Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
- سُر حسيني جَي ٻاروچا، فراق ۽ وصال جو بيت
ٻيُون سَڀَ سَڱِيڻِيُون سَرَتِيُون، مُون چُکَ سين چاءُ،
اَندَرِ آھي ڳالِهڙِي، ڪوھِيارِي جِي ڪا،
لَڳُمِ ذَرو واءَ، سَڄو سَڱُ نَہ سارِيان.
رسالن ۾ موجودگي: 88 سيڪڙو
سمجهاڻي
(سسئي ٿي چوي) ٻين سڀني سرتين جي پنھنجي مڙسن سان اڳيئي مائٽي يا عزازت آهي، (انهن جي سڱاوتي آهي) پر آءٌ توکي مفت ۾ مليل آهيان. منھنجي اندر ۾ ڪوهياري سڄڻ جي محبت واري ڳالهہ پنھنجيءَ جاءِ تي آهي، پر انهيءَ عشق جي هڪڙي لغار جي ڪري مائٽيءَ جو پورو حق نٿي ڇڪي سگهان.
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود سسئي، بيت نمبر : 412
ٻِيٌ سَڀِ سَکِيْنِيٌ سَرَتِيٌ مُنْ چُڪَهِسٌ چَاءُ﮶
اَندَرِ آَهٖيْ کَالَرِيْ ڪُوْهِيَارٖيْـجِيْ ڪَا﮶
لَـکمِ ذَرُوْ وَاءَ سَڃُوْ سَنکُہ نَسَارِيَان﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
बि॒यूं सभि सघीणियूं सरतियूं। मूं चुख सें चाउ।
अन्दरि आहे गा॒लहड़ी। कोहियारे जी का।
लगु॒मि ज़रो वाअ। सजो॒ सङु न सारियां।
ROMAN SINDHI
Byoo'n sabh'a sanginniyoo'n saratiyoo'n, moo'n chukhh'a see'n chaa'u,
andar'ay ahay ggaalihrri, kohiyaaro ji kaa,
laggum'ay zaro wa'u, sajjo sangg'u na saariyaa'n.
TRANSLATIONS
O my friends! All others claim full relationship with the beloved. Personally I am concerned and content with his love. I bear in mind some covenant made to me by the beloved (or) some recollection about him. The fact is that it is the love for him, which I claim to possess, rather than any merit for relationship with him.
باقی سبھ دی ساکا داری عشق وچولا میرا
سانجھ انوکھی ساڈے اندر جس نے لایا ڈیرا
جنگ عشق دی بھٹکی اندر پیار جنہے گرمایا
اورون کا ہے حقیقی تعلق، میرا پریت کا ناتہ،
میرے من میں ساجن کی اک، بات ہے اب پوشیدہ،
ذرا سا پیار کا رشتہ، کب ہے حقیقی تعلق۔
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) آئُون جَي ھُيَسِ ھَڏُ، اَدِيُون…
- (بيت) آن جَي ڏِٺا ھُونِ، اللهَ…
- (بيت) جيڪي فِراقان، سو وِصالان نَہ…
- (بيت) جٖي ڏُونگَرَ مُون مَنجِهہ ڏُکَ،…
- (بيت) حُسَينِيءَ جي ھاڪَ، مادَرِ مارِي…
- (بيت) سانڍِ پَنھِنجِي ساھِ، نَہ تَہ…
- (بيت) ليڙَنِ لَنگِهي لَسَ، مانباڻِئان مَٿي…
- (بيت) ماءُ وِھاڻو وارِ، کَڻُ پَٿِراڻِي…
- (بيت) مُنھِنجو پاڙيچيَنِ، ڪَچو ڪو نَہ…
- (بيت) مُون سَڱُ ھُئَڙو جَنِ سين،…
- (بيت) نَڪِي ٿِيان سَڱَ ۾، نَڪِي…
- (بيت) وَڏِي وَسَ ھُئا، ٻاروچا ڀَنڀورَ…
- (بيت) وِصالان وِچُ پِئو، ڦِرِي آءُ…
- (بيت) ٻيلِياڻِي ٻَروچَ، ڏِنِي سِڪَ سَسُئِيءَ…
- (بيت) پاڙي ناھِ پَرُوڙَ، تَہ ڪا…
- (بيت) پاڙِيچِيءَ روئِي، چاڪَ مُنھِنجا چورِئا،…
- (بيت) ڇِپُون ڇَپَرَ کَٽَ، پَھَڻَ پَٿِراڻِيُون…
- (بيت) ھُيَسِ جي سِياءُ، تَہ ڪِئَمِ…
- (بيت) ھُيَسِ جَي آئُون، ٻانِهي ٻاروچَنِ…
