Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
- سُر حسيني جَي ڏورِڻ ۽ ڏسڻ جو بيت
ڏوٿِيَنِ چَيُسِ ڏورِ، ڪيچُ اَڳاھُو پَنڌُ ٿِئو،
پاڻان چَڙِھِي پُورِ، وِکَ وِڌائِين وِتَرِي.
رسالن ۾ موجودگي: 86 سيڪڙو
سمجهاڻي
جڏهن سسئيءَ کي جهنگ ۾ گهاريندڙ ڏوٿي گڏيا تن چيس ’اڃا اڳتي ڪيچ جو پنڌ پري پيو آهي‘، اهو ٻڌي سندس ارادو وڌيڪ پختو ٿي ويو ۽ تڪڙو پنڌ ڪرڻ شروع ڪيائين.
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود سسئي، بيت نمبر : 818
ڎُوْٿِيَنِ چَيُسِ ڎُوْرِ ڪٖيْچُ اَکَاہٌ پَنڌُ ٿِئُوْ﮶
پَانَا چَرِيْ پُوْرِ وِکَہ وِڌَاءٍ وِتَرِيْ﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
डो॒थियनि चयुसि डो॒रि। कैचु अगा॒हूं पंधु थिओ।
पाणां चड़िही पूरि। विख विधाईं वितरी।
ROMAN SINDHI
ddothiyan'ay chayus'ay ddor'ay, kech'u aggaahoo pandh'u thi'o,
paannaa'n charrihi poor'ay, wikhh'a widhaaeen witari.
TRANSLATIONS
The village folk, (laconically) replied: "search (for him;) Kech is far off". That information (instead of depressing her), increased her impetus, and she accelerated her pace.
"Oh suffering one! prepare yourself to go ahead,
Die not in the rocks, still far off is Kech."
No mads said to her, far away is Kech,
Hearing this, Sasui hurried her pace.
قالت باحثات غلات برية كيج بعيد وسفره طويل.
سسئى بنفسها خطت خطوات سريعة فى تباريح العشق.
کہیا جا نکلی واٹ کیچ دی لمی اتے اوکھیری
عشق ہلونا اندر دتا کیتی چال تھکیری
کہا یہ ہر ایک رہرو نے ڈھونڈ لے کیچ ہے دور،
سمن کہ بات کو قدم بڑھائے، کرلے دشت عبور۔
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) آئُون ڏورِيين شالَ مَ لَھين…
- (بيت) آئُون ڏورِيين شالَ مَ لَھين،…
- (بيت) آئُون ڏورِيين شالَ مَ لَھين،…
- (بيت) آئُون ڏورِيين شالَ مَ لَھين،…
- (بيت) آيَلِ ٻاروچَنِ تي، جيڪَرَ ڪَرِيان…
- (بيت) اوري ھَڏِ مَ آءُ، پَري…
- (بيت) تانۡ ڪا وَرِ ڪِجا، ڪَمِيڻِيءَ…
- (بيت) تانۡ ڪا ڪِجا وَرِ، ڪَمِيڻِيءَ…
- (بيت) جيڏِيُون ڏِسو ڪيچُ، جو ڏيھُ…
- (بيت) جيڪا ڪَندِي سَڱُ، آيَلِ ٻاروچَنِ…
- (بيت) جيڪا ڪَندِي مَنجُهہ، مُون جِيئَن…
- (بيت) جيڪا ڪَندِي نِينھُن، ٻاروچاڻِيءَ ذاتِ…
- (بيت) جَي تو ڳالَهائي، ماءُ ٻاروچا…
- (بيت) مانَ ٻاروچا ھُونِ، ڏِٺَمِ اُٺَ…
- (بيت) مَڇُڻ ٿِيين مَلُورَ، ڪِينَ اَڳاھِين،…
- (بيت) مُون جِيئَن مُلاقاتَ، جَي ھُيانؤَ…
- (بيت) ٻاروچا ٻِئا گَهڻا، مُنھِنجو اَٽَلُ…
- (بيت) ٻاروچا ٻِئا گَهڻا، پُنهون سِرُ…
- (بيت) ٻاروچو ٻِيءَ رُوءِ، جيڪُسِ ڏِٺو…
- (بيت) ٻاروچو ٻِيءَ ڀَتِ، جيڪُسِ ڏِٺو…
- (بيت) پُنهونءَ جي پاٻوھَ، آن جي…
- (بيت) ڏورِيان ڏورِيان مَ لَھان، ساٿِي…
- (بيت) ڏورِيان ڏورِيان مَ لَھان، شالَ…
- (بيت) ڏوٿِيا ڪو اوٺِيَنِ جو، مُون…
- (بيت) ڏِٺان جَي ٻَروچُ، مُون جِيئَن…
- (بيت) ڏِٺو جَنِ ھيڪارَ، آرِياڻِي اَکِيُنِ…
- (بيت) ڪَنھِن جَنھِن نِينھَن لَڌاھُ، جِيئَن…
- (بيت) ڪِئا ويچارِيءَ وَسَ، ڪارَڻِ ڪوھِيارِي…
