Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
- سُر رامڪلي جَي ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙي جو بيت
سامِي کامِي پِرِينءَ لَيءِ، ڪُسِي ٿِئا ڪَبابُ،
اوتِينِ اَرَتي گاڏُئُون، مَنجهان اَکِيُنِ آبُ،
تِھَڙو ڏِسَنِ ڏوھُ کي، تِھَڙو تَنِ ثَوابُ،
سَندو ذاتِ جَوابُ، تُون ڪِيئَن پُڇين تَنِ کي.
رسالن ۾ موجودگي: 86 سيڪڙو
سمجهاڻي
اهي سامي ۽ سناسي پنھنجي پرينءَ جي محبت ۾ پھرين ڪسجي پوءِ ڪباب ٿي پچي تيار ٿيا آهن. هو پرينءَ کي ياد ڪري اکين مان هر وقت رت وارا ڳوڙها پيا هارين. هو ڏوھ ۽ ثواب کي هڪجھڙو پيا سمجهن. (هنن کي ڏوھ ۽ ثواب ۾ ڪا دلچسپي ڪانهي). تون هنن کان سندن ذات بابت (تہ اوهان جي اصليت ڇا آهي يا توهين ڪير آهيو) ڪيئن ٿو پڇي سگهين! (توکي اها ڳالهہ ڪيئن سمجهہ ۾ ايندي؟)
[رومي مثنويءَ ۾ اهڙن درويشن لاءِ چوي ٿو:
چون قضائي حق رضائي بنده شد،
حکم او را بندهء خواهنده شد،
بي تکلف نہ پئي مزد و ثواب
بلک طبع او بران شد مستطاب،
زندگيءَ خود نخواهد بهر خود
بلک خواهد از پئي حکم احد.
(دفتر سوم، ب- 1906-1907)
معنيٰ: جڏهن خدا جو حڪم بندي جي رضا بنجي پوي ٿو يا هو ان حڪم جو پاڻ گهرندڙ ٿي پوي ٿو، تڏهن هو بغير تڪليف جي ڪنھن ثواب ۽ اجرت کان سواءِ ائين پيو ڪندو ڇو تہ هن جي طبيعت ان تي هريل هوندي آهي. هو پنھنجي زندگي پاڻ لاءِ نٿو گهري، بلڪ اها بہ خدا جو حڪم سمجهي گذاري ٿو.]
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود رامڪلِي، بيت نمبر : 2579
سَامِيْ کَامِيْ پِرْيَ لَىءِ ڪُسِيْ ٿِئَا ڪَبَابُ﮶
اُوْتِيْنِ اَرَتٖيْ کَاڎُءٌ مَنجَا اَکِنِ آَبُ﮶
تِهَرُوْ ڎِسَنِ ڎُوْهَ کٖيْ تِهَرُوْ تَنِ ثَوَابُ﮶
سَندُوْ ذَاتِ جَوَابُ تُنْ ڪِيَ پُڇہ﮼ تَنِکٖيْ﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
सामी खामी पिरींअ लए। कुसी थिआ कबाबु।
ओतीनि अरते गाडु॒ऊं। मन्झां अखियुनि आबु।
तिहड़ो डि॒सनि डो॒ह खे। तिहड़ो तनि सवाबु।
संदो ज़ाति जवाबु। तूं कीअं पिछें तनि खे।
ROMAN SINDHI
Saami khhaami pireen'a la'ay, kusi thi'aa kabaab'u,
aotieen'ay aratay gaaddu'oo'n, manjhaa'n akhhiyun'ay aab'u,
tiharro ddisan'ay ddoh'u khhay, tiharro tan'ay sawaab'u,
sando zaat'ay javaab'u, too'n kee'en puchhee'n tan'ay khhay.
TRANSLATIONS
These holy nomads have annihilated and roasted themselves for their Beloved. They have completely effaced their ‘self’. They view with absolute unconcern a good or evil act. (For them the discrimination between the two does not exist. An evil act is forbidden. Hence it should not be performed. A good act creates some ego. Hence the ascetics avoid it.) They shed bloody tears from their eyes. How would you then interrogate them with regard to their sect or faith, (when the distinction between right and wrong has ceased for them?)
مرد خدا زان سوی كفرست و دين
مرد خدا را چہ خطا و صواب
(Roomi)
(The man of Allah is beyond infidility and faith. To him the right and the wrong are alike).
Note: The above verse is capable of another interpretation too. According to Ibn Sabaun the distinction between righteousness and sinfulness and between obedience and disobedience to the Divine orders does not exist at the final stage of evolution. A poet following his creed that Allah is all, had expressed as under:
“O Allah! that thing is done by me whose accomplishment is ordered and therefore, liked by You. Hence all my acts constitute my prayers”.
(Al-Furqan’ by Ibn Tayamah).
For Lord's love, yogis are roasted and consumed,
Alike to them are and virtues,
Tears mingled with blood they shed,
What can you ask them about their caste or creed?
العابدون يحترقون ويذوبون لأجل الحبيب مثل الكباب.
ويرون الذنوب وثواب الآخرة. نفس الشيء.
ويصبون من عيونهم الدموع الدامية كيف تسأل منهم عن عائلاتهم وعن قبائلهم؟
لا تسأل عن أصلهم وفخذهم!
سامی کامی پریتم لئی، کس کے تھیا کباب
جیسا ویکھن جرم نوں، ویسا تیہناں ثواب
وگاون رت دے ہنجواں دی اکھیاں وچوں آب
سندی ذات جواب، توں کیویں پچھیں تیہناں نوں
دل ہے بیگانۂ گناہ و ثواب
آتشِ عشق میں جگر ہے کباب
رات رو رو کے کاٹ دیتے ہیں
روح کرتی ہے جب انہیں بے تاب
ان سے پوچھے تو کوئی کیا پوچھے
جن کے لب کو نہیں مجالِ جواب
جل کر پریت کی آنچ میں، سوامی ہوئے کباب،
دونوں کو وہ ایک ہی جانیں، گناہ ہو یا کہ ثواب،
پل پل خون کی رنگت جیسا، ٹپکے نین سے آب،
مانگے کون حساب، کہ کیا ذات اور دھرم ہے کیا۔
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) تَڪِيا تاڪِيائُون، وِئا رَمَندا رامَ…
- (بيت) تَڪِيا پَسُون تَنِ جا، ھَلِي…
- (بيت) تَڪِيَنِ سين توڙان، ويراڳِيَنِ وَڻي…
- (بيت) جوڳِي جَڳِ نَہ وَڳِ، جَڳُ…
- (بيت) سامِي مَڙِهي سَندِياءِ، سامُھِين مُون…
- (بيت) سامِيَنِ سَمَرُ سُورَ، گُوندَرَ گَبَرِيُنِ…
- (بيت) سامِيَنِ سِڱُ ڪُلَهنِ تي، سِڱُ…
- (بيت) سَدائِين سَفَرَ ۾، رَمَنِ مَٿي…
- (بيت) مَڙَه پُورِيائُون ماٺِ ٿِي، تَڪِيَنِ…
- (بيت) نانگا نَنگا نِڱِئا، نانگَنِ مَٿي…
- (بيت) نانگو نَنگا نِڱِئو، تَنھِن نانگي…
- (بيت) کَڻِئو تَڪَبُرَ تَڪِيا، حِيلا ڪِئو…
- (بيت) ڪَنَ ڪَٽَ ڪا پَٽَ ڪاپَڙِي،…
- (بيت) ڪَنَ ڪَٽَ ڪاپَٽَ ڪاپَڙِي، جَنِ…
- (بيت) ڪَنَ ڪَٽَ ڪاپَٽَ ڪاپَڙِي، جَنِ…
- (بيت) ڪَنَ ڪَٽَ ڪاپَٽَ ڪاپَڙِي، جَنِ…
- (بيت) ڪَنَ ڪَٽَ ڪاپَٽَ ڪاپَڙِي، جَنِ…
- (بيت) ڪَنَ ڪَٽَ ڪاپَٽَ ڪاپَڙِي، لانگوٽِيا…
- (بيت) ڪَنَ ڪَٽَ ڪاپَٽَ ڪاپَڙِي، مَٿِنِ…
- (بيت) ڪَنَ ڪَٽَ ڪاپَٽَ ڪاپَڙِي، ڪَنوٽيا…
- (بيت) ڪَنَ ڪَٽَ ڪاپَٽَ ڪاپَڙِي، ڪَنَ…
- (بيت) ڪَنَ ڪَٽَ ڪاپَٽَ ڪاپَڙِي، ڪَنَ…
- (بيت) ڪَنَ ڪَٽَ ڪاپَٽَ ڪاپَڙِي، ڪَنَ…
- (بيت) ڪَنھِن جَنھِن سَناسِي سُورَ جِي،…
- (بيت) ڪَنھِن جَنھِن سَناسِي سُورَ جٖي،…
- (بيت) ڪَنھِن جَنھِن کيپَ خُمارِئا، ڀَوَرِئا…
- (بيت) ڪِينَ ٿِيين ڪِي نَہ ڪِئوءِ،…
- (بيت) گُوندَرَ گَبَرِيُنِ ۾، سامِي سُورَ…
