Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
- سُر حسيني جَي ٻاروچا، فراق ۽ وصال جو بيت
جيڪي فِراقان، سو وِصالان نَہ ٿِئي،
اَچي اوطاقان، مُون کي پِرِينءَ پاسي ڪِئو.
رسالن ۾ موجودگي: 93 سيڪڙو
سمجهاڻي
(سسئيءَ جي زباني) جيڪي فراق (جدائي) مان حاصل ٿئي ٿو، سو وصال (گڏجاڻي) مان ڪو نہ ٿو ملي. منھنجي اوطاق تي اچڻ سان (مون وٽ اچڻ سان) پرين مون کي پاڻ کان پري ڪري ڇڏيو، (سندس گڏجڻ سببان، مون کي جيڪا اڳين زوردار ڇِڪ هئي سا ماٺي ٿي ويئي).
[انهيءَ پس منظر ۾ مثنوي روميءَ جو هيءُ بيت ڏسو جنھن ۾ هو چوي ٿو تہ آءٌ عجب ۾ آهيان تہ يار جو وصال وڌيڪ قيمتي آهي يا فراق.
عقل حيران که چه عشقست و چه حال،
که فراق او عجب تر يا وصال.
(دفتر سوم، ب-4717)
معنيٰ: عقل حيران آهي تہ عشق عجيب آهي يا اهو حال يعني جدائي وڌيڪ عجب واري آهي، يا ان جو وصال وڌيڪ عجب وارو آهي]
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود سسئي، بيت نمبر : 235
جٖيْڪِيْ فِرَاقَا سُوْ وِصَالَا نَٿِيٖيْ﮶
اَچِيْ اُوْطَاقَا مُنْـکٖيْ پِرْيَ پَاسٖيْ ڪِئُوْ﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
जेके फ़िराक़ां। सो विसालां न थिए।
अची औताक़ां। मूं खे पिरींअ पासे किओ।
ROMAN SINDHI
jekay firqaa'n, so wisaalaa'n na thiye,
achi aotaaqaa'n, moo'n khhay pireen'a paasay ki'o.
TRANSLATIONS
But the benefits that accrue from separation are incomparable to those of union. My beloved separated himself after union with me at mine.
میل من سوی وصال و میل او سوی فراق
ترک کامِ خود گرفتم تا بر آید کامِ دوست
(Hafiz)
I was inclined towards union but he was inclined towards separation. I dropped my desire so that my friend's desire may be realized.
"The true lover approaches him (i.e. his beloved) not with a view to lose him 'If but in order to regain himself, to come to his own and to develop the best of his capacities for action. He would rather be at a distance from his beloved in order to maintain his independence than approach him and lose it because that is the way in which he can be true to his love. (Ideology of the future)
What you gain from separation, union cannot give,
When He came to my resort, subdued was my yearning,
Come back sorrow, joy has brought them rest."
الذي يحصل من الفراق لايحصل من الوصال.
ولاكن حبيبي جاء فى ساحتي وحضر فى مجلسي وأبعدني من قلبه لأن بلقاء الحبيب يزول وينقص غليل العشق ويزيد الحب بالفراق وبالهجران.
جو فراقاں ہووے سو نہ وصل وصالاں تھیوے
گھر دے وچ آکے پرے، مینوں پریتم نے کیتا
مزا وچھوڑے دے وچ جیہڑا او نہیں وچ وصالاں
بھاگاں بھریا کرکے ویہڑا ٹرگیا پریتم میرا
کب ہے وصل میں حاصل سکھیو! جو ہے فراق میں حاصل،
آنگن آئے وصل ہوا، اور دور وہ لے گئے محمل۔
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) آئُون جَي ھُيَسِ ھَڏُ، اَدِيُون…
- (بيت) آن جَي ڏِٺا ھُونِ، اللهَ…
- (بيت) جٖي ڏُونگَرَ مُون مَنجِهہ ڏُکَ،…
- (بيت) حُسَينِيءَ جي ھاڪَ، مادَرِ مارِي…
- (بيت) سانڍِ پَنھِنجِي ساھِ، نَہ تَہ…
- (بيت) ليڙَنِ لَنگِهي لَسَ، مانباڻِئان مَٿي…
- (بيت) ماءُ وِھاڻو وارِ، کَڻُ پَٿِراڻِي…
- (بيت) مُنھِنجو پاڙيچيَنِ، ڪَچو ڪو نَہ…
- (بيت) مُون سَڱُ ھُئَڙو جَنِ سين،…
- (بيت) نَڪِي ٿِيان سَڱَ ۾، نَڪِي…
- (بيت) وَڏِي وَسَ ھُئا، ٻاروچا ڀَنڀورَ…
- (بيت) وِصالان وِچُ پِئو، ڦِرِي آءُ…
- (بيت) ٻيلِياڻِي ٻَروچَ، ڏِنِي سِڪَ سَسُئِيءَ…
- (بيت) ٻيُون سَڀَ سَڱِيڻِيُون سَرَتِيُون، مُون…
- (بيت) پاڙي ناھِ پَرُوڙَ، تَہ ڪا…
- (بيت) پاڙِيچِيءَ روئِي، چاڪَ مُنھِنجا چورِئا،…
- (بيت) ڇِپُون ڇَپَرَ کَٽَ، پَھَڻَ پَٿِراڻِيُون…
- (بيت) ھُيَسِ جي سِياءُ، تَہ ڪِئَمِ…
- (بيت) ھُيَسِ جَي آئُون، ٻانِهي ٻاروچَنِ…
