Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
- سُر رامڪلي جَي جوڳي، سامي ۽ ڪن ڪپڻ جو بيت
جوڳِي تُنھِنجي جوڳَ ۾، ڳالِهہ گُهرِجي ڳَچُ،
سَڳا سيلِهيُون سِڱِيُون، اِي پُڻ وَڏوڪَچُ،
وَڍي چِيري چِچِري، پَرِ ۾ اُڀو پَچُ،
سوئِي ٻارِجِ، مَچُ، جِيئَن ٻَھَرِ ٻاڦَ نَہ نِڪِري.
رسالن ۾ موجودگي: 75 سيڪڙو
سمجهاڻي
اي جوڳي، تنھنجي جوڳ جي سچائيءَ ۾ گهڻو ڪجهہ گهرجي، اهي سڳا ڌاڳا، ڳوٿريون ۽ چيلهہ کي ٻڌڻ وارا چمڙا ڪوڙو ڏيک ويک آهن. اصل ڳالهہ آهي تہ تون پاڻ کي مورڳو وڍي ٽڪرا ڪري اندر ئي اندر ۾ پاڻ کي پچائي پورو ڪر. (فنا ۽ نيستي حاصل ڪر). تون پنھنجي اندر ۾ اهو مچ ٻار، جنھن جي ٿوري ٻاڦ بہ ٻاهر نہ نڪري (عوام کي خبر نہ پوي تہ تنھنجي اندر ۾ ڇا پيو وهي واپري).
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود رامڪلِي، بيت نمبر : 2590
جُوْکِيْ تُھْجٖيْ جُوْکَم﮼ کَالِ کُرْجٖيْ کَچُّہ﮶
سَکَا سٖيْـلِي﮼ سِنکِّيٌ اِيُ پَنْ وَڎُوْ ڪَچُہ﮶
وَڊٖيْ چٖيْرٖيْ چِچِرٖيْ پَرِ م﮼ اُڀُوْ پَچُہ﮶
سُوْئِيْ ٻَارِجِہ مَچُہ جِنْ ٻَھْرِ ٻَافَ نَہ نِڪِرٖيْ﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
जोगी॒ तुंहिंजे जोग॒ में। गा॒ल्हि घुर्जे ग॒चु।
सगा॒ सेल्हियूं सिंङियूं। ई पण वडो॒ कचु।
वढे चीरे चिचिरे। परि में उभो पचु।
सोई बा॒रिजि मचु। जीअं ब॒हरि बा॒फ न निकिरे।
ROMAN SINDHI
Joggee tunhinje jogg'a me, ggaalh ghurje ggach'u,
Sagga selhiyoon singyoon, aee punn waDo kach'u,
WaDhe cheere chichre, par me ubho pach'u
Soee baarij mach'u, jeean Bahir BaaPH'a na nikre.
TRANSLATIONS
O jogi! You still need a lot (of dressing) for perfecting your asceticism. You should cut your self, tear it to pieces and then make minced meat thereof. Finally roast it secretly. You should kindle such a blaze within yourself as may function like the cooling water due to intensive heat. (It may tranqualize you and contribute constructively to your union with Allah).
راز دارِ رضائے حق ہو کر
اپنی ہستی کو تو مٹائے جا
گر یہ چاہے کہ تو بنے جوگی
عشق کی دھونیاں رمائے جا
گڈریوں اور سنکھ سیلوں سے
ہوسکے گی نہ جوگ کی تعمیل
قصر باطن کو ریزہ ریزہ کر
تاکہ ہو جذب و شوق کی تکمیل
دل ہو مانند شعلۂ بے دود،
ورنہ ہر رسمِ ظاہری بے سود
جوگ سے تیرا چاؤ، ابھی نہیں ہے کامل،
من میں پریت کی اگنی، انگ انگ ہو گھائل،
قطرہ قطرہ دل، جب آنسو بن بن ٹپکے۔
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) تُون ڀائِي جوڳِي ٿِئو، لائي…
- (بيت) جوڳَ نَہ جوڳو تُون، ڪَرِيين…
- (بيت) جوڳِي جَڳُ ڇَڏي، پُرئا پُورَڀَ…
- (بيت) جوڳِي ٿِينداسُون، ماءَ پَلِيندِينءَ ڪيتِرو،…
- (بيت) جوڳِي ٿِيَنِ نَہ يارَ، ڪَنھِن…
- (بيت) جوڳِيَنِ جوڳُ جُڳاءِ، جوڳُ پُڻ…
- (بيت) جيڪي جوڳُ مَ پاءِ، نان…
- (بيت) جيڪي جوڳِي ٿِيءُ، نَہ تَہ…
- (بيت) جَا جِيارِي جوڳِيين، سا ماڻُهنِ…
- (بيت) جَنھِن ڪارَڻِ جوڳِي ٿِئا، جانۡ…
- (بيت) جِندا ھو مَ جوڳَ ري،…
- (بيت) جِندا ھو مَ جوڳَ ريءَ،…
- (بيت) رَھِئو ڪَھُ ويٺِي رامُ، رَھَندا…
- (بيت) سامِي ڪَنڌُ ڪَپاءِ، ڪَنَ ڪَپائِڻُ…
- (بيت) لَنگهُہ لاھُوتان ڪاپَڙِي، دُونھِيُون ڪِيمَ…
- (بيت) نِسوروئي ”ناھِ“ جِي دِلِ ۾…
- (بيت) پُوري پَئِي رَھُ، اُپَٽي اُجُهہ…
- (بيت) پُوري پَئِي رَھُ، اُپَٽي اُجُهہ…
- (بيت) ڇَڏِ جاڳوٽا جوڳِيين، دُونھِيُون ڪِيمَ…
- (بيت) ڪوڙيِين گَنگائُون ڀيٽِيين، سَھِسين ڪَرِيين…
- (بيت) ڪَنَ ڪورائي ڪاپَڙِي، جِندا ٿِيءُ…
- (بيت) ڪَنَ ڪورائي ڪاپَڙِي، جِندا ٿِيءُ…
- (بيت) ڪَنَ ڪورائيين ڪاپَڙِي، اِي زَنانو…
- (بيت) ڪَھَندي ڪابُولَ ڏي، جوڳِيَنِ جُڳَ…
- (بيت) ھي جٖي ڪَنَ ڪَپارَ جا،…
- (بيت) ھِي ڪَنَ گاڏُھان وِڪِڻِي، ڪَنَ…
