مَچُ بابت
معنيٰ
گهڻي باھ، ڀنڀٽ، ڀڀڙ، اولاڀو، آڙاھ، باھ جو شعلو، ڄڀي، باھ، آڳ، آگ، تانڙي، تابش، تپت
Flames, blaze, heat, fire.
بيتن ۽ وائين ۾
- مَنجهان مَچَ مَچُ ٿِئا، چَڙِهئو چَڪاسِينِ چاھَ، اِيءَ پَرِ آڳَڙِيَنِ جِي، ٻِي ڇَڏِيائُون واھَ، سيڻَنِ جِي صَلاحَ، سِرَ ڏِنائُون سَٽِ…[ سُر يمن ڪلياڻ - باھ ۽ ساڙو ]
- مَچُ مَنجِهين آھِ، ٻاھَرِ ٻاڦَ نَہ نِڪِري، چورِ تَہ لَڳيئي چاھِ، کامَندَنِ کَٽِئو.[ سُر يمن ڪلياڻ - باھ ۽ ساڙو ]
- اَڃا تَنُوران، ڪالَهہ ڪَڍِياسُون سَڄَڻين، پُڻ تايائُون تَڪِڙا وَحدَتَ جي وَڍِئا، مَحَبَتِيَنِ مَٿان، مَچُ مُورائِين نَہ لَھي.[ سُر يمن ڪلياڻ - باھ ۽ ساڙو ]
- ڌَنءُ ڌَنءُ ڌَمَڻِوارَ، اَڄُ پُڻ آڳَڙِيَنِ جِي، ٻاري مَچُ مَجازَ جو، اوتِيائُون اَڱارَ، ڌُوڌا ٿِيءُ مَ ڌارَ، جِمَ ڪَچو رُڪُ…[ سُر يمن ڪلياڻ - باھ ۽ ساڙو ]
- پَتَنگُ چائِين پاڻَ کي، پَسي مَچُ مَ موٽُ، سَھائي سُپَيرِيَن جي، گِهڙُ تَہ ٿِئَين گهوٽُ، اَڃا تُون آروٽُ، کُوري خَبَرَ…[ سُر يمن ڪلياڻ - پتنگ ۽ باھ ]
- چَنڊَ ٿو چُئَئِين سَچُ، وِڙِھين جي وِچڙين، ڪَڏِھِين اُڀِرين سَنِهڙو ڪَڏِھِين اُڀِرين ڳَچُ، مُنھَن ۾ ٻَريئِي مَچُ، تو ناھِ پيشانِي…[ سُر کنڀات - چنڊ ]
- چَنڊَ چَوانءِ سَچُ، جي مَٺِين نَہ ڀانئِيين، جو تو ۾ ٻَري مَچُ، سو پَدَمُ پِريان جي پيرَ ۾.[ سُر کنڀات - چنڊ ]
- اُٿِي اورِ اللهَ سين، ڪُوڙُ ڪَماءِ مَ ڪَچُ، ڪَڍُ تُون دَغا دِلِ مان صاحِبَ وَڻي سَچُ، مَحَبتَ سَندو مَنَ ۾،…[ سُر سريراڳ - تياري ۽ ساٺ ]
- پَڳَھَ پاسي پَچُ، آيَلِ سامُونڊِيَنِ جي، مَنَ ۾ ٻاري مَچُ، جِمَ وَڃَنَئِي اوھَرِي.[ سُر سامونڊي - پڳھ ۽ سامونڊين سڱ ]
- مَٿِئان مَٿي مَچُ، ٻَرِئُمِ ٻاروچَنِ جو، مُون کي طَعنا تي ڏِئو، جي نَہ پَروڙِئو سَچُ، اَمَڙِ اورِي اَچُ، تَہ سِٽَ…[ سُر حسيني - ماءُ سان ڪلام ۽ ڪاوڙ ]
- لائي جَڙَ جَتَنِ سين، آئُون جا چَڙِھِي نِينھَن نظاري، آئُون جا ڪُٺِيَسِ ڪاڻِ ڪوھِيارِي، مَچُ مُھِنجي مَنَ تي، وِئو ٻاروچو…[ سُر حسيني - وايون ]
- سِياڪو سيڻان، ڀورِي تو پاڻُ سُڃاڻِي نَہ ڪِئو، آٽَنِ مُنھِنجا اَڱڙا، ڪالُهون پوءِ ڪيڻانِ، ھُوندَ نَہ پيئِيَن ھيتَري، وَھِئِيَن جي…[ سُر کاھوڙي - وايون ]
- جوڳِي تُنھِنجي جوڳَ ۾، ڳالِهہ گُهرِجي ڳَچُ، سَڳا سيلِهيُون سِڱِيُون، اِي پُڻ وَڏوڪَچُ، وَڍي چِيري چِچِري، پَرِ ۾ اُڀو پَچُ،…[ سُر رامڪلي - جوڳي، سامي ۽ ڪن ڪپڻ ]
- مَنجِهہ مَحَبتَ مَچُ، ٻَھَرِ ڌَورا ڌُوڙِ سين، ڇَڏِيائُون ڇِرُ لَھِي، ڪُوڙُ ڪُلَکَڻُ ڪَچُ، اَوَڳُڻَ اوڏا نَہ وِئا، ڳُڻَ ڪِئائُون ڳَچُ،…[ سُر رامڪلي - الله، آدم، جوڳي ۽ سنياسي ]
- لائي جَو وِئا، سو مَنجِهين ٿو مَچُ ٻَري، سو اُجهامي ڪِئا، جَنھِن سورِيندَلُ سُپِرِين.[ سُر رِپ - گُوندر ۽ ڪڪر منجهہ ڪپار ]
- ساھيڙِيُون سارِينِ تو، سِيلُ جَنِي جو سَچُ، مارُوءَ ريءَ مَ مَچُ، شِيھو ڀانِئجِ سونَ کي.[ سُر مارئي - سونھن وڃايم سومرا ]