Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
- سُر پورب جَي جوڳي جو بيت
خِيما جَنِ کَڻِي، مَٿي پُورَڀَ مَنڊِئا،
آيَلِ تَنِ آديسِيَنِ کي، پَسِئو ٿِيان پَڻِي،
جِيءَ ۾ جَڙَ ھَڻِي، نانگا وِئا نِڪِرِي.
رسالن ۾ موجودگي: 24 سيڪڙو
سمجهاڻي
هو (ڪاڙهي ۽ ڌُپَ کان بچڻ واسطي) ننڍڙا خيما مٿي تي کڻي پورب طرف روانا ٿي ويا. اي، جيجان، انهن آديسي انسانن کي ائين ويندو ڏسي منھنجا ڳچ ڳري پيا. اهي ننگ نہ ڪرڻ وارا (مٽن مائٽن کي ڇڏي ڏيڻ وارا) انسان منھنجي دل ۾ محبت جون ميخون هڻي پنھنجي ديس هليا ويا.
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود رامڪلِي، بيت نمبر : 2793
خِيْمَا جَنِ کَنِيْ مَٿٖيْ پُوْرَڀَ مَنڊِّئَا﮶
آَيَلِ آَدٖيْسِيَـنِکٖيْ پَسِئُوْ ٿِئَا پَنِيْ﮶
جِيَم﮼ جَرَ هَنِيْ نَاکَا وِئَا نِڪِرِيْ﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
ख़ीमा जनि खणी। मथे पूरभ मन्डिआ।
आयलि तनि आदेसियनि खे। पसिओ थिआं पणी।
जीअ म जड़ हणी। नांगा विआ निकिरी।
ROMAN SINDHI
Khema jan khannee, mathe poorabh'a manDHiya,
Aayal tan Aadesiyan khe, passiyo thiyan pannee,
Jee'a me jarr'a hannee, naanga wiyaa nikree.
TRANSLATIONS
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) اچِي رَھِئا ريلَ ۾، لَڪَڙِيُون…
- (بيت) جوڳِي نَہ جاھِلَ، پَنڌُ پَرِيندي…
- (بيت) جوڳِي وِئا جامير، مَڙِيَنِئُون مُنھَن…
- (بيت) جوڳِيَڙا پاڙي، ڪَرَ نَہ ھُئا…
- (بيت) جُوءِ جيڏاھِين جوڳِيين، اُنَ مُنھِن…
- (بيت) جُوءِ جيڏاھِين جوڳِيين، نيڻَ تيڏاھِين…
- (بيت) جُوءِ جيڏھِين جوڳِيين، نِتُ تيڏاھِين…
- (بيت) دُونھِيين ڌُنڌَ نَہ لاٽَ، نَہ…
- (بيت) وِچينءَ ويراڳِيَنِ جِي، مَٿي دُونھِنِ…
- (بيت) وِچِينءَ ويراڳِيَنِ جِي، مَٿي دُونهِنِ…
- (بيت) وِچِينءَ ويراڳِيَنِ جِي، مَٿي ڪَڻِڄَ…
- (بيت) پُورَڀَ مارِياسِ، ڪَنھِن دَرِ ڏِيان…
- (بيت) پُورَڀَ پُورَڀَ تَب ڪَرُون، جَب…
- (بيت) پُورَڀَ پُورِئائُون، مَٿي راھَ رَوان…
- (بيت) پُورَڀَ ۾ وِئا پيھِي، تان…
- (بيت) پُورَڀِيا پُوري وِئا، آسَڻَ آڌِيءَ…
- (بيت) پُورَڀِيا پُوري وِئا، آسَڻَ اَڄُ…
- (بيت) ڳَرِيَنِ ڏيئِي ڳاٽَ، جان مُون…
- (بيت) ھِتان کَڻِي ھُتِ، پيرُ رَکِئائُون…
