Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
- سُر حسيني جَي ٻاروچا، فراق ۽ وصال جو بيت
جٖي ڏُونگَرَ مُون مَنجِهہ ڏُکَ، سي پَڌَرِ پُونِ مَ پِرِينءَ ري،
وِھَڻُ مُون وِھُ ٿِئو، ڪيرَ سانڍيندِي سُکَ،
ھُيَمِ ھوتَنِ سين چُکَ، سَڄو سَڱُ نَہ سارِئان.
رسالن ۾ موجودگي: 87 سيڪڙو
سمجهاڻي
(سسئي ٿي چوي) اي جبل، منھنجي اندر ۾ جيڪي ڏک ۽ غم آهن، سي پرينءَ کان سواءِ ٻين کي نٿي ٻُڌائي سگهان (انهيءَ ڪري) مون لاءِ اٿڻ ويھڻ زهر ٿي پيو آهي. اهڙيءَ حالت ۾ سُک ڪنھن کي ياد هوندا. هوتن کي مان بنا عوض ڏنل آهيان (هار ۾ ڏنل آهيان)، تنھنڪري ٻين وانگر پورو مائٽاڻو حق نٿي ساهي سگهان (سو آءٌ ڪھڙو حق ويھي جتايان).
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود سسئي، بيت نمبر : 408
جٖيْ ڎُنْکَرَ مُنْ مَنجِ ڎُکَہ سٖيْ پَڌَرِ پُوْنِ مَپِرْيَرٖيْ﮶
وَهَنُ مُنْ وِہُ ٿِئُوْ ڪٖيْرَ سَاڊِيْدِيْ سُکَہ﮶
هُيَمِ هُوْتَنِ س﮼ چُکَہ سَڃُوْ سَنکُہ نَسَارِيَان﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
जे डूं॒गर मूं मन्झि डु॒ख। से पधरि पूनि म पिरींअ रे।
विहणु मूं विहु थिओ। केर सांढींदी सुख।
हुयम होतनि सें चुख। सजो॒ सङु न सारिआं।
ROMAN SINDHI
jay ddoongar'a moo'n manjh'ay ddukhh'a, say padhar'ay poon'ay ma pireen'a ree,
wihann'u moo'n wih'u thi'o, ker'a saandhheendi sukhh'a,
huyam'a hotan'ay see'n chukhh'a, sajjo sang'u na saari'aa'n.
TRANSLATIONS
O mountain! would that my anguish were not betrayed except to the beloved (or) during his absence.) So far I am concerned, it is impossible for me to stay indoors and think of comforts. Accordingly who would care for and relish comforts? I bear only the little connection of love with the beloved rather than a claim of being (worthy to be) his relative.
اوکھی گھاٹی دُکھ ہزاراں بِن پنن جے جاواں
ہن آرام حرام ھے مینوں سکھ ذرا نہیں پاواں
اے پربت، جو سہے ہیں دکھڑے، عیاں نہ ہوں بِن پریتم،
کیسے سکھ وہ سہہ پائیگی، دکھ جیسے ہے ہر دم،
تجھ سی کہاں میں ہمدم، تجھ سے ہے بس پریت کا ناتہ۔
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) آئُون جَي ھُيَسِ ھَڏُ، اَدِيُون…
- (بيت) آن جَي ڏِٺا ھُونِ، اللهَ…
- (بيت) جيڪي فِراقان، سو وِصالان نَہ…
- (بيت) حُسَينِيءَ جي ھاڪَ، مادَرِ مارِي…
- (بيت) سانڍِ پَنھِنجِي ساھِ، نَہ تَہ…
- (بيت) ليڙَنِ لَنگِهي لَسَ، مانباڻِئان مَٿي…
- (بيت) ماءُ وِھاڻو وارِ، کَڻُ پَٿِراڻِي…
- (بيت) مُنھِنجو پاڙيچيَنِ، ڪَچو ڪو نَہ…
- (بيت) مُون سَڱُ ھُئَڙو جَنِ سين،…
- (بيت) نَڪِي ٿِيان سَڱَ ۾، نَڪِي…
- (بيت) وَڏِي وَسَ ھُئا، ٻاروچا ڀَنڀورَ…
- (بيت) وِصالان وِچُ پِئو، ڦِرِي آءُ…
- (بيت) ٻيلِياڻِي ٻَروچَ، ڏِنِي سِڪَ سَسُئِيءَ…
- (بيت) ٻيُون سَڀَ سَڱِيڻِيُون سَرَتِيُون، مُون…
- (بيت) پاڙي ناھِ پَرُوڙَ، تَہ ڪا…
- (بيت) پاڙِيچِيءَ روئِي، چاڪَ مُنھِنجا چورِئا،…
- (بيت) ڇِپُون ڇَپَرَ کَٽَ، پَھَڻَ پَٿِراڻِيُون…
- (بيت) ھُيَسِ جي سِياءُ، تَہ ڪِئَمِ…
- (بيت) ھُيَسِ جَي آئُون، ٻانِهي ٻاروچَنِ…
