Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
- سُر يمن ڪلياڻ جَي باھ ۽ ساڙو جو بيت
مَچُ مَنجِهين آھِ، ٻاھَرِ ٻاڦَ نَہ نِڪِري،
چورِ تَہ لَڳيئي چاھِ، کامَندَنِ کَٽِئو.
رسالن ۾ موجودگي: 40 سيڪڙو
سمجهاڻي
تون پنھنجي اندر ۾ ئي محبت جي مچ کي دکڻ ۽ ٻرڻ ڏي ۽ خيال ڪر جيئن ان منجهان هلڪو دونھون بہ ٻاهر نہ نڪري. ٻرندڙ ڪاٺين کي سوريندو رھ تہ مچ برابر ٻرندو رهي. بيشڪ جن پاڻ کي جلايو (هستيءَ کي فنا ڪيو)، اهي ئي ڪاميابيءَ کي پھتا.
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود ڪلياڻ و جمن، بيت نمبر : 1124
مَچُہ مَجِهٍ اٰہِ ٻَاهَرِ ٻَافَ نَہ نِڪِرٖيْ﮶
چُوْرِ تَہ لَکٖيْئِيْ چَاہِ کَامَندَنِ کَٽِئُوْ﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
मचु मंझीँ आहि। बा॒हर बा॒फ न निकिरे।
चोरि त लगे॒ई चाहि। खामंदनि खटिओ॥
ROMAN SINDHI
Mach'u manJheen Aah'e, Baahar BaaPh'a na nikre,
Chor ta laggeyi chaah'e, khamandan khattiyo.
TRANSLATIONS
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) اَڃا تَنُوران، ڪالَهہ ڪَڍِياسُون سَڄَڻين،…
- (بيت) اَڄُ آڳَڙِيا آيا، سائُو ڪي…
- (بيت) اَڄُ آڳَڙِيا آيا، سُوڌا سِراڻِي،…
- (بيت) جَي تَتو تَنُ تَنُورَ جِيئَن،…
- (بيت) سَرَھا ڏِٺَمِ سي، جَنِ جِي…
- (بيت) سَرُ جو سَنڌِئو سَڄَڻين ٻَنگان…
- (بيت) سَرُ جو سَنڌِئو سَڄَڻين، سِينڱ…
- (بيت) سَرُ جو سَڃِئو سَڄَڻين، تَنھِن…
- (بيت) سَرُ جو سَڃِئو، سَڄَڻين، ڀَرُ…
- (بيت) سَھي جِيئَن سانڌاڻِ، ڌَڪَنِ مَٿي…
- (بيت) سِرُ سانڌاڻِ ڪَري، پُڇِجِ گهَرُ…
- (بيت) لوھُ ٻَري ڪَٽُ ڪَڙھي، ڌُوڌا…
- (بيت) مَنجهان مَچَ مَچُ ٿِئا، چَڙِهئو…
- (بيت) ٻارِئو اُجهائِينِ، پِرِين اُجهايو ٻارِينِ،…
- (بيت) ٽانڊين ڪانڊين ٻاٻُرين، پَچان مَرُ…
- (بيت) پَچائي پَھاڻُ، جَنِ رَساڻِئو رُڪَ…
- (بيت) پِرِيَنِ پيڪانُ پَڇَندئو، ٻَنگان ٻاڻُ…
- (بيت) ڌَنءُ ڌَنءُ ڌَمَڻِوارَ، اَڄُ پُڻ…
- (بيت) ڌَڳايومِ ڌَنئِين، ڄيرو اَندَرِ جِندَڙي،…
- (بيت) ڌُوڌا تُون نَہ ڌَئِين، آڳِ…
- (بيت) کاڻا تَنِ کَٽِئو، اُجَهاڻَنِ اُونداھِ،…
- (بيت) ڪِئائُون قَلبَ کي، طَرَحَ تَنُورا،…
- (بيت) ھئَي ھئَي وَھي ھاءِ، مَنَ…
- (بيت) ھئَي ھئَي وَھي ھُوءِ، مَنَ…
- (بيت) ھَئَي ٻَرِ اڱارَنِ ٻَڏائِين ٻَرَنِ…
سُر جا ٻيا داستان
رسالي جا ٻيا سُر
ھِن سُر جي راڳ بابت
يمن ڪلياڻ: شاستري سنگيت جو ھڪ راڳ
ٺاٺ: ڪلياڻ
سُرن جي بيھڪ:
آروھا: ني، ري، گا، ما، پا، ما، ڌا، ني، سا
آوروھا: سا، ني، ڌا، پا، ما، گا، ري، سا
ھن راڳ جو وادي سر ”گا“ ۽ سموادي سر ”ني“ آھي.
(ھن راڳ جا سڀ سر تيور ۾ آھن)
