ٻاڦَ بابت
معنيٰ
اُٻَ، بُخار (پاڻيءَ جو). دُونھون، دُونھاٽ. اندر جو راز، ڳُجهہ. ٻاٻورَ.
Steam, vapor, fume.
بيتن ۽ وائين ۾
- مَچُ مَنجِهين آھِ، ٻاھَرِ ٻاڦَ نَہ نِڪِري، چورِ تَہ لَڳيئي چاھِ، کامَندَنِ کَٽِئو.[ سُر يمن ڪلياڻ - باھ ۽ ساڙو ]
- جُهولي جُهڻِڪَ جُهِني ڪِي، ويٺِي ٻُڪي ٻاڦَ، آيَمِ تَنِ اُٺَنِ سين، جَنِ جا پيرَ ڌُڌا ڌَڙَ دافَ، لَنگهِئا لَڪَ لَطِيفُ…[ سُر ديسي - وديسي وَرُ ]
- جوڳِي تُنھِنجي جوڳَ ۾، ڳالِهہ گُهرِجي ڳَچُ، سَڳا سيلِهيُون سِڱِيُون، اِي پُڻ وَڏوڪَچُ، وَڍي چِيري چِچِري، پَرِ ۾ اُڀو پَچُ،…[ سُر رامڪلي - جوڳي، سامي ۽ ڪن ڪپڻ ]
- نِھائِينءَ کان نِينھُن، سِکُ مُنھِنجا سُپِرِين، سَڙي سارو ڏِينھُن، ٻَھَرِ ٻاڦَ نَہ نِڪِري.[ سُر رِپ - اندر، سٻر ۽ نھائين ]
- لَکين سَئِين مَھِراڻَ، جٖي اُتوھَ سين اُڌَمِئا، سَڙِئا مَنجِهين ماڻَ، ٻَھَرِ ٻاڦَ نَہ نِڪِري.[ سُر آسا - ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو ]