Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
- سُر حسيني جَي ٻاروچا، فراق ۽ وصال جو بيت
ھُيَسِ جَي آئُون، ٻانِهي ٻاروچَنِ جِي،
ھُوندَ نَہ ڇَڏِيائُون، ڏُکِيءَ کي ڏُکَنِ ۾.
رسالن ۾ موجودگي: 63 سيڪڙو
سمجهاڻي
(سسئي ٿي چوي) جيڪڏهن آءٌ سچ پچ هنن هوت بلوچن جي ٻانهي هجان ها (هو واقعي مون کي پنھنجي ٻانهي سمجهن ها) تہ جيڪر مون ڏکويل ۽ ستايل کي ائين غمن ۾ گڏي هليا نہ وڃن ها.
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
हुयसि जे आऊं। बा॒निही बा॒रोचनि जी।
हूंद न छडि॒याऊं। डु॒खीअ खे डु॒खनि में।
ROMAN SINDHI
huyas'ay jay aaun, Banihi Baarochan'ay ji,
hoond'a na chaddiyaa'oo'n, ddukhhi'a khhay ddukhhan'ay mayn.
TRANSLATIONS
If I were even a bondwoman of the Baluchi Lord, he would not have left me behind as a victim of woes.
پیندی جے قبول ایہہ داسی مینوں نال لیجاندے
ہائے نا جاندے ایہہ بلوچی چھڈ کے وچ دُکھاں دے
ہوتی گر میں بلوچ کی باندی، چھوڑ نہ جاتا یار،
دکھ میں میرا ساتھی ہوتا، آن کو وہ کوہیار۔
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) آئُون جَي ھُيَسِ ھَڏُ، اَدِيُون…
- (بيت) آن جَي ڏِٺا ھُونِ، اللهَ…
- (بيت) جيڪي فِراقان، سو وِصالان نَہ…
- (بيت) جٖي ڏُونگَرَ مُون مَنجِهہ ڏُکَ،…
- (بيت) حُسَينِيءَ جي ھاڪَ، مادَرِ مارِي…
- (بيت) سانڍِ پَنھِنجِي ساھِ، نَہ تَہ…
- (بيت) ليڙَنِ لَنگِهي لَسَ، مانباڻِئان مَٿي…
- (بيت) ماءُ وِھاڻو وارِ، کَڻُ پَٿِراڻِي…
- (بيت) مُنھِنجو پاڙيچيَنِ، ڪَچو ڪو نَہ…
- (بيت) مُون سَڱُ ھُئَڙو جَنِ سين،…
- (بيت) نَڪِي ٿِيان سَڱَ ۾، نَڪِي…
- (بيت) وَڏِي وَسَ ھُئا، ٻاروچا ڀَنڀورَ…
- (بيت) وِصالان وِچُ پِئو، ڦِرِي آءُ…
- (بيت) ٻيلِياڻِي ٻَروچَ، ڏِنِي سِڪَ سَسُئِيءَ…
- (بيت) ٻيُون سَڀَ سَڱِيڻِيُون سَرَتِيُون، مُون…
- (بيت) پاڙي ناھِ پَرُوڙَ، تَہ ڪا…
- (بيت) پاڙِيچِيءَ روئِي، چاڪَ مُنھِنجا چورِئا،…
- (بيت) ڇِپُون ڇَپَرَ کَٽَ، پَھَڻَ پَٿِراڻِيُون…
- (بيت) ھُيَسِ جي سِياءُ، تَہ ڪِئَمِ…
