وَرِ بابت
معنيٰ
ور ۾، قبضي ۾، ھٿ ۾، حاصلات ۾
In possession, in hand, handed
بيتن ۽ وائين ۾
- جَي اَٿيئِي سَڌَ سُرڪَ ۾، تَہ وَنءُ ڪَلاڙَڪي گهَرِ، وَڍَڻُ چِيرَڻُ چِچِرَڻ، پَھتِ اُنِهين جِي پَرِ، جَي وَٽِيءَ پوءِ وَرِ،…[ سُر ڪلياڻ - سُوري، ڪاتي ۽ زھر ]
- سِرَ وَٽِ سَرو ساھَنگو، وَٺين ڇو نَہ وَرِي، قَدرَ ڪيفَ ڪَمالَ جِي، خَبَرَ اِيءَ کَرِي، سُرِڪِي جَنِ سَرِي، تَنِ جُون…[ سُر ڪلياڻ - سُوري، ڪاتي ۽ زھر ]
- وَڍي جَنِ وِڌِياسِ، وَرِي ويڄَ ئِي سي ٿِئا، تُرتُ ٻَڌائُون پَٽِيُون، روزُ ڪِئائُون راسِ، ھِينئَڙا تَنِي پاسِ، گهارِ تَہ گهايَلُ…[ سُر يمن ڪلياڻ - ويڄ ۽ دارُون ]
- تَنبُو طَبِيبَنِ، آڻي اَڱَڻِ کوڙِئا، ويڄَنِ ويٺي وَرِھَ ٿِئا، ڦَڪِيُون فَرَقُ نَہ ڪَنِ، مُون کي مُون پِرِيَنِ، چَتُرَ ساڻُ چَڱو…[ سُر يمن ڪلياڻ - ويڄ ۽ دارُون ]
- جَو مُون پَڙِهئو پاڻَ لَئي، سَبَقُ سابِقَ جو، پھرِين سُڃاتُمَ پانھِنجي، نَفسَ جو نِھو، جِتِ عِرفانُ اَصلَ ۾، ٿي رُوحَنِ…[ سُر يمن ڪلياڻ - پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ ]
- جانۡ جانۡ ناھِ ضَرُورُ، تانۡ تانۡ ناھِ طَبِيبُ ڪو، جُسي سَرِئو سُورُ، تَہ ڪَرَ ويڄُ وَرِ پِئو.[ سُر يمن ڪلياڻ - پريم پاٺ ]
- سُڻِي ويڻُ ڪَنَنِ سين، وَرائيجِ مَ وَرِي، ھادِيءَ جي ھِدايَتَ جِي، آھي اِيءَ ڳَرِي، تَنِ سَڄِي ساھِسَرِي، جَنِي مارِئو نَفسُ…[ سُر يمن ڪلياڻ - پريم پاٺ ]
- کَنڀاتَڙِي تَڙَ وَرِي، اُڀِي تَڙِ واجهاءِ، مانَ ڏِينھُون ڪا، سُواڌائِي سَڄَڻين.[ سُر کنڀات - نيڻ ۽ تارا ]
- سُتين سَنجهيئِي، وِڄُ کِوَندِيَئِي ويسَرا، وِيرَ وَرِي ويئِي، اَسارَنِ، تان اوچِتِي.[ سُر سريراڳ - توڪل، جاڳ سجاڳ ]
- ڪوڙيِين ڀالَ ڪَرِيمَ، ڪَرِ سَھِسين شُڪرانا، فاذڪُرُونِي اَذڪرُڪُم، ڪَھي قُرآنا، واشڪُرُو الِي وَلا تَڪفُرُونِ، ڪَڍُ تُون ڪُفراَنا، حَمدُ چؤُ حَڪِيمَ…[ سُر سريراڳ - وايون ]
- جاڳِي يارا جيڏِيُون پاڻُ پَرَنِجي، ھَلَندي حَبِيبَ ڏي، ويلو وِچِ نَہ ڪِجي، مَٿي اُھِسَ اُسِرِي، پَتَنگَ جِيئَن پَئِجيءَ، اَڳِئان اُونداھِيءَ…[ سُر سريراڳ - وايون ]
- پَڳَھَ پَنڌَ پَرُوڙِ، آيَلَ سامُونڊِيَنِ جا، ساندارو سَمُنڊَ جو، آھي دُوران دُورِ، ڪي لَنگِهئا پِھرِئين پُورِ، ڪَنِ ويٺي وَرِھَ ٿِئا.[ سُر سامونڊي - پڳھ ۽ سامونڊين سڱ ]
- اُونِهي ۾ اوھَرِي، جَڏھِن وِئا جٖي، موٽِي ماڳِ نَہ آيا، ماءِ سامُونڊِي سي، کارو تَنِي کي، جيڪُسِ وَھُ وَرِي وِئو.[ سُر سامونڊي - پڳھ ۽ سامونڊين سڱ ]
- اوڙاھِ وِئا نَہ وَرِئا، آئُون تَنھِن مارِي ويڻَ، ڪَري سامُونڊِي سيڻَ، جُسي جارُ پِرائِيو.[ سُر سامونڊي - پڳھ ۽ سامونڊين سڱ ]
- وَڻِجارَنِ وَرِي، پِرھَ پَڳَھَ ڇوڙِئا، اولِيُون پَسِي اُنِ جُون، پِيَمِ ڳَچَ ڳَري، ويندِيَسِ ماءُ مَرِي، ساري سامُونڊِيَنِ کي.[ سُر سامونڊي - سيءَ ۽ جهيڙا ]
- اولا کَڻِي اُوءِ، پَڳَھَ ڇوڙي پَنڌِ ٿِئا، آيَلِ سامُونڊِيَنِ جِي، آھي اَڙانِگي جُوءِ، ڪَڏِھِين ڏِسَندَيِسِ رُوءِ، وَرِي ھِنِ اَکِيُنِ سين.[ سُر سامونڊي - وايون وڃڻ جون ]
- سامُونڊِيَنِ سِڙَه سَنباھِئا، اُتَرَ وَرِيُنِ واءُ، ٻارَھين ماھِ نَہ موٽِئا، سَمُنڊَ آيُنِ ساءُ، جيڪُسِ لَڪا کانءِ، اوڏاھِين آسودا ٿِئا.[ سُر سامونڊي - آيا وڻجارا ]
- سامُونڊِيَنِ سِڙَه سَنباھِئا، اُتَرَ واءُ وَرِيونِ، ٻارَھِين ماھِ نَہ موٽِئا، سَمُنڊَ ڪاڄُ سَرِئونِ، ٻَرِ ٻَرِسُورُ سَندونِ، اَڄُ ڪَنھِن سين اورِيان.[ سُر سامونڊي - آيا وڻجارا ]
- سامُونڊِيَنِ سِڙَه سَنباھِئا، وَرِيُنِ واءُ اُتَرَ، ٻارَھين ماھِ موٽِئا، وِئا پَروڪِيءَ پَرَ، سُڃا سامُونڊِيَنِ ري، بازارِيُون بَندَرَ، کَڻِيو سُورَ سَمَرَ،…[ سُر سامونڊي - آيا وڻجارا ]
- آيَلِ ڪَرِيان ڪِيئَن وو مُنھِنجو نِينھُن پَلِئو نَہ رَھي، سامُونڊِيءَ جي سَڱَ کي، رُئان راتو ڏِينھَن، مادَرِ پائي مُنڊِيُون، وَڃان…[ سُر سامونڊي - وايون ]
- گهَڙو ڀَڳو تَہ گهورِئو، ويندِيَسِ تان نَہ وَرِي، پِيءُ پَسَندِيَسِ پانھِنجو، تانگهو تارِ تَرِي، ميھارَ مَرِي، پَلَڪُ پاسي نَہ ٿِيان.[ سُر سھڻي - پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو ]
- گَهرين جٖي گهارِينِ، سي ڪَمِيڻِيُون ڪُوڙِيُون، وِڃائي وَرِي آيُون، مَحَبتَ جُون مُوڙِيُون، جٖي سَنجهي سَنڀوُڙِيُون، ساھَڙُ تَنِي سَڏَ ڪَري.[ سُر سھڻي - سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري ]
- گِهڙَڻُ وَھِيڻُو مُون، مِلَڻُ ھَٿِ ميھارَ جي، سائِرَ سِڪَندِيَنِ جو، تَرسُ پَرُوڙِجِ تُون، جٖي ھَلَنِ ھوتَنِ ڏُونھِن، تَنِ کي مَڇِنِ…[ سُر سھڻي - سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري ]
- ڀيلِئان جِتِ ڀَڳِيُون، آيُون اُتِ وَرِي، ڪانِهي ٻِي ڳَرِي، مينهِيَنِ کي ميھارَ ري.[ سُر سھڻي - مينھون، چاھڪ، کرڪن ]
- ڀَريُون پَرِينءَ ڀَرِ، پَسُ جَي پارِ پَوَندِيُون، آڻِئو ھَڻي آرَ ۾، وَڻَ جَي پُونِسِ وَرِ، سانباھِي سَمُنڊَ جِي، ڪَنھِن ڀَتِ…[ سُر سھڻي - ساھڙ، اڀو آڇي ۽ سانڀارا ]
- ڪو جَو وَرِئو واءُ، جِيئَن واسُ وَڇارَنِ مَٽِيو، مَٿان ساھَڙَ ساھُ، گهورِئو گهورِئان جِندَڙو.[ سُر سھڻي - ترھو، ڪچو ۽ ڪنڀار ]
- ڪو جَو وَرِئو واءُ، جِيئَن ٻَرُ ٻانھُنِ ڇڏِئو، اَڳي اِنَ تَڙان، آئُون اُونداھِيان اُڪِران.[ سُر سھڻي - ترھو، ڪچو ۽ ڪنڀار ]
- اَڳي اِنَ تَڙانُ، ويندِيَ مُون وَرِھَ ٿِئا، قَضا آندِيَسِ ڪُنَ ۾، گهُرائي گهَران، پُنا جَڏھِن پَرِئان تَڏِھِين تانگهوئِي تارِ ٿئو.[ سُر سھڻي - ترھو، ڪچو ۽ ڪنڀار ]
- ھَڻَندي ٿَڪَمِ ھَٿَ، ھِينئَڙي حُجُون ڇَڏِيُون، لَڪُ لَهرِنِ گَڏِئو، مَوجُون وَرِيُون مَٿَ، نِيَمِ ڪُنَ قُوَتَ، ڀِرُ ڀَليرا سُپِرِين.[ سُر سھڻي - ترھو، ڪچو ۽ ڪنڀار ]
- سِڪَ تُنھِنجِي سُپِرِين، جِيئَن تَران تِيئَن تارِ، تُونھِين رَھِيين رُوحَ ۾، تُونھِين اَکنِئا ٻَھارِ، پِرِين تُنھِنجي پارِ، مُون واجهائِيندي وَرِھَ…[ سُر سھڻي - تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن ]
- ڏِٺي ڏِينھَن ٿِئامِ، ڪوھُ ڄاڻان ڪِھَڙا پِرِين، وَلِيُنِ جِيئَن وَرِيامِ، ڳالِهيُون ڳُڻَ پِرِيَنِ جا.[ سُر سھڻي - تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن ]
- وَڃان ڪِيئَن وَرِي، ھُوندَ ريءَ چئَي رَھِي رَھان، دُونھِينءَ پاسِ دوسَ جي، ماڳھِين پُئانَ مَرِي، نَہ صُورَتَ نَہ سُونھَن ڪا،…[ سُر سھڻي - تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن ]
- لَڳَھَ پَسُ لَطِيفُ چئَي، آگَمَ ڪِئا اللهَ، وَڏائِي واحِدَ ڪِئا، مَٿي گَسَنِ گاھَ، پَلُرَ جي پالوٽَ سين، پَٽَنِ جَهلِئا پاھَ،…[ سُر سارنگ - آگمجڻ ]
- ڪُڻِڪَنِ ڪانڌُ چِتِ ڪِئو، پَسِئو جُهڙُ جُهڻِڪَنِ، سُڻِئو رَڙِ رَعدَ جِي، ڪَلهِيُون ٿِيُون ڪَنبَنِ، وارِثُ وَرِي تَنِ، اَچي شالَ اولو…[ سُر سارنگ - بادل نيڻ ۽ مينھن ]
- موٽِي مانڊاڻَنِ جِي، وَرِي ڪِئائِين وارَ، وِڄُون وَسَڻَ آيُون، چوڏِسِ ۽ چوڌارَ، ڪي اُٺِيُون وَڃِي اِستَنبولَ ۾، ڪَن مَڻِئو مَغرَبَ…[ سُر سارنگ - ڌرتي ڍُري ]
- حُڪُمُ ٿِئو حَڪِيمَ جو، ٿا سارَنگَ ساٺَ ڪِجَنِ، وِڄُون وَسَڻَ آيُون، ٽاٽا مِينھَن ٽِمَنِ، جَنِ مَھِنگو ميڙِئو، سي ٿا ھَٿَ…[ سُر سارنگ - ڌرتي ڍُري ]
- اَکِئان ميگهُہ مَلارُ، صُورَتَ تيڏِيءَ سَڀَ جَڳُ موھِيا، سَجِدو فِيلَ فِي الحالِ ڪِئو، پَسِي مُطِلِبَ نُورُ نِراَڙَ، ڄاپَڻَ وَقتِ وَرِيامَ…[ سُر سارنگ - وايون ]
- ڪُوفِيُنِ قَھَرُ ڪِئو، ٿِئا جَماعِتِي يَزِيدَ جا، پَرِ ۾ پَلِيتَنِ کي، وَرَنَهُہ وَرِ پِئو، سَڌَرُ ھونِ سِھو، شيرُ شَھادَتَ رَسِئو.[ سُر ڪيڏارو - ڪربلا ۽ ڪارا ڪڪر ]
- ڪا جَا ڍَرِي ڍُنگَرِي، ڪو جو وَرِئو واءُ، اَڀَنِ ۾ اوسُ پِئو، ڇَپَر چَڙِھئو شاھُ، عَلِيءَ شيرَ وِياءَ، رِڻُ ۾،…[ سُر ڪيڏارو - ڪربلا ۽ ڪارا ڪڪر ]
- ڪَونئُرَ ڪِلي جا ڪوڏِئا، جانڪِيتان ٿو جِيءُ، مَٿي اَڙِنِ اُسِرِي، رُڪَ پِيالو پِيءُ، ڳاھُ ڳِجُهِن جو ٿِيءُ، ويٺي جَنِ وَرِھَ…[ سُر ڪيڏارو - ڳجهُون ۽ چنڊ ]
- پُنهون ڇڏِئو پوءِ، جانِبُ جَبَلَ گهورِيين، تيلاھِين تَنگُون ڪَرِيين، جيلاھِين تُون جوءِ، ساڄَنُ سُڃَ نِھارِيين، ڏُکِي ڏوھُ ڪِئوءِ، ھاڙِھي ھوتُ…[ سُر آبڙي - ڳول سندو پاڻ ]
- وَرِي پُڇُ ويٺِنِ کي، سَندا پُنهونءَ پارَ، ساڄَنُ سَڀَ ڄَمارَ، ڏُکِي ڏورِجِ ڏِيلَ ۾.[ سُر آبڙي - ڳول سندو پاڻ ]
- وَڃو سَڀَ وَرِي، اَئِين جٖي وَرَنِ وارِيُون، ڦوڙائي فِراقَ جِي، سُڄي ڳالِهہ ڳَرِي، ٻُنڀان جَنِ ٻَرِي، ڏُونگَرُ سي ڏورِيندِيُون.[ سُر آبڙي - سُک، ڏُک ۽ ارادا ]
- ھوتُ تُنھِنجي ھَنجَ ۾، پُڇين ڪوھُ پَرياڻُ؟ وَنَحنُ اَقرَبُ اِلَيهِ مِن حَبلِ الوَرِيدِ ، تُنھِنجو تو ئِي ساڻُ، پَنھِنجو آھي…[ سُر آبڙي - سڀ ڪجهہ سندي اندر ]
- ويٺي وَرِ نَہ پُونِ، سُتي مِلَنِ نَہ سُپِرِين، سي مَرُ رويو رُونِ، جَنِ مُسافِرَ سُپِرِين.[ سُر آبڙي - جِيئڻ، ور ۽ ھيڪاندي ]
- جانۡ ساماڻِينءَ سَسُئِي، تَہ ويسُ وِڙَنِ جو ڪَرِ، لائي لُنگُ لَطِيفُ چئَي، ٿِيءُ بيکارِياڻِي بَرِ، تَہ ويندي پَوي وَرِ، اَڳِيان…[ سُر آبڙي - ٿڪيائي ٿر ٿيلهہ ]
- ڏَمَرُ ڏُونگَرَ ڄامَ، سَکَرَ پاڻَ شَرِيڪِ سين، ڪيھِي ڪُلفَتَ تَنھِن سين، جا گولِي آن جي گامَ، وَرِجِ تُون وَرِيامَ، مُنھِنجو…[ سُر معذوري - ھاڙھو پنڌ ]
- ڏِسَڻُ ڏِکان اَڳِرو، سَسُئِي آڻ مَ شَڪُ، ٿِي ٻانِهي ڀَرِ اويُون، لُڏُ مَ پَسِي لَڪُ، وَرُ پُنهونءَ سين پَلَڪُ، ٻَنِ…[ سُر معذوري - ڏُکِيءَ ڏک ]
- آئُون نَہ گَڏِي پِرِينءَ کي، مَٿان آيو مَوتُ، مُون واجهائِيندي وَرِھَ پِئا، ھَئَي نَہ گَڏُيِمِ ھوتُ، جيڪُسِ ٿيِندِيَس فوتُ، فَنا…[ سُر معذوري - نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ ]
- ڇَڏي ڙي ھوتَ مَ وَڃُ، اي مِيان يارَ جَتَ، آئُون اَوَھان جِي آھِيان، پاڻان پَراھان وِئا، سُڻِي مُئِيءَ جا سَڏَ،…[ سُر معذوري - وايون ]
- ڇَپَرِ ھوتَ پُنهونءَ جِي، جَڏھِن پيئِي بُوءِ، راڻَنِ وَرِي رُوءِ، گُوندَرَ لَٿا گولِيين.[ سُر ديسي - ڪيچان آيو قافلو ]
- بَرَ مِڙَئِي بُوءِ، ڇَپَرَ ڇَٽُون مُڪِيُون، اَچِي آرِيءَ ڄامَ جو، لَڙِيو ساٿُ صُبوحِ، ٻَھَ ٻَھَ ٿِي ڀَنڀورَ ۾، ھَنڌَ مِڙيئِي…[ سُر ديسي - ڪيچان آيو قافلو ]
- بِرھَ مَڻايُسِ بَرُ، نَہ تَہ سُکِي ڪيرَ سَڌُون ڪَري، گهَڻو ڏورِيائِين ڏُکَ سين، ڏيرَنِ لَئي ڏُونگَرُ، وَرِي آيُسِ وَرُ، سَفَرَ…[ سُر ديسي - وديسي وَرُ ]
- وارَو وَرُ وَٺِي وِئا، آرِيچا اَظِلامَ، آندائُون آرِيءَ جا، پُنهونءَ ڏي پَيغامَ، پَھَ ڪِئائُون پاڻَ ۾، مُونھان مَخفِي مامَ، سَنڀُوڙا…[ سُر ديسي - دانھُون ڪُوڪُون ]
- پَرٽَنِ پاليياسِ، ٻانڀَڻَ ٻيٽِي آھِيان، حُسُنَ ھوتَ پُنهونءَ جِي، ماري موتِ وِڌِياسِ، جانڪِي تان جِيئَندِياسِ، پييَسِ وَرِ وِصالَ جي.[ سُر ديسي - دانھُون ڪُوڪُون ]
- پَرٽِياڻِيءَ پَارَ، ڪِڍِيا ھوتَ پُنهونءَ لَئي، آھِ اَسان جِي مَيَنِ تي، موڪَلَ جِي مَيارَ، ٿِي وِرُونهي وَڻَنِ سين، جَهلِئو لامَ…[ سُر ديسي - دانھُون ڪُوڪُون ]
- بَرُ وَڏو بارِ گَهڻي، ويجهو نَہ وَڻِڪارُ، ليڙَنِ جو لَطِيفُ چئَي، کَنيو مُنڌَ مَدارُ، وَڻَندُنِ تَہ وَرِ ڪَندا، تَہ اَڳِيَنِ…[ سُر ديسي - اوٺي اُٻھرا ]
- وَرِئو واءُ وِصالَ جو، ڏيرَنِ ڏِھائِي، مُون کي مُڪِي سَڄَڻين، سيڻَنِ سَرَھائِي، اوڏِي آئُون آئِي، لَنگهي لَڪَ لَطِيفُ چئَي.[ سُر ديسي - ڏيرن ناھي ڏوھ ]
- لالَڻَ لوغَ وِئا، ھَلَڪَ رَوان ڙِي جيڏِيُون. پيرَ پَستا پَھِڻين، ڪَڏِھِين ڪِينَ پِئا، لالَڻَ لاءِ لَطِيفُ چئَي، اوزان اوزَ ٿِيان،…[ سُر ديسي - ٻروچڪي ٻولي ]
- جَڏائيءَ جا جَلِيلَ، ٻَڌا موڙَ ھَٿَنِ سين، مادَرِ مُون کي مارِئو دَردَ جي دَلِيلَ، وَرِجِ وِيرَ وَسِيلَ، سُورَنِ ساڙِي آھِيان.[ سُر ڪوھياري - خودڪلامي ]
- تانۡ ڪا وَرِ ڪِجا، ڪَمِيڻِيءَ تي ڪيچِيا، آئُون اَوِھان جِي آھِيان، ٻانِهي ٻاروچا، دِلِاسي دوسا، مَتان مُون کي ڇَڏِيين.[ سُر حسيني - ڏورِڻ ۽ ڏسڻ ]
- تانۡ ڪا ڪِجا وَرِ، ڪَمِيڻِيءَ تي ڪيچِيا، آئُون اَوِھان جِي آھِيان، بَندِي بي سَمَرِ، ڪو ڪوھِيارا ڪَرِ، دِلاسو دِلگِيرِ کي.[ سُر حسيني - ڏورِڻ ۽ ڏسڻ ]
- ڪَنھِن جَنھِن نِينھَن لَڌاھُ، جِيئَن مُون واجهائِينديءَ نَہ وَرِئاھُ، جيڪِي مُئِي ڪَنداہُ، سو جانِبَ ڪَرِئو جِيئَري.[ سُر حسيني - ڏورِڻ ۽ ڏسڻ ]
- آيَلِ ٻاروچا، وَرِي وَطَنِ آيا، سائِينءَ صابِ وِڌا، اوجاڳا اَکِيُنِ جا.[ سُر حسيني - جِيئڻُ ۽ مَرڻُ ]
- وَرُ ٻاروچاڻِي ٻوڏُ، گهورِي جِيءُ ٻِيَنِ جِي، آھيمِ جَنھِن جو ڪوڏُ، سو مانَ آرِياڻِي اَچي وَرِي.[ سُر حسيني - لَڪ لَڪيُون ۽ ڪُٺل ]
- اَڄُ نِماڻا نيڻَ، ٻاجهارا ٻَروچَ ري، وِرھُ وَٽِيندِيَسِ ڪَنِ سين، نَہ مُون سَڄَڻَ نَہ سيڻَ، وَرِتا ٿيئَڙَمِ ويڻَ، پُنهونءَ جا…[ سُر حسيني - لَڪ لَڪيُون ۽ ڪُٺل ]
- وَسان تي ويياسِ، آيَلِ آيَلِ لَڳُمِ ٻاڻُ ٻَروچَ جو، آھي آرِيءَ آسِري، نَڪو پيءُ نَہ ماسِ، پُرِزا پَٻَ وَرَنِ ۾،…[ سُر حسيني - وايون ]
- طالِعُ اَڄُ وَرِئو، جِيئَن دوسِتُ پيھِي دَرِ آيو، چِڪِئا چاڪَ چَڱا ٿِئا، جَنِ ٿي ڪالَهہ ڪُرِئو، آڻي اَڻَ تُرِئو، دوسِتَنِ…[ سُر بروو سنڌي - عاشق اکڙِيُون ]
- ڦِٽو ڦوڙائو، وَرِئو وَرَقُ وِصالَ جو، مُون کي ڏِنو سَڄَڻين، ڏُوران ڏيکائو، ھِينئَڙو اَڳَ ڍائو ، ويتَرِ پِرِيَنِ پَراھِئو.[ سُر بروو سنڌي - دل جو دلبر ]
- آءُ تَہ پَرچُون پاڻَ ۾، رُسِي رَنڊِ مَ راتِ، اَسِين تائِبَ تُنھِنجا، تُون زوراوَرِ ذاتِ، سَڄَڻَ گَهڙِي ساعَتَ، اورِ تَہ…[ سُر بروو سنڌي - دل جو دلبر ]
- ڪَرَھا ڪاڪِ چَري، وَنءُ وَڻانئُون نِڪِري، لُڊُوڻان لَطِيفُ چئَي، آيو ڪو نَہ وَرِي، گَهڻا اِتِ گِهڙِي، وَڳَ وِساري ھَلِئا.[ سُر راڻو - ڏِيئا، تيل ۽ مھمان ]
- سونَ وَرِنِيُون سوڍِيُون، رُپي راندِيُون ڪَنِ، اَگرَ اوطاقُنِ ۾، کَٿُورِيُون کَٽُنِ، اوتِيائُون عَنبِيرَ جا، مَٿي تاڪَ تَڙَنِ، ٻاٽَنِ لاھُوتِي لَطِيفُ…[ سُر راڻو - چندن، لوڊي، ڪاڪ ڇڏڻ ]
- ڪالَهہ گَڏِيوسُون ڪاپَڙِي، پَھَرَ سِڄَ کان پوءِ، پَسو سُونھَن سامِيءَ جِي، رَتُ وَرِنو روءِ، جو مُنھِن مُومَلَ جي پوءِ، موٽَڻُ…[ سُر راڻو - خابرو ڪاپڙي ۽ گُجر ]
- رُسُ مَ رُسَڻُ گهورِئو، اُٺُ اوراھُون ڪَرِ، ڀَرِي ڪاڪِ قُربَ سين، تُنھِنجي اَچَڻَ ساڻُ اَپَرِ، لِلہِ لَڳِ لَطِيفُ چئَي، ڪِجِ…[ سُر راڻو - رُس مَ رُسڻ گهورئو ]
- ڏُونگَرِ ڏِيِئَٽِيُون، صُبُوحِ ٻَرِيُون سُڃَ ۾، وَسائي وَرِي آيا، سَندِيُون پَٻَ پَٽِيُون، جي گُهَمنِ حَقَ گَهٽِيُون، تَنِ ڏسِڻُ ٿِئو ڏوٿِيين.[ سُر کاھوڙي - گنجي ٽڪر، پکيان پير ]
- ڪارِھين ڏِينھِن ڪَرَمُ، وَرِئو ويَراڳِيَنِ جو، جوڳِيَنِ جاٽائُون پُنِيُون، ھَلِي وِئا حَرَمُ، دائِمُ جَهلِئو دَمُ، لِڪا ڀُوڻَنِ لوڪَ ۾.[ سُر رامڪلي - ڏھاڙي وارتا ]
- ڪَنَ ڪَٽَ ڪاپَٽَ ڪاپَڙِي، مَٿِنِ بانَ بَرِي، اورِيندي الَکَ سين، وِيَنِ وِلَهہ وَرِي، پَسو پَتِ پَرِي جِيجان جوڳِيَڙَنِ جِي.[ سُر رامڪلي - ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙي ]
- ڪَنھِن جَنھِن کيپَ خُمارِئا، ڀَوَرِئا ڀُوڻَنِ، ڳالِهيُون ڳَھِلي لوڪَ سين، پَڌَرِ پَئِي نَہ ڪَنِ، سَنڪو سَناسِيَنِ، آھي پُورَڀَ پَنڌَ جو.[ سُر رامڪلي - ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙي ]
- ويٺي جَنھِن وَرِھَ ٿِئا، مَٿي سين ميري، اَکِيُون اُنَ جُون الَکَ ۾، ڀُونءِ ڏي نَہ ڀيري، ڪارنِئُون ڪَڪا ٿِئا، ڄَراٽِئا…[ سُر رامڪلي - بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام ]
- ويٺي جَنِ وَرِھَ ٿِئا، مَٿي ميري ساڻُ، ڪارَنِئُون ڪَڪا ٿِئا، ڄيري وِجِهي ڄاڻُ، خُودِيءَ کان خَلاصُ ٿِئا، پُٺِتي وِجِهي پاڻُ،…[ سُر رامڪلي - بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام ]
- اَڃا وِئَڙَمِ ڪالَهہ، مُون ليکِيندي وَرِھَ ٿِئا، تَنُ ڪُماڻُو تَنِ لاءِ، جِيئَن سا ڦُلَنِ مالَهہ، اَڱَڻِ اِيندَمِ شالَ، آسَرَ ڀَرِي…[ سُر رامڪلي - الله، آدم، جوڳي ۽ سنياسي ]
- واوَئُون وَرَقُ وِصالَ جو، ويراڳِي وارِينِ، وَرِيُنِ واءُ وِصالَ جو، اُڪَنڊَ ۾ آھِينِ، سَناسِي سَيِّدُ چئَي، لوڪَ نَہ لَکائِينِ، وَٱللَّهُ…[ سُر رامڪلي - ٽيھ اکري ]
- آسِرو آھي، موٽِي اِيندا، مُون نَہ ڇَڏِيندا پاڻَ پَسَندا، پَٿَرِ وارَ پِرِينءَ لَيءِ، ويھُ تُون وِڇائي، ڏُکَ لاھِيندا ڏِيلَ مان،…[ سُر رامڪلي - وايون ]
- وَھِلو وانءُ وَرُ وَرِئا پِرِين، آءُ ڪانگا وَڻِ ويھُ، جَنِ ڏُورِ چِتايو ڏيھُ، سي اُڏامِي آڻِ پِرِين.[ سُر پورب - ڪانگ ]
- وَھلو وانءُ وَرُ وَرِئا پِرِين، آءُ ڪانگا لَنئُن لاتِ، وِئا جٖي قَلاتِ، سي اُڏامِي آڻِ پِرِين.[ سُر پورب - ڪانگ ]
- سَمُو سَخاوَتَ جِي، اُڀو پُڇي پَرِ، ڪوٺي ڪَنگالَنِ کي، ڏي دِلاسو دَرِ، مَٿي وِلَهنِ وَرِ، ڏِھاڙِي ڏاتارَ جِي.[ سُر بلاول - مجوسِي، ڄام ۽ جادم ]
- وِڳَندُ وَرِي آئِيو، وَسِيُنِ ڪِينَ وِندوسِ، گَندِي مانِي ماڳُ موچارو، پاسي پِيرَ ٿِئوسِ.[ سُر بلاول - وڳند ]
- وِڳَندُ وَرِي آئِيو، پينارَنُون پوءِ، مَحڪُمُ لَڳَسِ موچِڙا، ذَرو نَہ ڏِنُسِ جوءِ اُڀو اِيئَن چوءِ، تَہ پِيران پاسي نَہ ٿِيان.[ سُر بلاول - وڳند ]
- وِڳَندُ وَرِي آئِيو، بَدُو سين بَدِبُوءِ، خاوَندَ ڏي خُوشِبُوءِ، تَہ سَرَھو ٿِيان سيگَهہ ۾.[ سُر بلاول - وڳند ]
- وِڳَندُ وَرِي آئِيو، ڪِنُو ٿِي ڪوجهو، ڇَڏي نَہ موزو، لَڳِيَسِ آرِ عَطارَ سين.[ سُر بلاول - وڳند ]
- وِڳَندُ وَرِي آئِيو، نِسورو نَرَڳُ، گَندا گُلابِي ڪَري، سَيِّدَ جو سَرَڳُ، عَطُرَ سين اورَڳُ، تَہ ھُئَين سَدائِين سُرخِرُو.[ سُر بلاول - وڳند ]
- وِڳَندُ وَرِي آئِيو، ڪوٽِڙيان ڪُلاٽُ، سَندو ڪِرِڙَ ڪاٺُ، ھَڻُ نَرڳِيءَ کي نِڪَڻِي.[ سُر بلاول - وڳند ]
- ٻانڊو ٻيلِي نَہ ٿِئو، وَرِي اَڄُ وِئو، پيٽِرُ پَنڌِ پِئو، سُونھاري سَيِّدَ ڏي.[ سُر بلاول - وڳند ]
- مَڻيي مَٿي موھِجِي، مُوڙِھِي ڪِئوءِ مَرَڪُ، چَئِي چَنيسَرَ ڄامَ سين، وِڌو تو فَرَقُ، وَرِي وِئو وَرَقُ، تي آيُئِي ڏَنءُ ڏُھاڳَ…[ سُر ليلا - مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ ]
- مَڻيي مَٿي موھِجِي، ھارِي پاتُئِي ھَسُ، تو ڀانيان مُون سان ھُوندا راڳَ رِھاڻِيُون رَسَ، وَرِي وييَئِي وَسَ، تي آيُئِي ڏَنءُ…[ سُر ليلا - مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ ]
- پاڻُ سُڃاڻي ڪانڌُ، پاڻيهِي پيھِي آيو، ڏِنُو ڍولِئي پاندُ، وِئو سُورُ وَرِھِينِ کي.[ سُر ليلا - ڏيئي جي ڏھاڳ ]
- مُون تي وَھرَ وَرِي، وَرَ وَرِي، وارو ڏِيندُومِ وَلَهو، توکي سارِئو سُپِرِين، پُوندِيَسِ ماڳِ مَرِي، اَسان تو ري ناھِ ڪا،…[ سُر ليلا - وايون ]
- ويئِي ڪالَهہ ھَٿان، سا ڪالَهہ نَہ اَچي ڪَڏِھِين، ڪالُهوڻِيءَ ڪالَها، وِڌو وِچُ وَرِھيَنِ کي.[ سُر ڏھر - نانءُ، ٻاجهہ ۽ ڪانڌ ]
- اَڄُ پُڻ اَڱڻُ ڪيڻانِ، آسَرَ لَڳِي سورِيان، ڏُونگَرِ ڏِينھَن لَڳانِ، مانَ وَرِ ڪَنِ سُپِرِين.[ سُر ڏھر - اڱڻ، ڌڻي ۽ مدينو ]
- ڏُونگَرِ لَڳَنِ ڏِينھَن، مانَ وَرِ ڪَنِ سُپِرِين، ڪِيَسِ نِماڻِي نِينھَن، آيَلِ ٻاروچَنِ جي.[ سُر ڏھر - اڱڻ، ڌڻي ۽ مدينو ]
- ڏُرمَنِ جي ڏيئِي، سيئِي مَڱُ مَ مَڱڻا، سَٻَڙَ سَندي دَرَ تي، ڪَرِ وينَتِيُون ويھِي، پُڇي نَہ ڏيئِي، وَرِي ليکو نَہ…[ سُر جاجڪاڻي - سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار ]
- سي اَحمَدُ سو مُحَّمَدُ، سو عَينُ اللهُ، وَنَحنُ اَقرَبُ اِلَيهِ مِن حَبلِ الوَرِيدِ ، اِيءُ پَرُوڙِجِ پَساھُ، جَنھِن جي رُوحَ…[ سُر آسا - ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو ]
- ڪُرَھا ڪيسَرِئا، وَرِيومِ آھِين بُکِئو، لاھي ھامَ ھِنيان، جَنبُو جِمَ جُھارِيين.[ سُر ڪيڏارو - داستان پھريون ]
- قِسمَتَ قَيدِ ڪِيَسِ، نَہ تَہ ڪيرَ اَچي ھِنَ ڪوٽَ ۾، وَنَحنُ اَقرَبُ اِلَيهِ مِن حَبلِ الوَرِيدِ، وَطَنِ آئُون وِيندياس، مارُنِ…[ سُر مارئي - ڪن فيڪون ۽ قيد ]
- اُتان اوٺِي آيو، خَبَرَ اِيءَ کَرِي، وِسارِجِ مَ وَرَ کي، پَئُہ مَ مُنڌَ مَرِي، ويندِينءَ اُتِ وَرِي، ڪو ڏِينھُن آھِين…[ سُر مارئي - ڏيھ ڏاڏاڻي جي خبر ]
- ڪَري مُھاڙِ مَلِيرَ ڏي، مَٿي ڪوٽَ چَڙِھِي، سارِيندي ساھيڙِيَنِ کي، ڳوڙھا پِئَسِ ڳَڙِي، نِکَتِي ڪُوڪَ قَلبَ مان، مَنجهان رُوحَ رَڙِي،…[ سُر مارئي - سَوڙ سمهڻ، مينڍا ڌوئڻ ]
- پَنوَھارَنِ پاٻُوھِيو، وَرِئا واھُوندا، سارِئَمِ سيڻَ سَيِّدُ چئَي، گاڏيلِيُون ۽ گُوندا، ڀَرِ ڀِٽُنِ ھُوندا، ڀُنگا ڀَڙَ ڀَتارَ جا.[ سُر مارئي - مارُن ريت، پنھوارن پاٻوھيو ]
- پَکِي مَنجِهہ پَرياڻُ، مارُنِ مِڙِي جو ڪِئو، ڪالَهہ پَنوَھارَنِ لَڏِئو، وَرِئو ڪو نَہ وَٽانِ، عُمَرَ اُنِهين ساڻُ، مُنھِنجو وَڃي رُوحُ…[ سُر مارئي - مارُن ريت، پنھوارن پاٻوھيو ]
- مارُوءَ پاسِ مَلِيرَ ۾، ڌوئِي مَرُ مَران، پاڻِي واري پانھِنجو وِيندَڙِيائِي وَران، ٿورو مَنجِهہ ٿَران، لَڳي لَووَرِياڙِيين.[ سُر مارئي - لوھ نير، مند مارُو ]
- چُرَنِ چُڻڪَنِ چِتَ ۾، وِسِرَنِ ڪِينَ وَرِي، تَنِ وَنھِيَنِ ويڙِهيچَنِ جِي، سِٽائِي سَري، ٿَرَ ۾ ٿوڪَ ڌَري، اُٺي وِئَڙا اُڪِرِي.[ سُر مارئي - چرن چڻڪن چت ۾ ]
- عُمَرَ اَسان جي ڏيھَ ڏي، ڦوڳَنِ ڪِيُون ڦَرِيُون، مُون جيڏِيُون مَلِيرَ ۾، ميڙي مَڪَ وَرِيُون، پَنوهارَنِ پَرِيُون، مُونھان پوءِ مَٽَيُون.[ سُر مارئي - جيھا جي تيھا ]
- پَنجِينءَ راتِ پَيغامَ، مُڪَمِ مارُوءَ ڄامَ ڏي، ويرِيُنِ ويڙِهِي آھِيان، وَرِجِ وِيرَ وَرِيامَ، الدُّنْيَا سِجْنُ الْمُؤْمِنِ وَجَنَّةُ الْڪَافِرِ ، ماڙيءَ…[ سُر مارئي - سارئان ۽ چڪن چاڪ ]
- پائُران پيھِي آيا، مَلِيران مارُو، وَرِئا واهَرُو، هاڻُو سَڀَ هِيڻا ٿِئا.[ سُر مارئي - پائران پيھي آيا ]
- سَڏِ پُڻ سَلامِي ٿِئا، وَهِيءَ پُڻِ وَرِئا جٖي، آهي تَنِي کي، مَھِندان ماڳُ مَلِيرَ ۾.[ سُر مارئي - پائران پيھي آيا ]
- زُمَرِ زُخرُفِ سُومَرا، سَبا سيڻَ وِئا، وِنجُهلَ ويڙِهيچَنِ جي، مُون کي مارِئو ماءُ، مَريَمَ طٰهٰ اَنبِياءِ، واسي وَسَ وِئا، مارُوءَ…[ سُر مارئي - زمر زخرف سومرا ]
- زُمَرِ زُخرُفِ سُومَرا، مارُو مومِنَ پاسِ، اَعرابِي اَحقافَ ۾، رَهي ويٺَمِ راسِ، مارُنِ مُلا ماڙِيين، ڪَنھِن اِرادي آندِياسِ، وَطَنِ آئُون…[ سُر مارئي - زمر زخرف سومرا ]
- وَرِئو وَرَقَ وِصالَ جو، موڪَلَ ٿِي مُون، لَحْمًا طَرِيًّا وَّتَسْتَخْرِجُوْنَ حِلْيَةً تَلْبَسُوْنَـهَا ، تَنَ ۾ تُونھِين تُون. مَنَ مَنجهان را…[ سُر مارئي - زمر زخرف سومرا ]
- تَڙِ تَماچِي آيو، وَرِي ٿِي وَراڻِ، ڪِينجُهرَ ٻِنهِي ڪَنڌِيين، راتو ڏِينھِن رِھاڻِ، پَرَچِي ويٺو پاڻِ، ٿِيُون مَرڪَنِ مَڇِيءَ وارِيُون.[ سُر ڪاموڏ - تڙ تماچِي آيو ]
- ڪارايَلَ جي ڪوڏَ، مُون نَنگَرَ سَڀَ نِھارِئا، وَرِي واھيري نَہ آيا، لَلا لاکِيڻِيءَ لوڏَ، ھِينئَڙي جَنِي ھوڏَ، سي ھَنجَڙا ھَلِي…[ سُر ڪارايل - پاڙون پاتار ۾ ]
- وِئا مورَ مَرِي، ھَنجُ نَہ رَھِئو ھِڪِڙو، وَطَنُ ٿِئو وَرِي، ڪُوڙَنِ ڪانيرَنِ جو.[ سُر ڪارايل - پاڙون پاتار ۾ ]
- جَنِ جُون اوطاقُون اَريجَ ۾، تَنِ وِھَ جو وَرَنُ کَرو، مُنھُن مَلائِڪَ جِھَڙو، ٽِڪرُ ڪِينَ ٽَرِئو، وَعدي جو نَہ وَرِئو،…[ سُر ڪارايل - سَر، اوطاقون ۽ نانگ ]