Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
- سُر پورب جَي سامي سنياسي جو بيت
ڪَمَرِ بَستا ڪاپَڙِي، جَنِ جي ڪَرَنِ ۾ ڪَچڪولَ،
آڌِيءَ راتِ اُٿِي ڪَري، ڪَنِ حُسينِي ھولَ،
گِلا ۽ غِيبَتَ جا، سَڀَ ڀَڳائُون ڀولَ،
دُنِيا ڇَڏي دُرُستُ ٿِئا، ٽِڪاڻا ۽ ٽولَ،
ڳوٺِ ڪِجاھِنِ ڳولَ، گَڏِجَنِ مانَ گَداوَ ۾.
رسالن ۾ موجودگي: 24 سيڪڙو
سمجهاڻي
هنن ڪاپڙين چيلهين کي مضبوطيءَ سان ڇڪي ٻڌو آهي ۽ سندن ڳچيءَ ۾ ڪڙن ۾ ٻڌل ڪستا پيا لڙڪن. هنن پاڻ بابت گلا ۽ عيب جوئي جا سڀ ڀَوَ ۽ ڀولا ڀڃي ڇڏيا آهن. (شڪ گمان ڪڍي ڇڏيا اٿن تہ ڪو کين گهٽ وڌ چوي ٿو يا برائي ڪري ٿو). تون اهڙن ڪاپڙين جي ڳوٺ ڳوٺ ۾ وڃي ڳولا ڪر، متان توکي ڪٿي گدائي ڪندي ملي وڃن!
[روميءَ، شيخ سررزي جي آکاڻيءَ ۾ پاڻ کي عام جي نظر کان لڪائڻ ۽ الله جي واسطي گدائي اختيار ڪرڻ جي اهميت کي هن ريت اجاگر ڪيو آهي.
تا شوم غرق مذّلت من تمام،
تا سقطها بشنوم از خاص و عام.
(دفتر پنجم،ب-2693)
معنيٰ: (مان گدائي ڪندي) ذلت ۽ خواريءَ جي انتها تي پھچڻ گهران ٿو تہ جيئن عام توڻي خاص ماڻهو سڀ مون کي گهٽ وڌ ڳالهائين (پر مان ان کي برو نہ سمجھان)
هڪ ٻئي شعر ۾ چوي ٿو:
او مذلت خواست، کي عزت تنم،
او گدائي خواست، کي ميري کنم.
(دفتر پنجم، ب- 2696)
معنيٰ: جيڪڏهن (مالڪ سائين) مون لاءِ ذلت لکي آهي تہ مان عزت ڪيئن ٿو گهري سگهان. هن مون لاءِ گدائي گهري آهي تہ آءٌ اميري ڪيئن ٿو طلبي سگهان.]
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود پُوراب، بيت نمبر : 2825
ڪَمَرَ بَسْتَا ڪَاپَرِيْ جَنِجٖيْ ڪَرَنِم﮼ ڪَچْڪُوْلَ﮶
آَڌِيَ رَاتِ اُٿِيْ ڪَرٖيْ ڪَنِ حُسَيْنِيْ هُوْلَ﮶
کِلَا ءٍ غِيْبـَتَجَا سَڀْ ڀَکَاءٌ ڀُوْلَ﮶
دُنْيَا ڇَڎٖيْ دُرُسْتُ ٿِئَا ٽِڪَانَا ءٍ ٽُوْلَ﮶
کُوْٽِ ڪِجَا هِنِ کُوْلَ کَڎِ جَنِ مَانَ کَدَاوَ م﮼﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
कमरि बस्ता कापड़ी। जनि जे करनि में कच्कोल।
आधीअ राति उथी करे। कनि हुसैनी होल।
गिला एं ग़ीबत जा। सभि भगा॒ऊं भोल।
दुन्या छडे॒ दुरुस्तु थिआ। टिकाणा एं टोल।
गो॒ठि किजाहिनि गो॒ल। गडि॒जनि मां न गदाव में।
ROMAN SINDHI
Kamar basta kaaprri, jan je karan me kachkol'a,
Adhee'a raat uthee kare, kan Hussaini hol'a,
Gila aen Gaibat'a ja, sabh'a bhaggaoon bhol'a,
Duniyaa chhaDe durust'u thiyaa ttikanna aen ttol'a,
Ggothh kijaahin ggoll'a, gaDjan maan gadaaw'a me.
TRANSLATIONS
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) اُکولِيندي اُٿِئا، ويٺي وَٽِيائُون، اُنِهين…
- (بيت) تَنِ اَکَڙِيُنِ اُتا سُکَ، کِلَندِي…
- (بيت) جوڳِي آھِينِ جُوءِ ۾، وِئا…
- (بيت) جوڳِي آھِينِ جُوءِ ۾، پَرَ…
- (بيت) سامِي چائيين سُکُ طَلَبِين، تَسِئا…
- (بيت) سامِي چائِيين سُکَ طَلَبِيين، ھُوندَنِ…
- (بيت) سامِي چائِيين سُکُ طَلَبِيين، سُکين…
- (بيت) سامِي چائِيين سُکُ طَلَبِيين، وارِيين…
- (بيت) سامِي چائِيين سُکُ طَلَبِيين، ھو…
- (بيت) ماءُ مُنھِنجي جوڳِيين، ڪَنين ڪُنِرَ…
- (بيت) چيلِهہ چَڪَرَ ڳَلِ سِڱِيُون، مَٿِنِ…
- (بيت) ڦِران ڦيريندارُ، سَدا شوقَ پِرِيَنِ…
- (بيت) ڪَمَرِ بَستا ڪاپَڙِي، سامِي سَڀَيئِي،…
- (بيت) ڪَمَرِ بَستا ڪاپَڙِي، چَلَڻَ جُون…
- (بيت) ڪِي جي سَڳا سُورَ جا،…
