ ڏي، ڪَري ڪانَہ نِھارَ، ھِنَ کي چُڻِڪَن ٿا چِتَ ۾، ساھَڙَ جا سِينگارَ، سا ڪِيئَن ھُنَئان ڌارَ،…[ سُر سھڻي - سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري ]
- ڪَڙِ ڪَڙِ ڪُنَ مَ وَڄُ، ٻانڌِي ٻوڙِ مَ ٻارِ جا، مُون تي جَا ميھارَ جِي، ڪِيئَن ڌُئَندِيَسِ ڌَڄُ، توءِ گهِڙندِيَسِ…[ سُر سھڻي - سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري ]
- اَدِيُون سَڀَ اَندامَ، مُنھِنجا چَڙَنِ چورِئا، لارُنِ جَا لَنئُن لائِي، سا ڪِيئَن آڇِيان عامَ، لَڳِيَسِ جَنھِن جِي لامَ، سو دِلِاسا…[ سُر سھڻي - مينھون، چاھڪ، کرڪن ]
- چَڙَنِ چَرِي ڪِي آھِيان، سُکِ ٿِي سُمَهان ڪِيئَن، سارِيان ساھَڙَ ڄامَ کي، ڏَھَ ڏَھَ ڀيرا ڏِينھَن، ميھارَ مَرَڻَ سِينءَ، نِيَرَ…[ سُر سھڻي - مينھون، چاھڪ، کرڪن ]
- جَا مُھاڙَ ميھارَ، سا مينھِيَنِ نَہ ٿِي، ڪَپَرُ ڪارُونڀارَ، ڪِيئَن لَنگهَندِيُون ڪُنڍِيُون.[ سُر سھڻي - مينھون، چاھڪ، کرڪن ]
- ڏَمَ کُٽَنَئِي ڏِينھَن،ويٺو جِيئَن وِلَلِيين، مَڇِيءَ مارَڳَ لائِيا، ھَڏَنِ مَٿان ھِينئَن، سي قَولَ ڀَڃَندِيَسِ ڪِيئَن، جي ٻَڌَمِ ٻيلايَنِ سين.[ سُر سھڻي - آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار ]
- تَہ ڪَرَ ڪِيئَن سُئِي، جَي سِيرَ نَہ گِهڙِي سُهڻِي، ھِتِ حَياتِي ڏِينھَڙا، ھَڏِھِين تان نَہ ھُئِي، چُڪي تَنھِن چَرِي ڪِي،…[ سُر سھڻي - آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار ]
- ڪَنڌِيءَ جَهلِيو ڪانھَنۡ، عاشِقُ آھُون ڪَري، تو ڪِيئَن ٻوڙِي سُهڻِي، ٻيلِي مُنھِنجِي ٻانھَنۡ؟ دَرياھَ تو تي دانھَن، ڏِيندُسِ ڏِينھَن قِيامَ…[ سُر سھڻي - آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار ]
- اَلَستُ اَرِواحَنِ کي، جَڏھِن چَيائُون، مِيثاقا ميھارَ سين، لَڌِيُون مُون لائُون، سو موٽي ڪِيئَن پاھُون، جو مَحفُوظا مَحڪُمُ ٿِئو.[ سُر سھڻي - الست ارواح، کامڻ پچڻ ]
- جِتي ڀيرَ ڀِرَنِ، ڀَرِيُون پَوَنِ ڀَواريُون، تانگهَہ نَہ لَڌِي تارُئين، مَپُ نَہ ماٽِيَڙَنِ، ڪَنڌِيءَ اُڀا ڪيتِرا، سِيڻاھِيا سَنڪَنِ، تُون ڪِيئَن…[ سُر سھڻي - ساھڙ، اڀو آڇي ۽ سانڀارا ]
- ڪَچي ساڻُ ڪَھي، پَڪو پُڇي نَہ سُهڻِي، لَنگِهئو لُڙُ لَطِيفُ چئَي، وَڇارَنِ وَھي، سا ڪِيئَن نِينھُن نَھي، جَنھِن کي نِينھَن…[ سُر سھڻي - ترھو، ڪچو ۽ ڪنڀار ]
- وَڃان ڪِيئَن وَرِي، ھُوندَ ريءَ چئَي رَھِي رَھان، دُونھِينءَ پاسِ دوسَ جي، ماڳھِين پُئانَ مَرِي، نَہ صُورَتَ نَہ سُونھَن ڪا،…[ سُر سھڻي - تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن ]
- تَران تَہ مَران، وَران تَہ وَھُ وِتَرو، ھِينئَڙي ۾ ھوتَنِ جا، اَچَنِ گهورَ گَهڻا، پَسِئو پاڙي وارِيُون، ڏِسِئو ڏوھَ ڏَران،…[ سُر سھڻي - تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن ]
- طَعني لاءِ تَران، مَٿي وَھَ واڪا ڪِئو، مُون کي سِڪَ سَيِّدُ چئَي، مَرُ مَحَبتَ مَنجِهہ مَران، وِچان ڪِيئَن وَران، جُھ…[ سُر سھڻي - تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن ]
- جَرَ گِهڙِيي جوکو ٿِئي، آئُون ڪِ نَہ ڄاڻان اِيئَن، قَضا جَا ڪَرِيمَ جِي، تَنھِن کان ڪَنڌُ ڪَڍِئو ڪِيئَن، ھِڪُ لِکِئي…[ سُر سھڻي - تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن ]
- گهوڙو گهوٽَ پَلاڻِئو، مَٿِسِ زِينَ ڌَري، عَلِي شيرُ پُٽَنِ کي، اُڀو سَڏ ڪَري، حَسَنَ مِيرَ حُسينَ تُون، اَچِي لَڳُ ڳَري،…[ سُر ڪيڏارو - ڪربلا ۽ ڪارا ڪڪر ]
- ڪِجي پَنڌُ پُڇان تو، ڪيچِيَنِ ڪارَڻِ ڪِيئَن، بيخُودِ ھَلِجِ بَرَ ۾، آئُون ٿو چَوان اِيئَن، سِڪَڻُ ساڄَنَ سِينءَ مَتان مُٺِي…[ سُر آبڙي - ڳول سندو پاڻ ]
- چُڪَسِ سَڀَ چَئِي، ماڻُهو شَھَرَ ڀَنڀورَ جا، سا موٽِي ڪِيئَن مُئِي، جَنھِن جو جانِبُ جَتَ وَٺِي وِئا.[ سُر آبڙي - سُک، ڏُک ۽ ارادا ]
- موٽَڻَ جِي مَصلِحَتَ، مُون کي ڏِيو مَ جيڏِيُون، نِھارِيندِيَسِ نِڪَڻِي، آرِياڻِي اَلبَتَ، ڪِندِيَسِ اوٽَ اُنِ جِي، لَڪَنِ ڏيئِي لَتَ، سَرَتِيُون…[ سُر آبڙي - سُک، ڏُک ۽ ارادا ]
- ھيجُ نَہ ھُوندو جَنِ، سي ڪِيئَن وِندُرِ ويندِيُون، وِھو وِچِ رَھَنِ، سَھِسين سَڌُنِ وارِيُون.[ سُر آبڙي - سُک، ڏُک ۽ ارادا ]
- ڄاڻِي سُڃاڻِي، وِھان ڪِيئَن ماٺِ ڪَري، اَندَرِ آڳِ عِشقَ جِي، اَپَرِ اُڌاڻِي، اَلْعِشْقُ نَارٌ يُحْرَقُ مَا سِوَا الْمَحْبُوْبِ ، کُوري…[ سُر آبڙي - سڀ ڪجهہ سندي اندر ]
- ڄاتُمِ نَہ ڄاڻِي، تَہ ڪِ سانگِ ھَلَندا سُپِرِين، آئُون ڪِيئَن ڇَڏِيان پانھِنجو اَدِيُون آرِياڻِي، پاھَڻَ ۾ پاڻِي، ھاريُون ھارَڻُ آيو.[ سُر آبڙي - سڀ ڪجهہ سندي اندر ]
- غَفلَتَ يارُ گَنوايو، ٻَڙِي جيڏِيُون، ڪِيئَن ڪَرِيان ڪوھُ ٿِئو، سُتِيَسِ تان ساٿُ وِئو، اُٿِيَسِ تان ڏُکُ آيو، پُڇان ٿِي پُنهونءَ…[ سُر آبڙي - وايون ]
- ھوتَ سي ھَلَڻَ ھارا، جيڏِيُون ڪِيئَن ڪَرِيان آئُون اُنِ سين، کُوءِ پَلَنگَ ٻَنِ ماڙِيُون، کِيَڻَ ٿِيَڙَمِ کارا، سُونھَنِ سُپَيرِيَن جا،…[ سُر آبڙي - وايون ]
- اَدا ڙي ڏوٿِي پُڇان تو ٿِي، ڪيچَ رَسَندِيَسِ ڪِيئَن، ڪو ڏَسُ مُون ڏي، نَہ آئُون سَمِي نَہ سُومَرِي، نَہ آئُون…[ سُر آبڙي - وايون ]
- ڪُتو ڪوٺائِين، ڪَرِين نَہ ڪارِ ڪُتَنِ جِي، ٽُڪُرُ کائِين سائِينءَ جو، بَھُڪين ڪُسائِين، سائِينءَ ڪِيئَن سِيبائِين، اُليڙَ اِنِ عادَتين.[ سُر معذوري - ڪتا ۽ ڪوھ ]
- ڪَمِ قَرابَتَ جَنِ جِي، ھِتي آيَمِ ھِيئَن، رِفاقَتَ راڱَنِ جي، پَھتِيَسِ پَھَرَ سِيئَن، ماڻُهو مَلاحِظو تَنھِن جو، ڪيچِ نَہ ڪَندا…[ سُر معذوري - ڪتا ۽ ڪوھ ]
- ڇَپَرُ ڏيئِي ٻَنِ، وِھان ڪِيئَن ماٺِ ڪَري، جِتِ ڪوھِيَرا ڪافَ جا، ٻَھَ ٻَھَ ٻاڦُون ڪَنِ، موٽُ مَرَندِيئَن سَسُئِي، تُون نَہ…[ سُر معذوري - ڪتا ۽ ڪوھ ]
- پَنڌُ نَہ پَنڌَنِ جيتَرو، ڪِيئَن سُڄَندِي ڪِيھَ، جيڪَرَ ڪَرِيان رِيھَ، پَرَ چُوندا مُنڌَ چَرِي ٿِي.[ سُر معذوري - ڪتا ۽ ڪوھ ]
- ھَلَندي ھاڙھو مَڻِي، ڏَڪَنِ مُنھِنجا ڏوھَ، ھُوءِ اوڇَرَ سِر اُٺَنِ تي، ھِيءَ پَنڌَ پَڇاڙي پوھَ، ليڙَنِ ريءَ لَطِيفُ چئَي، ڪِيئَن…[ سُر معذوري - ھاڙھو پنڌ ]
- ھَلَندي ھاڙھو مَڻِي، ڇَپَرَ ۾ ڇُلان، پاٻوھَ پُنُوھَ ڄامَ جِي، سَرَتِيُون ڪِيئَن سَلان، سارِئو تَنھِن سَردارَ کي، اَندَرِ روھَ رُلان،…[ سُر معذوري - ھاڙھو پنڌ ]
- اَڌَرَ نِڌَرَ اَڀَرِي، ڪَمِ نَہ ڪُنماٽِي، سا ڪِيئَن وِھي ويسَرِي، جا گهائِي گُهنماٽِي، پيئِي پيشِ پُنهونءَ جي، اُسُنِ ۾ آٽِي،…[ سُر معذوري - اڌر نڌر ۽ ھيڪلي ]
- اَڌَرَ نِڌَرَ اَڀَرِي، آھِيان اَسُونھِين، پَرَڏيھِي پِرِين ڪِئا، مَرَڻَ لَئي مُونھِين، سَسُئِي ساڻُ سَيِّدُ چئَي، تَنگُنِ ۾ تُونھِين، ھارِي ڪِيئَن…[ سُر معذوري - اڌر نڌر ۽ ھيڪلي ]
- آرِي ڏي نَہ اِيئَن، اَکڙِيُون اَنڌِنِ کي، وَنِيُون جي وِڇايان، ساڻُ نَہ ھُوندِيُون سِينءَ، سي ڪُوڙِيُون پَسَنِ ڪِيئَن، پيشانِي پُنهونءَ…[ سُر معذوري - سُڻڻ، ٻُڌڻ ۽ مڃڻ ]
- پيرَ پَٽائِين ڪُونئَرا، ڏُونگَرَ مَٿي ڏي، پاڻُ پَسي ڦٽِئو، ٿِي ڪَڙِھي ڪيچِيَنِ کي، ھاڙِھو ھوتَ پَري، ڪوھُ ڄاڻان ڪِيئَن لنگهِئا.[ سُر معذوري - سُڻڻ، ٻُڌڻ ۽ مڃڻ ]
- جٖي سُئا نَہ ٻُڌا، سي ڪِيئَن پِرِين پَسجَنِ، قَلَمُ جَنِي جي ھَٿَ ۾، سي جَي ڪَرمُ ڪَنِ، اَنگُ مَٽائِي اڳِيُون،…[ سُر معذوري - سُڻڻ، ٻُڌڻ ۽ مڃڻ ]
- اِيندو ھوتُ ڇَپَرَ جو ڄامُ، جيڏِيُون ڪِينَ ڇَڏيِندو ڪَڏِھِين، وِھان ڪِيئَن ڀَنڀورَ ۾، ڪَري مَنُ مُدامُ، ڪاھي رَسَندِيَسِ ڪيچَ کي،…[ سُر معذوري - وايون ]
- لَڪَ مَٿي لٽِڪي، ڪَريو سَٻاجها سَڏَڙا، ويدِيَسِ ھوتَ پُنهونءَ سين، پاندُ جَهلِئو پَٽِڪي، مَران تَہ مانُ لَهان، ساھُ پِريان تان…[ سُر ديسي - جت، اُٺ ۽ ڌاريا ]
- ڪِيئَن اَڙايُئِي پاندُ، پَلَئُہ پَرَڏيھِيَنِ سين، مَتِيُون مُوڙِھِيُئِي سَسُئِي، ڪِيُئِي ڪوھِيارو ڪانڌُ، رُلِي ڀانيُئِي راندِ، ٻانڀَڻِ عِشقَ ٻَروچَ جو.[ سُر ديسي - وديسي وَرُ ]
- جَي ڄاڻان جَتَنِ، تَہ پوءِ پَٽاندَرُ ھيتِرو، آئُون ڪِيئَن مُلا تَنِ، سَرَتِيُون سُورَ پِرايان.[ سُر ديسي - جَت نہ مِٽَ ]
- وارَو وَرُ وَٺِي وِئا، جوري سين جابِرَ، صَبُرُ ڪِيئَن صابِرَ، اَچي عَجِيبَنِ ري.[ سُر ديسي - دانھُون ڪُوڪُون ]
- مِڙِي مُنڌَ ڏي آيُون، جيڏِيُون ڪَري جوڙُ، سَرِئو سُورُ سَرِيرَ ۾، گُهمِيو لاھي گهورُ، لُنءَ لُنءَ ۾ لَطِيفُ چئَي، لَڳو…[ سُر ديسي - اوٺي اُٻھرا ]
- جيڪُسِ آئُون نَہ تِيئَن، جِيئَن پِرِيتَڻُو پِرِيَنِ سين، سُتِيَسِ ٻَڌِي سوگهو ڪَري ڇَلِوَرُ ڇاتِيء سِينءَ، ڪيچِي ڪاھي ڪَرَھا، مُونهان وَڃَنِ…[ سُر ديسي - ڏيرن ناھي ڏوھ ]
- شَما بُروا زِيرِ ڪَنِي، سَڄَڻَ لَڳِ خُدا، چَشِما تي ڪُش مَران، تيري نيڻين ڪِئا گهاءَ، آئُون ڪِيئَن مَٽِيان ساءُ، سيڻَنِ…[ سُر ديسي - ٻروچڪي ٻولي ]
- ھوتَ نَہ ڀانيُمِ ھِيئَن، مارِي سَڄَڻَ تُنھِنجي نِينھَن، ڇَڏي تُون ڪو ڇَپَرِ ويندين، لُڪُون لَڳَنِ ڪوسِيُون، ڏاڍا تَپَنِ ڏِينھَن، جُهونگارِيندي…[ سُر ديسي - وايون ]
- ويندِيَسِ ڪيچِ ڪَھِي، سيڻَنِ ساڻُ صَحِي، ڀينَرُ آئُون جِيئَندِيَسِ تان نَہ جَتَنِ ري، وِھان ڪِيئَن ماٺِ ڪَري، ھيڏو سُورُ سَھِي،…[ سُر ديسي - وايون ]
- غافِلِ غَفلَتَ ڇوڙِ، تُون ڪِيئَن اَڻاسِي اوجِهرين، چُپاتا چَڙِھِي وِئا، وَڃِي پَھتا توڙِ، نيڻين نِنڊَ اُکوڙِ، جِمَ وَرَنِ ۾ واڪا…[ سُر ڪوھياري - نِدورِي نِنڊ ]
- اِيءُ ڪَمُ ڪَمِيڻِيَنِ، جِيئَن سُتِيئَن پيرَ ڊِگها ڪَري، نِنڊان نِماڻِينُ کي، اوڀالا اَچَنِ، ليٽين ڪِيئَن لَطِيفُ چئَي، ھارِي ريءَ ھوتَنِ،…[ سُر ڪوھياري - نِدورِي نِنڊ ]
- ڏُونگَرَ ڏُکويُنِ کي، دِلِاسا ڏِجَنِ، گهَڻو پُڇِجي تَنِ کي، جَنِ وَٽان ھوتَ وَڃَنِ، تُون ڪِيئَن سَندا تَنِ، پَھَڻَ پيرَ ڏُکوئِيين.[ سُر ڪوھياري - ڪوھ سان ڪچھري ]
- جيھِي جٖي تيھِي، ٻانِهي ٻاروچَنِ جِي، حُجَتَ ھوتَ پُنهونءَ سين، مُون ڪَمِيڻِيءَ ڪيھِي، اَصلِ آرِيءَ ڄامَ جي، پَليءِ آئُون پيئِي،…[ سُر ڪوھياري - اُڊڪا ۽ ايلاز ]
- ٻانھوٽِي ٻانِهي، زرِ خَرِيدَ جَتَنِ جي، سي ڪِيئَن وَڃَنِ وِسَرِي، جي جِيءَ سَندا جانِي، اَڱَڻِ اَمانِي، شَلَ ڪيچِيَنِ جي ڪامَ…[ سُر ڪوھياري - اُڊڪا ۽ ايلاز ]
- ڪَنِيزَڪَ ڪيچِيَنِ جِي، ٻاروچي ٻانِهي، سي ڪِيئَن وَڃَنِ وِسَرِي، جٖي جِيءَ اَندَرِ جانِي، اَڱَڻِ اَمانِي، شَلَ ڪيچِيَنِ جي ڪا مَ…[ سُر ڪوھياري - اُڊڪا ۽ ايلاز ]
- ريءَ قَرِيبَنِ قُوتُ ڪِئو، وِرِھَ چَران ويٺِي، ٻانڀَڻِ کي ٻَروچَ ري، ٿِي ڏُکَنِ سين ڏيٺِي، تو پُڄاڻا سُپِرِين آئُون سُورَنِ…[ سُر ڪوھياري - خودڪلامي ]
- سَرَتِيُون ڪِيئَن سَگهِي ٿِئي، ويڙِھِي جا وِرَھَنِ، چَتُ جَنھِن جو چُورِ ڪِئو ڪِئو، ڏُکوئِي ڏُکَنِ، پُڄاڻا پِرِيَنِ، اَدِيُون اَگِهي آھِيان.[ سُر ڪوھياري - خودڪلامي ]
- سَنجهي مُون نَہ سَنڀالِئو، تَہ ڪِي اوٺِي ڪَندا اِيئَن، ڪُھِي ڪَمِيڻِي ڪِيئَن، جَتَنِ راتِ جَڏِي ڪِي.[ سُر ڪوھياري - پڇتاءَ ۽ انومان ]
- وِئو ٻاروچو نِڪِرِي، ھاڻي ڪَرِيان ڪِيئَن، سِڄَ اُلَٿي سِيئَن، سَٽُون ڏِيندِيَسِ سُڃَ ۾.[ سُر حسيني - لَڙُ مَ لاڙائُو، جِيءُ ۽ آتڻ ]
- آتَڻُ اورانگهي وِئا، ڪَري ڪَمِيڻِي ڪِيئَن، ھاڻي گُهرِجي ھِيئَن، جِيئَن ڏِجي باھِ ڀَنڀورَ کي.[ سُر حسيني - لَڙُ مَ لاڙائُو، جِيءُ ۽ آتڻ ]
- ڀينَرُ ھِنَ ڀَنڀورَ ۾، گهايَلِ ٿِي گهارِيان، سَڄَڻَ جي سانگِ وِئا، سيئِي ٿِي سارِيان، سي ڪِيئَن وِسارِئان، جي وَٽان مُون…[ سُر حسيني - بُرو ھو ڀنڀور ]
- مَران تان قُربانُ، ساھَ پِريان تان صَدِقو، سَندو مَحَبتَ مانُ، ويھِي ڪِيئَن وِڃايان.[ سُر حسيني - ووءِ ووءِ ڪرڻ ۽ روئڻ ]
- وَسِي وِساڻِيُون، رَتو روئِي پِرِينءَ کي، پييُون کَڻَنِ پَٻَ ڏي، نَظَرَ نِماڻِيُون، سي ڪِيئَن ٻيلِياڻِيُون، جَنِ وِيندو ھوتَ نَہ وارِئو.[ سُر حسيني - ووءِ ووءِ ڪرڻ ۽ روئڻ ]
- ڏُونگَرَ تان ٻيلِي، ڏِجي ٻَنِ ٻيلِيَنِ ري، سا ڪِيئَن وِھي ويسَرِي، سُورَنِ سَھيلِي، چوٽِي چَنبيلِي، جِيئَن تِيئَن جهاڳي اُکَتِي.[ سُر حسيني - ڇپر، لوٺيي، حُج ۽ ھاءِ ]
- لُوٺِيَسِ لاڳاپَنِ، نِنڊَ نِھوڙِيَسِ جيڏِيُون، سَڄَڻُ ڏُونگَرَ چوٽِيين، آڏا سيلَهہ سُڄَنِ، سي ڪِيئَن پِرِين پَسَنِ، جَنِي نِيَرُ ننگَ جو.[ سُر حسيني - ڇپر، لوٺيي، حُج ۽ ھاءِ ]
- اُونءَ تان اوٺِيَنِ نَہ ڪِئو، آرِيءَ اُتُنِ جِيئَن، ڪيچِ پَهچَندِي ڪِيئَن، اِھڙَنِ اَٻاجَهنِ سين.[ سُر حسيني - وڳ قطارون ۽ ڪاروُن ]
- ھوتَنِ ڪانَہ ھُئِي، پاڻِهين پييَمِ پُنهون سين، ٻانِهي ٻاروچَنِ جِي، سَڳَرَ مَنجِهہ سُئِي، سا موٽي ڪِيئَن مُئِي، جَنھِن جو ھِييُون…[ سُر حسيني - وڳ قطارون ۽ ڪاروُن ]
- وِھان ڪِيئَن ڀَنڀورَ ۾، مُنھِنجو ساھُ وَھِيو سيڻانِ آيَلِ آيَلِ! مادَرِ پايو مُنڊِيُون، ڪُوڪِيان وَرُ ڪيڻانِ، سو ڪِيئَن ھِينئَڙو جَهلِئان،…[ سُر حسيني - وايون ]
- پَرَڏيھان پَنڌُ ڪَري، ھَلِي آيو ھُون، تُون اُوچو عَرشَنِ تي، آئُون ڀورو مَٿي ڀُون، ڪِيئَن تُسَندين تُون، سِرَ سُوالِي آھِيان.[ سُر سورٺ - سائل در آئيو ]
- ڀَلِي ڪِيَئِي ڀَلا پِرِين، مُون نَہ ڄاتو اِيئَن، ھِيُون ھيرائي ھَٿِ ڪَري، ھَلِيو ويندين ھِيئَن، سا سِڪَ سَلان ڪِيئَن، جَنھِن…[ سُر بروو سنڌي - صُورت فانِي ۽ مڙه مقام ]
- مُون نِماڻِيءَ نَصِيبُ ٿِئي، پِرِينءَ پيشانِي، سي ڪِيئَن وَڃَنِمِ وِسَرِي، جٖي جِيءَ اَندَرِ جانِي، تَنِي جِي ٻانِهي، ڪِھَڙِي حُجَ ھَلايان.[ سُر بروو سنڌي - صُورت فانِي ۽ مڙه مقام ]
- لوڊِي لَکَ اَچَنِ، رُوءِ راڻي جي ناھِ ڪو، ھِڪُ اَکِيُون ٻِئا اَڱڙا، پَرِ ۾ ٿا پَچَنِ، سي ڪِيئَن مَينڌَرا مَچَنِ،…[ سُر راڻو - چندن، لوڊي، ڪاڪ ڇڏڻ ]
- راڻو ڀانيو راندِ، وَڃِئو ڪِيئَن وِڙَ رانِئيُين، وَرُ وِڏُوھِئو اِينھَئِين، جِيئَن پَرُ پُڄِتوءِ پاندِ، ھَئَي ڀَڳِيَئِي ھيڪاندِ، سوڍو سارِيندينءَ گهَڻو.[ سُر راڻو - ھلو ھلو ڪاڪ ۽ ڀُونءِ ]
- سوڍا سُورَ سُڪايُون، اَکِيُون آبُ نَہ ڪَنِ، راڻي جِيءَ رِھاڻِ کي، وِڏُوڻِيُون وَتَنِ، سي ڪِيئَن مَينڌَرا مَچَنِ، جٖي تو سوڍا…[ سُر راڻو - رُس مَ رُسڻ گهورئو ]
- راڻا نَہ ڄاڻان، تَہ ڪِيئَن وِڏوھِيين وَلَها، پيئِي کيھَ کَٽُنِ تي، ٿِئا پَلَنگَ پُراڻا، جايُون گُلَ زَباتَ وَڻَ، تو ريءَ…[ سُر راڻو - راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ ]
- راڻا نَہ ڄاڻان، ڪِيئَن وِڏُوھِيين وَلَها، اَچِي ڪاڪِ ڪَنڌِنِ ۾، پَرَچِي ڏي پاڻا، تَہ سوڍَلَ سِياڻا، ڳُجُهَہ ڳَرَھِئان ڳالِهڙِيُون.[ سُر راڻو - راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ ]
- ڪوجو ڪَٽَرُ ڪاڪِ مان، راڻي کي رَھِئو، ماڳِ نَہ اَچي مَينڌَرو، ايڏو سُورُ سَھِيو، موٽِي تَنھِن مَحلاتَ ۾، وَري تان…[ سُر راڻو - راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ ]
- مَيي ۽ مَينڌَري، ڏِٺي ٿِيڙَمِ ڏِينھَن، ھاڻي ڪَرِيان ڪِيئَن، ويٺِي ڳوڙھا ڳاڙِيان.[ سُر راڻو - موٽ ۽ پرچ راڻا ]
- وِھان ڪِيئَن ڪَري مُون سِرِ باھِ ٻَري، راڻا تو ريءَ رِڻُ ٿِي ڀايان، سوڍو سي سارِيندِيُون، لَڳو جَنِ ڳَري، آءُ…[ سُر راڻو - موٽ ۽ پرچ راڻا ]
- تُون ڪِئان اَچين ڪاپَڙِي، موٽِئو ڪِيئَن مارِي، آئُون اُتاھِين ٿو اَچان، جِتِ مُومَلَ موچارِي، ڪَنڌِيءَ ڪاڪِ ڪَڪورِئا، چَندَنَ چَوڌارِي، سُوڌا…[ سُر راڻو - ڪاڪ قاصد ۽ آسڻ ]
- گُلِتانَ جَھِڙِيُون گُجَرِيُون، اَرَمَ اوڍئائُون، جوٽا تيلَ ڦُليلَ سين، واسِينگَ ويڙھِئائُون، سُتِي لوڪَ لَطِيفُ چئَي، رَڻُو رانيائُون، سو موٽِي ڪِيئَن…[ سُر راڻو - ڪاڪ قاصد ۽ آسڻ ]
- اَچِئو آتَڻَ وارِيُون، مُون کي طَعنا ڏِينِ تي، ڪِيئَن ڪَرِيان ڪاڏي وَڃان، مُون کي سوڍو سَجُهہ نَہ ڏي، پَٿَرِ وارَ…[ سُر راڻو - وايون ]
- رِڻُ پَسِئو روڇا ڪَرِيين، چانگا چَڱي نَہ اِيئَن، تاڻِي نِيندَءِ تَڪِڙو، مَيا مُومَلَ سِيئَن، تَڏِھِين ڪَندين ڪِيئَن، جَڏھِن تاڙي ڏيندَءِ…[ سُر راڻو - وايون ]
- سِياڪو سيڻان، ڀورِي تو پاڻُ سُڃاڻِي نَہ ڪِئو، آٽَنِ مُنھِنجا اَڱڙا، ڪالُهون پوءِ ڪيڻانِ، ھُوندَ نَہ پيئِيَن ھيتَري، وَھِئِيَن جي…[ سُر کاھوڙي - وايون ]
- سامِي کامِي پِرِينءَ لَيءِ، ڪُسِي ٿِئا ڪَبابُ، اوتِينِ اَرَتي گاڏُئُون، مَنجهان اَکِيُنِ آبُ، تِھَڙو ڏِسَنِ ڏوھُ کي، تِھَڙو تَنِ ثَوابُ،…[ سُر رامڪلي - ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙي ]
- ڪانگُ قاصِدُ ڪِيئَن، جو سَدا ڍُونڍي ڍُونڍَ کي، پھرِين ڪَري پيٽَ جِي، پوءِ وَڃِي سيَڻنِ سِيئَن، حالُ جَنھِن جو ھِينئَن،…[ سُر پورب - ڪانگ ]
- سامِي چائِيين سُکُ طَلَبِيين، ھو مَ ھُوندَنِ جِيئَن، لاھُوتِي لَطِيفُ چئَي، ھُونِ نَہ آديسِي اِيئَن، سي ڪاپَڙِي ڪِيئَن، جٖي تَعلَقَ…[ سُر پورب - سامي سنياسي ]
- جَنِ جو وارثُ تُون، سي ڪِيئَن رَھَندا نيڻَ نِماڻا، آگي اَڀُ خَلقِئا، ڀَلِي خَلقِئائِين ڀُون، جوڙِيائِين جَھانَ کي، چَئِي ڪُن…[ سُر پورب - وايون ]
- اَبَڙو وَڏَ وَڙو سُوَڙو، سامُون جَهلي، سوٺا سَھي، سَمُو سُونھَن سَڀَنِ، تو مَنِ تُرِڪَ اَچَنِ، ڪِيئَن ڪَرِيندين ڪَڇَ ڌَڻِي.[ سُر بلاول - سمو سلطان ۽ ابڙو ]
- سي ڪاپائِتِيُون ڪِيئَن، ھارُ جَنِي جي ھَٿِ، ڏِنِيَئِي نَہ ڏُوڻَ ڏُجاڻِيين، پِشيمانِيءَ جِي پَتِ، مُٺِي مُوڙِھِيَئِي مَتِ، جِيئَن دوسِتُ وِڃايُئِي…[ سُر ليلا - ڏيئي جي ڏھاڳ ]
- ڀورِي تو ڀَؤُ نَہ ڀانيو، لِيلان تو لِهورُ لَڄايو، ڪوڙي مَڻِيي ڪَچَ تي، مُوڙِھِي تو مَردُ مَٽايو، ھِرِکي ويئِيين ھارَ…[ سُر ليلا - وايون ]
- وَڳَرُ وِساري، ويٺِيئَن ڪِيئَن ماٺِ ڪَري، ڪِ تو نَہ ماري، رُڻِ جُهڻِ سَندِي سَڄَڻين.[ سُر ڏھر - وڳرين ڪُونجون ]
- راءَ سين رُٺا جٖي، تَنِ جاڙيجَنِ جاڙَ ڪِي، ڪِيئَن ماڻِيندا سي، چوڏَھن چارو ڪَڇڙو.[ سُر ڏھر - لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ ]
- سُتو ڪِيئَن نِنڊُون ڪَرِيين، وَرَ وِھاڻِيءَ ووءِ، صُباحَ ساجُ سَندوءِ، پِئو ھُوندو پَٽَ ۾.[ سُر جاجڪاڻي - سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار ]
- گُنگي جي ٻُجَهنِ، اَدَبُ ڪِجي اُنِ جو، نَنڍِي وَڏِي ڳالِهڙِي، سَڄَڻَ ٿا سَمجَهنِ، تُون ڪِيئَن اَڳِئان تَنِ، وَڃِئو وِلَلِين واتَ…[ سُر جاجڪاڻي - سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار ]
- ڪَتي نَہ ڪُوڙِي، پائي ڏوۡرِ اَرٽَ ۾، وِھانءِ جي واڌائِيين، ڀُڻي سَنڀُوڙي، مَٿي جَنھِن مُوڙِي، سا ڪِيئَن وِھي ويسَرِي.[ سُر ڪاپائتي - چائت ۽ محبت ]
- سي تو وَھيءَ وِڃايام جٖي ڪَتَڻَ سَندا ڏِينھَن، اَرٽَ اوڏِيائي نَہ ٿِيين، ڀورِي ڀورو سِيئَن، تَندُ پَسَندِينءَ ڪِيئَن، ھاڻي تُون…[ سُر ڪاپائتي - چائت ۽ محبت ]
- گَبَرِيين ۽ گُونِيين، پِرِين پَٽائين گَجَ جِيئَن، جي مَنَ اَندَرِ مَجُونِي، سي ڪِيئَن وَڃَنِ وِسَرِي.[ سُر رِپ - اندر، سٻر ۽ نھائين ]
- اَندَرَ اَندَرِيُون، جِيئَن سي وانجِهيءَ لَٺِ ۾، جُھ تَنَ تيتَريُون، تَہ ڪِيئَن مِلبو سَڄَڻين.[ سُر رِپ - اندر، سٻر ۽ نھائين ]
- نِينھُن نِھائِينءَ جان، ڍَڪِئو ڪوھُ نَہ ڍِڪِيين، ڄَرَ ڄيري ڇَڏِي، تَہ ڪِيئَن پَچَندا ٿانءَ، سَندي ڪُنڀاران، ڪَنِ ڪَريجا ڳالِهڙِي.[ سُر رِپ - اندر، سٻر ۽ نھائين ]
- نِينھُن نِھائين جِيئَن، ڍَڪِئو ڪوھُ نَہ ڍَڪِيين، ڄَرَ ڄيري ڇَڏِي، تَہ رَڇَ پَچَندا ڪِيئَن، تُون پُڻ ڪَرجِ تِيئَن، جِيئَن ڪُنڀارَ…[ سُر رِپ - اندر، سٻر ۽ نھائين ]
- وَقتُ جو وَڃي، سو قَضا ٿِئي ڪِيئَن، جَا پَرِ عَزازِيلَ جِي، تان نَہ گُهرِجي تِيئَن.[ سُر آسا - آئون، تُون، روزا نمازُون ]
- پَڙَهنِ وَقتَ نِمازَ جا ۽ قَضا ساري ڪَنِ، پايو مُنھُن مُصحفَ ۾، راتو ڏِينھَن رَڙَنِ، اُوءِ مُٺا ڪِيئَن مَرڪَنِ، اَندَرِ…[ سُر آسا - آئون، تُون، روزا نمازُون ]
- جانۡ تَنُ ڪِئوءِ نَہ تِيئَن، سُوئِيڙَيائِين سَنِهڙو، پِرِين پائِيندا ڪِيئَن، توکي اکَڙِئَنِ ۾.[ سُر آسا - مجازي مام ]
- ديکِيندي دِيدارَ کي، ڪُلَ سُڃاتو ڪِيئَن؟ جانِبَ مَنجهان جِيئَن، مَحرُومَ ئِي مَرِي وِئا.[ سُر آسا - ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو ]
- عاشِقُ ڀانئِين اِيئَن، تَہ سِڪَ ڪَنھِن کي نَہ سَلان، وَھَنِ اَکِيُون وِرڄي ھِنيُون، وِچِ رَھَندِي ڪِيئَن.[ سُر آسا - ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو ]
- مُون کي مُون پِرِيَنِ، ميرِي ڪَري نَہ مَٽِئو، ھِڪا ڳُڻَ ڳچِيءَ ۾، ٻِئا سيراندِيان سُونھَنِ، آئُون ڪِيئَن سَندي تَنِ، ڪُلهَنِئان…[ سُر آسا - من، گولو ۽ جنڊ ]
- پِئو جو پاتارِ، سو ڪِيئَن پُسَڻان پالهو رَھي، سالِڪَ مُون سيکارِ، ڪو پَھُ اِنَهِينءَ پاندَ جو.[ سُر آسا - من، گولو ۽ جنڊ ]
- گولو توءِ غُلامُ، جَي فارِسِي سِکِئو، ٻَڌو جَو ٻِن ڳالِهيين، سو ڪِيئَن چائي ڄامُ، اُڃِئو تَہ آبُ گهُري، بُکِئو تان…[ سُر آسا - من، گولو ۽ جنڊ ]
- پِٿُون پَرُوڙي جَنِ، جَرا ھَڻِي جَکورِئا، تُون ڪِيئَن اَڳِئان تَنِ، پُورا پاسِنگَ پائِيين.[ سُر آسا - من، گولو ۽ جنڊ ]
- اي مِيان سَڄَڻَ، تو ري ڪِيئَن رَھندا نيڻَ مُنھِنجا، جَنِ جو آڌارُ تُون، جِئائِين اُلَهي اُڀَري، توڙي تِئائِين پَري، توءِ…[ سُر آسا - وايون ]
- اللهَ سائِين، سائِين ! پُئان پِرِيَنِئُون مَ پاھِين، وَڏِي آسَرَ آھِين اَسانھِين، جِتي ديرو دوسِتَ جو، سا ڪِيئَن ڀُون اَڳاھِين،…[ سُر آسا - وايون ]
- ڏيرَنِ مُل ڏاڍائِي، يا اِلاھِي، آئُون آسُونھِين اَوَتَڙَ آڏا، چُوڻُو چُڻَنَ آئِيا، پَکِيَڙا پَرَڏيھِي، سَوَلِي ڪَرِيين سَچا ڌَڻِي، اَڳِئان اُونداھِي،…[ سُر آسا - وايون ]
- اَوَلِ نامُ اللهَ جو، مِڙنِئُون مَٿاھُون، ڪِيئَن ڪَري قَبُولِئان، عُمَرَ کي آئُون، رازِقَ رَضائُون، مُون مَٿي اُتي مَڃِيُون.[ سُر مارئي - مارُن جو حال ]
- باللہ آھِيان بَندَ ۾ ڌُئان ڪِيئَن ڌَٻَرُ، ويڻَ وَراڻي ناھِ ڪا، سُومَرو سَٻَرُ، مِيان مَھربانُ ڪَرِيين، اِلاھِي عُمَرُ، ويڙِھ پَسان…[ سُر مارئي - مارُن جو حال ]
- ڳاڙھا ڳَنَ ڪُھاڙِيين، لاکِيُون لويُون جَنِ، ميڙي رَتِيُون مَڃُرَ مان، پاڳُون پَنوَھارَنِ، تُون ڪِيئَن سَندِيُون تَنِ جَهنگان آڻِئو جَهِليين.[ سُر مارئي - مارُن جو حال ]
- جَڏھِن ڪُن فَيَڪُون ، مَنُ تَڏاھانڪُون مارُونئين، تُون ڪِيئَن وِجهين تَنِ کي، سُومَرا شَڪُون، حَمِيرَنِ ھَڪُون، جاڙَ جُسي کي پاتِيون.[ سُر مارئي - ڪن فيڪون ۽ قيد ]
- تَنِ وَنھِيَنِ ويڙِهيچَنِ کي، رُئان راتو ڏِينھَن، ڪالَهہ پَنوَھارَنِ لَڏِئو، مُون کي چاڙِھي چِيئَن، آئُون جِيئَندِي ڪِيئَن، جُھ اُنِ ٿَرِ…[ سُر مارئي - ڏيھ ڏاڏاڻي جي خبر ]
- سَنِهيءَ سُئِيءَ سِبِئو، مُون مارُوءَ سين مَنُ، ھَڻِي کَڻَ حِلمَ جا، تَھِ وِڌائُون تَنُ، ڪِيئَن ٽوپايان ڪَنُ، اَباڻِيءَ اِبرَ ري.[ سُر مارئي - ڏيھ ڏاڏاڻي جي خبر ]
- اَڃا ڪَتِي ڪالَهہ، مُلا آندِيَمِ مارُوئين، سا ڪِيئَن لوئِي لاھِيان، مَٿان لِڱَنِ لالَ، مارُنِ مِلِي شالَ، ڏَھِيُون توءِ ڏيکارِيان.[ سُر مارئي - ڏيھ ڏاڏاڻي جي خبر ]
- نَہ خَبَرَ نَہ خُوابُ، نَڪو اوٺِي آيو، ھُتي جَي ھِتِ اَچِي، ڏِنو ڪونَہ جَوابُ، حَمِيرَنِ حِسابُ، ڪوھُ ڄاڻان ڪِيئَن ٿِئو.[ سُر مارئي - ڏيھ ڏاڏاڻي جي خبر ]
- ڪاغَذُ لِکان ڪِيئَن، جِيئَن ھَڻِئو اَمُرُ اَڌَ ڪَري، واڳِيُون جي وِصالَ سين، تَنِ چاڙِھي چِيئَن، رُئان راتو ڏِينھَن، اُنِ جي…[ سُر مارئي - ڏيھ ڏاڏاڻي جي خبر ]
- عُمَرَ اَڇا ڪَپِڙا، ڪاڻِيارِيُون ڪِيئَن ڪَنِ، جَنِي جا ٿَرَنِ ۾، وَرَ ٿا ويڻَ سَھَن، ھُوءِ جٖي حَقَ ڀَڃَنِ، سي ڪِيئَن…[ سُر مارئي - سَوڙ سمهڻ، مينڍا ڌوئڻ ]
- آئُون ڪِيئَن سَوَڙين سُمَهان، مُون وَرُ گهاري وِلَهہ؟ کَٿيرِيءَ تان کِلَ، عُمَرَ ڪِجِ مَ اِھَڙِي.[ سُر مارئي - سَوڙ سمهڻ، مينڍا ڌوئڻ ]
- مُون وَرُ گهاري سُڃَ، آئُون ڪِيئَن سَوَڙين سُمَهان، مَرُ اَباڻَنِ سين اُڃَ، کُوءِ شَربَتُ تُنھِنجو سُومَرا.[ سُر مارئي - سَوڙ سمهڻ، مينڍا ڌوئڻ ]
- سُونھَن وِڃايَمِ سُومَرا، ھِتي اَچِي ھاڻِ. ڪِيئَن لَھَندِيَمِ ڪاڻِ، حُسُنُ مُون ھِتِ وِئو.[ سُر مارئي - سونھن وڃايم سومرا ]
- سُونھَن وِڃايَمِ سُومَرا، ڪوٺِيين اَچِي ڪالَ، ڪِيئَن پَسَندِيَسِ پالَ، حُسُنُ مُون ھِتِ وِئو،[ سُر مارئي - سونھن وڃايم سومرا ]
- سُونھَن وِڃايَمِ سُومَرا، ڪوجهو ٿئمِ ڪَمالُ، وَڃان ڪِيئَن وَطَنَ ڏي، ھِھَڙو وَٺِي حالُ، جَي مُون ڏيِين جَمالُ، تَہ پَسان مُنھُن…[ سُر مارئي - سونھن وڃايم سومرا ]
- سُونھَن وِڃايَمِ سُومَرا، وَطَنِ وَڃان ڪِيئَن، حُسُنَ ڌاران ھِيئَن، پَسان ڪِيئَن پَنوَھارَ کي.[ سُر مارئي - سونھن وڃايم سومرا ]
- سُونھَن وِڃايَمِ سُومَرا، پَسان ڪِيئَن پَنوَھارُ، ڌُڻي جَا ڌَراڙُ، تَنھِن رُوءَ ريءَ رُچڻُ ناھِ ڪو.[ سُر مارئي - سونھن وڃايم سومرا ]
- سُونھَن وِڃايَمِ سُومَرا، ٿيِندِيَس ڪِيئَن قَبُولُ، ڪونِهي سُھَڳَ سُولُ، پُوچي مُنھَن پَنوَھارَ ري.[ سُر مارئي - سونھن وڃايم سومرا ]
- جِھَڙِي آيَسِ جِيئَن، تِھَڙِي وَڃان تَنِ ڏي، لالائِيءَ جَا لَطِيفُ چئَي، مُندين اُٺا مِينھَن، ٿِيَسِ ڪاڻِيارِي ڪانڌَ جِي، ھِتي اَچِي…[ سُر مارئي - بندياڻي واجهائي وطن کي ]
- جِھَڙِي آيَسِ جِيئَن، جَي تِھَڙِي مِلان تَنِ کي، ڦِران ڦَرَ چارِيان، ھِنيُون چَئيمِ ھِيئَن، ويندِيَسِ وَطَنَ سامُھِين، ڪاڻِ لَھَندِيَمِ ڪِيئَن،…[ سُر مارئي - بندياڻي واجهائي وطن کي ]
- مَ سَپَنِي مارُئِي، مُئِي مَ ڄائِي، جَنھِن اَچِي عُمَرَڪوٽَ ۾، لوئِي لَڄائِي. جا سانگِيَنِ سَڏائِي، سا ڪِيئَن مَرَڪي ماڙِيين.[ سُر مارئي - بندياڻي واجهائي وطن کي ]
- ھِيءُ مُنھُن ڏيئِي ٻَنِ، تُون وِھُ کائِي نَہ مَرين، تو سين مَلِيرَ ڄايُون، تان جي سَڱُ نَہ ڪَنِ، تُون ڪِيئَن…[ سُر مارئي - بندياڻي واجهائي وطن کي ]
- ٿَرِ جَي ٿوڪَ ٿِيَنِ، سي جَي پَسِين سُومَرا، ھِڪُ مَوتُ ٻِئو ڦوڙائو، ٽِئو ساڻيھَ کي سِڪَنِ، تُون ڪِيئَن مَٿان تَنِ،…[ سُر مارئي - بندياڻي واجهائي وطن کي ]
- آئُون ڪِيئَن ڇَڏِيان سُومَرا، تَنِ پَنوَھارَنِ پَچارَ، جَڙَ جَنِي جِي جانِ ۾، لَڳِي ريءَ لُھارَ، ميخُون مَحَبتَ سَندِيُون، ھِينئَڙي مَنجِهہ…[ سُر مارئي - مارُن ريت، پنھوارن پاٻوھيو ]
- ٿُوھَرَ کُوھَرَ ٿَرَ، جِتِ ساٺِيڪا ۽ سَٽِيُون، چارِينِ ٿِيُون چاھِ پِئو، ڦوڳَنِ پاسي ڦَرَ، ڪِيئَن لَھَندَمِ ڪَرَ، جِيئَن مارُو پاڻَ…[ سُر مارئي - مارُن ريت، پنھوارن پاٻوھيو ]
- مُون مارُوءَ سين لَڌِيُون، لوئِيءَ مَ لائُون، سونَ بَرابَرِ سَڳَڙا، مُون کي ٻانھُنِ ٻَڌائُون، عُمَرَ چؤُ آئُون، ڪِيئَن پَٽُ پَرَھِيان…[ سُر مارئي - آڻين چاڙهين، سون برابر سڳڙا ]
- پَٽُ نَہ پَرَھِيان سُومَرا، جان ڪِي تان جِيئان، آئُون ڪِيئَن لوئِي لاھِيان، ڪارَڻِ ٻِنِ ڏِينھان، جان سين ٿِي جِيئان، ڪانڌُ…[ سُر مارئي - آڻين چاڙهين، سون برابر سڳڙا ]
- ٿورا مَنجِهہ ٿَرَنِ، مُون سين مارُوءَ جٖي ڪِئا، عُمَرَ اُنِ ڳُڻَنِ، آئُون ڪِيئَن لوئِي لاھِيان.[ سُر مارئي - لوھ نير، مند مارُو ]
- چُرَنِ چُڻِڪَن چِتَ ۾، وِسِرَنِ ڪِينَ وَري، ڳَنان عَھَدَ اَلَستَ جي، ڪِ تِھائِين پَري، لَمْ يَلِدْ وَلَمْ يُولَدْ ، مارُئِي…[ سُر مارئي - چرن چڻڪن چت ۾ ]
- آهِينِ اَبُرَ آسِري، جَرَ ۾ سِپُون جِيئَن، ڪُونجُون سارِينِ روھَ کي، مُون تَنَ اَندَرِ تِيئَن، هُتِ وَعدا وَڃَڻَ جا، هِتي…[ سُر مارئي - مارئي ملير جي ستي سيل ]
- لوءِ وَڃِي ڪا چوءِ، مُنھِنجو مارُوئَڙَنِ کي، ڇانگان ڇِڄي ڇيلَڙو، جَي ڪَنھِن جو هوءِ، صَحِي وَڙولِينِ سوءِ، آئُون ڪِيئَن وييسِ…[ سُر مارئي - جيھا جي تيھا ]
- هُنَ ڀِرَندِيءَ ڀُون، گُسَ نَہ لَڳِئَمِ گَسَ جِي، آيسِ عُمَرَڪوٽَ ۾، ٿِئو مَٿو ميرو مُون، جادُنِ پييُون جُون، ڪِيئَن مَرَڪان…[ سُر مارئي - جيھا جي تيھا ]
- ڄارِيُون ناڙِيُون نيسَ، آئُون ڪِيئَن ويڙِه وِساريان، ڍُرڪَنِ ٿِيُون ڍاٽيلِيُون، ڪارا جَنِي ڪيسَ، عُمَرَ ماري ميسَ، وِهان ڪِيئَن وَطَنَ جِي.[ سُر مارئي - جيھا جي تيھا ]
- ناڙِيُون ڄارِيُون، مُون کي مَنِ مَلِيرَ جُون، سي ڪِيئَن وَڃَنِ وِسِرِي، جي پائُر پَنوَهارِيُون، اُنِهين لَيءِ آرِيُون، هِنيُون ٿو هِتِ…[ سُر مارئي - جيھا جي تيھا ]
- عُمَرَ اَسان جي ڏيھَ ڏي، کَٻَڙِيُون کارِيُون، سي ڪِيئَن وَڃَنِ وِسَري، جي پائُر پَنوَهارِيُون، اُنِهين لاءِ آريُون، مُنھِنجو هِنيُون ٿو…[ سُر مارئي - جيھا جي تيھا ]
- ڪِيئَن مَيارُون موڪِليين، مارُنِ ڏانھَن مُٺِي، ڪَتِيُئِي نَہ ڪوڏِ پَئِي، پائُرَ مَنجِهہ پُٺِي، تو تان وِڄُ اُٺِي، جَنھِن کائُرُ سَڀَ…[ سُر مارئي - جيھا جي تيھا ]
- مُنھِنجو مَنُ ماروءَ ڏِٺَڙي رَچي. اِلاهِي عِنايَتَ سين، سِيلُ نِباهِئو سَچي، کَنڊون کائِي کِيرَ سين، مارُوءَ ريءَ ڪِيئَنِ مَچي، مَٿي…[ سُر مارئي - وايون ]
- لوئِيءَ ۾ لائُون، مُون مارُوءَ سين لَڌِيُون، اَوَلِ نانءُ اللهَ جو، مِڙِنِئان مَٿاهُون، سا ڪِيئَن کائي کارِڪُونَ، جَنھِن کي ڏَنئُرا…[ سُر مارئي - وايون ]
- آئُون وِسارِيان ڪِيئَن، هِي ڳُڻَ مارُنِ جا؟ مِينڍا ڌوءِ نَہ مارُئِي، جيڏِيُنِ جَڙِيا جِيئَن، ڇَتا مُورِ نَہ ڇوڙِيان، سَرَتِيُنِ سيڙِهِئا…[ سُر مارئي - وايون ]
- ويڙِهِيچَنِ کي ٿِي واجهايان، ڀَلا ڄامَ، مان نَڪو، ميڙائي جو مِينھُن وَسي، عُمَرَ اُنَهِيءَ ڏيھَ جو، پانڌي روزُ پُڇايان، مَٿي…[ سُر مارئي - وايون ]
- مُنھِنجو مَنُ مَلِيرُ، ڪوٽَنِ ۾ ڪِيئَن گَهارِئان، پِيان شالَ پَيُون ڀَري، پائُرَ جو پَنِيرُ، سَرَتِيُون پَسان سُومَرا، جِيئَري لاھِ زَنجِيرُ،…[ سُر مارئي - وايون ]
- سا ڪِيئَن لاهِيان لوئِي، جا پَھرِئَمِ پَنوَهارَنِ سين، مِٽِي جا مَلِيرَ جي، مَرُ مِينڍي ۾ هوئِي، واسي وارَ نَہ ويڙِهِيان،…[ سُر مارئي - وايون ]
- مُنھِنجو مَنُ مِيان، واڳِئو ويڙِهيچَنِ سين، پَھِي پاکِي پَٽِڙِي، پِرِيَنِ ساڻُ پِيان، حَرَفَ لَٿي ھيڪَڙي، ھِتي تان نَہ ھُئان، پيرُ…[ سُر مارئي - وايون ]
- ٻَگها ڪوھُ ٻُجَهنِ، تَہ سِپُنِ ڇا ٿو سَپَجي، ڦِرِئو ڦَيارَنِ کي، وَڙِ ڪِئو واتَ وِجَهنِ، سي ڪِيئَن لالُون لَھَنِ، جٖي…[ سُر ڪارايل - پاڙون پاتار ۾ ]
- ڪوھُ جاڳايَئِي جِنجِرِي، سُتَلَ تو ھَٿُ ھَڻِي، جُھ ڏاڙُون ٻَہ ڏارِيائين، تَہ ويندُئِي وِھُ وَڻِي، جَنِ جو ڌوڄُ ڌَڻِي، تُون…[ سُر ڪارايل - سَر، اوطاقون ۽ نانگ ]
- ھَنجَڙا نَہ پَسان ٿِي سي، جي اُڏامِي وِئا واھيرَنِ تي، پَکِي جي پَرَڏيھَ جا، ساجُهرِ وِئا سَرَ تي، موتِي جَنِ…[ سُر ڪارايل - وايون ]