Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
- سُر پورب جَي سامي سنياسي جو بيت
سامِي چائِيين سُکَ طَلَبِيين، ھُوندَنِ جِيئَن مَ ھو،
توکي ويسَ وِڃايو، ويسُ وِڃايو تو،
سامِي آھي سو، جَنھِن مَڙُه پُوري مارِئو.
رسالن ۾ موجودگي: 54 سيڪڙو
سمجهاڻي
تون پاڻ کي سامي سڏائڻ جي فڪر ۾ آهين پر (ساڳئي وقت) سک ۽ آرام بہ ڳولين ٿو. تون هوند يعني آسودن وانگر نہ ٿيءُ. توکي ساميءَ واري (ظاهري) لباس ڀُلايو يا بيڪار ڪري ڇڏيو آهي، تون پاڻ ان لباس جو قدر نہ ڪيو. دراصل سامي اهو آهي جيڪو پاڻ کي گم ڪري ٿو يا فنا ڪري ٿو ڇڏي ۽ انهيءَ راھ تي هلي ٿو.
[رومي مثنويءَ ۾ درويشن جي نيستي ۽ فنا بابت هيئن چيو آهي:
نيستي چون هست بالائين طبق،
برهمهه بردند درويشان سبق
خاصه درويش که شد بي جسم و مال،
کار فقر جسم دارد ني سوال.
(دفتر ششم ب 1471)
معنيٰ: فنا يا نيستي سڀ کان مٿانھين آهي، ان ڪري درويش بہ سڀني کان اڳتي نڪتل آهن. خاص طور اهي درويش جيڪي جسم ۽ مال کان خالي ٿي ويا، سي پوءِ جسماني فقر توڻي هر قسم جي محتاجيءَ کان آجا ٿي ويا.]
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود رامڪلِي، بيت نمبر : 2570
سَامِيْ چَاي﮼ سُکَہ طَلِبِي﮼ هُنْدَنِ جِيَ مَھُوْ﮶
تُوْکٖيْ وٖيْسَ وِڃَائِيُوْ وٖيْسُ وِڃَايُوْ تُوْ﮶
سَامِيْ آَهٖيْ سُوْ جَهِ مَرُ پُوْرٖيْ مَارِئُوْ ﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
सामी चाइयें सुख तलबियें। हूंदनि जीअं म हो।
तोखे वेस विञायो। वेसु विञायो तो।
सामी आहे सो। जिंहिं मड़्हु पूरे मारिओ।
ROMAN SINDHI
Saami chaeen sukh'u Talbeen, hoondan jeean ma ho,
Tokhe wess'a winjaayo, wess'u winjaayo to,
Saami Aahe so, jenhn marrh'u poori maariyo.
TRANSLATIONS
میری حالت ہے قابل افسوس
مجھ میں پیدا نہ ہوسکا ایثار
جوگ ان جوگیوں کو زیبا ہے
جن کا دستور بن گیا ایثار
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) اُکولِيندي اُٿِئا، ويٺي وَٽِيائُون، اُنِهين…
- (بيت) تَنِ اَکَڙِيُنِ اُتا سُکَ، کِلَندِي…
- (بيت) جوڳِي آھِينِ جُوءِ ۾، وِئا…
- (بيت) جوڳِي آھِينِ جُوءِ ۾، پَرَ…
- (بيت) سامِي چائيين سُکُ طَلَبِين، تَسِئا…
- (بيت) سامِي چائِيين سُکُ طَلَبِيين، سُکين…
- (بيت) سامِي چائِيين سُکُ طَلَبِيين، وارِيين…
- (بيت) سامِي چائِيين سُکُ طَلَبِيين، ھو…
- (بيت) ماءُ مُنھِنجي جوڳِيين، ڪَنين ڪُنِرَ…
- (بيت) چيلِهہ چَڪَرَ ڳَلِ سِڱِيُون، مَٿِنِ…
- (بيت) ڦِران ڦيريندارُ، سَدا شوقَ پِرِيَنِ…
- (بيت) ڪَمَرِ بَستا ڪاپَڙِي، جَنِ جي…
- (بيت) ڪَمَرِ بَستا ڪاپَڙِي، سامِي سَڀَيئِي،…
- (بيت) ڪَمَرِ بَستا ڪاپَڙِي، چَلَڻَ جُون…
- (بيت) ڪِي جي سَڳا سُورَ جا،…
