Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
- سُر پورب جَي جوڳي جو بيت
وِچينءَ ويراڳِيَنِ جِي، مَٿي دُونھِنِ دُوسَ،
ساڙي سِڪَ سَنِها ڪِئا، بيراڳِي بي ھُوسَ،
اِيءَ نانگَنِ جِي نامُوسَ، جِيئَن پَٽَ کَڻَنِ نَہ پاڻَ سين.
رسالن ۾ موجودگي: 24 سيڪڙو
سمجهاڻي
اهي ويراڳي لڙي شام جي وقت دونھين جي پاسي ۾ اچي تڙڀيڙ ڪن ٿا ۽ سوڙها ٿي هڪٻئي سان لڳي ويھن ٿا. انهن ويراڳين کي اندر جي سڪ ساڙي سنهو ڪري ڇڏيو آهي ۽ هو ٻئي ڪنھن جي بدخواهي ۽ گلا نٿا ڪن. اهي نانگا پنھنجي نيڪناميءَ خاطر ڪڏهن بہ جمن يا پيالو گڏ کڻي نٿا هلن. (اهي خيرات يا دان ڪونہ گهرن يا وٺن)
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود رامڪلِي، بيت نمبر : 2749
وِچِيَ وٖيْرَاکِيَنِـجِيْ مَٿٖيْ دُوْهِنِ دُوْسَ﮶
سَار﮽ٖيْ سِڪَ سَنَا ڪِئَا بٖيْرَاکِيْ بِيْهُوْسَ﮶
اِيَ نَاکَنِ جِيْ نَامُوْسَ جِنْ پَٽَ کَنَنِ نَپَانَس﮼﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
विचींअ वैरागि॒यनि जी। मथे दूंहिनि दूस।
साड़े सिक सनिहा किआ। बैरागी॒ बे हूस।
ईअ नांगनि जी नामूस। जीअं पट खणनि न पाण सें।
ROMAN SINDHI
Wicheen'a weraagiyan jee, mathe doonhn doos'a,
Saarre sik'a sanhaa kiya, beraaggi be hoos'a,
Aee'a naangan je namoos'a, jeean patt'a khannan na paann'a seen.
TRANSLATIONS
کچھ خس و خار ساتھ لاتے ہیں
اور پھر دھونیاں رماتے ہیں
میں نے دیکھا ہے جا کے ان کے پاس
کیا بتائوں وہ کیا جلاتے ہیں
اپنے قلب و نظر کے شعلوں کو
دوسروں سے سدا چھپاتے ہیں
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) اچِي رَھِئا ريلَ ۾، لَڪَڙِيُون…
- (بيت) جوڳِي نَہ جاھِلَ، پَنڌُ پَرِيندي…
- (بيت) جوڳِي وِئا جامير، مَڙِيَنِئُون مُنھَن…
- (بيت) جوڳِيَڙا پاڙي، ڪَرَ نَہ ھُئا…
- (بيت) جُوءِ جيڏاھِين جوڳِيين، اُنَ مُنھِن…
- (بيت) جُوءِ جيڏاھِين جوڳِيين، نيڻَ تيڏاھِين…
- (بيت) جُوءِ جيڏھِين جوڳِيين، نِتُ تيڏاھِين…
- (بيت) خِيما جَنِ کَڻِي، مَٿي پُورَڀَ…
- (بيت) دُونھِيين ڌُنڌَ نَہ لاٽَ، نَہ…
- (بيت) وِچِينءَ ويراڳِيَنِ جِي، مَٿي دُونهِنِ…
- (بيت) وِچِينءَ ويراڳِيَنِ جِي، مَٿي ڪَڻِڄَ…
- (بيت) پُورَڀَ مارِياسِ، ڪَنھِن دَرِ ڏِيان…
- (بيت) پُورَڀَ پُورَڀَ تَب ڪَرُون، جَب…
- (بيت) پُورَڀَ پُورِئائُون، مَٿي راھَ رَوان…
- (بيت) پُورَڀَ ۾ وِئا پيھِي، تان…
- (بيت) پُورَڀِيا پُوري وِئا، آسَڻَ آڌِيءَ…
- (بيت) پُورَڀِيا پُوري وِئا، آسَڻَ اَڄُ…
- (بيت) ڳَرِيَنِ ڏيئِي ڳاٽَ، جان مُون…
- (بيت) ھِتان کَڻِي ھُتِ، پيرُ رَکِئائُون…
