Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
- سُر پورب جَي جوڳي جو بيت
جُوءِ جيڏاھِين جوڳِيين، نيڻَ تيڏاھِين نِتُ،
آيَلِ آديسِيَنِ کي، ڏي چاڙِھيڪا چِتُ،
سامِيَنِ جو سَنگَتُ، سارِئو ٿِي سُورَ چَران.
رسالن ۾ موجودگي: 52 سيڪڙو
سمجهاڻي
جتي جوڳين جو ماڳ مڪان آهي (جتي هنن جي اچڻ جو امڪان آهي)، مان ان پاسي پيئي نھاريان (اکيون سدائين اوڏانھن آهن). اي جيجل، اهڙن آديسين لاءِ منھنجي اندر ۾ ڏاڍي اڻ تڻ ۽ آنڌ مانڌ آهي. آءٌ انهن سامين جي سنگت (مجلس) کي ياد ڪري هر وقت پيئي سور سهان. (هنن جا سور مون کان پري ٿيڻ وارا آهن ئي ڪونہ!)
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود رامڪلِي، بيت نمبر : 2606
جُوْءِ جٖيْڎَاہٍ جُوْکِي﮼ نٖيْنَ تٖيْڎَاہٍ نِتُ﮶
آَيَلِ آَدٖيْسِيَـنِکٖيْ ڎٖيْ چَارِيْڪَا چِتُ﮶
سَامِيَنِ جُوْ سَکَتُ سَارِئُوْ ٿِيْ سُوْرَ چَرَان﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
जूए जेडा॒हीं जोगि॒यें। नैण तेडा॒हीं नितु।
आयल आदेसियनि खे। डे॒ चाड़िहेका चितु।
सामियनि जो संगतु। सारिओ थी सूर चरां।
ROMAN SINDHI
Jooe jeDaheen joggeen, nainn'a teDaheen nit'u,
Aayal Aadesiyan khe, De chaarrheka chit'u,
Saamiyan jo sangat'u, saariyo, thi soor'a charaan.
TRANSLATIONS
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) اچِي رَھِئا ريلَ ۾، لَڪَڙِيُون…
- (بيت) جوڳِي نَہ جاھِلَ، پَنڌُ پَرِيندي…
- (بيت) جوڳِي وِئا جامير، مَڙِيَنِئُون مُنھَن…
- (بيت) جوڳِيَڙا پاڙي، ڪَرَ نَہ ھُئا…
- (بيت) جُوءِ جيڏاھِين جوڳِيين، اُنَ مُنھِن…
- (بيت) جُوءِ جيڏھِين جوڳِيين، نِتُ تيڏاھِين…
- (بيت) خِيما جَنِ کَڻِي، مَٿي پُورَڀَ…
- (بيت) دُونھِيين ڌُنڌَ نَہ لاٽَ، نَہ…
- (بيت) وِچينءَ ويراڳِيَنِ جِي، مَٿي دُونھِنِ…
- (بيت) وِچِينءَ ويراڳِيَنِ جِي، مَٿي دُونهِنِ…
- (بيت) وِچِينءَ ويراڳِيَنِ جِي، مَٿي ڪَڻِڄَ…
- (بيت) پُورَڀَ مارِياسِ، ڪَنھِن دَرِ ڏِيان…
- (بيت) پُورَڀَ پُورَڀَ تَب ڪَرُون، جَب…
- (بيت) پُورَڀَ پُورِئائُون، مَٿي راھَ رَوان…
- (بيت) پُورَڀَ ۾ وِئا پيھِي، تان…
- (بيت) پُورَڀِيا پُوري وِئا، آسَڻَ آڌِيءَ…
- (بيت) پُورَڀِيا پُوري وِئا، آسَڻَ اَڄُ…
- (بيت) ڳَرِيَنِ ڏيئِي ڳاٽَ، جان مُون…
- (بيت) ھِتان کَڻِي ھُتِ، پيرُ رَکِئائُون…
