ثَوابُ بابت
معنيٰ
چڱو ڪم. نيڪي، چڱائي. بدلو، اَجُر، عوض، جزا. الله پاڪ وٽان ملندڙ چڱي ڪم جو بدلو.
Rectitude, what is right, a virtuous action. Moral or religious merit. The desert gained thought honey.
بيتن ۽ وائين ۾
- گهَڙو ڀَڳو تَہ گهورِئو، پاڻان ھوءِ حِجابُ، واڄَٽُ وَڄِي وُجُودَ ۾، رَھِيو رُوحَ رَبابُ، ساھَڙَ ريءَ ثَوابُ، آئُون گهَڻو ئِي…[ سُر سھڻي - پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو ]
- سامِي کامِي پِرِينءَ لَيءِ، ڪُسِي ٿِئا ڪَبابُ، اوتِينِ اَرَتي گاڏُئُون، مَنجهان اَکِيُنِ آبُ، تِھَڙو ڏِسَنِ ڏوھُ کي، تِھَڙو تَنِ ثَوابُ،…[ سُر رامڪلي - ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙي ]
- مُونا جَنِ مِحرابُ، جُسو جامِعُ تَنِ جو، قِبلي نُما قَلبُ ڪَري، تَنَ کي ڪِئائُون طَوافُ، تَحقِيقَ جِي تَڪبِيرَ چَئِي، جِسمان…[ سُر رامڪلي - آديسي ۽ مونا طور سينا ]
- سُمَهڻُ تَنِ ثَوابُ، جي ٿِئا حَلُ حَبِيبَ سين، نيڻَ ھيرائي نِنڊَ سين، خُوشِ ڪِئائُون خُوابُ، اوسِيڙو عَذابُ، دِلِئان تَنِي دُورِ…[ سُر آسا - من، گولو ۽ جنڊ ]