Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
- سُر آبڙي جَي ٿڪيائي ٿر ٿيلهہ جو بيت
جانۡ ساماڻِينءَ سَسُئِي، تَہ ويسُ وِڙَنِ جو ڪَرِ،
لائي لُنگُ لَطِيفُ چئَي، ٿِيءُ بيکارِياڻِي بَرِ،
تَہ ويندي پَوي وَرِ، اَڳِيان ھوتُ حُضُورَ ۾.
رسالن ۾ موجودگي: 81 سيڪڙو
سمجهاڻي
اي سسئي! تون جيڪڏهن عاقل بالغ ٿي آهين تہ بي ننگيءَ وارو لباس اختيار ڪر. تون پنھنجو شرم ۽ حياءُ هڪ طرف رکي بيابان ۾ بيک گهرڻ واري ٿي هل. صرف انهيءَ روش ۽ هلت سان توکي محبوبن جي روبرو حاضريءَ جو موقعو ملندو.
[هتي مثنويءَ جو هيءُ بيت ڏسو:
من شدم عريان ز تن او از خيال،
مي خرامم در نهايات الوصال.
(دفتر ششم، ب- 2619)
معنيٰ: مان جسماني لحاظ سان اگهاڙو ٿي پيو آهيان ۽ هر خيال کان خالي ٿي پيو آهيان. (مون وٽ صرف روح رهجي ويو آهي). تڏهن مان وصال جي انتھائن درميان ٽلڻ لڳو آهيان.]
(ٻي معنا) اي سسئي! تون کي جيئن ئي سُڌ پئي (سمڪ پئي تہ تنھنجو ور وٺي ويا) تہ ھاڻي ورھڻ (برھڻ يا جوڳڻ) وارو لباس اختيار ڪر. تون پنھنجو حجاب هڪ طرف رکي بيابان ۾ جوڳياڻي ٿي هل. صرف انهيءَ روش ۽ هلت سان توکي محبوبن جي روبرو حاضريءَ جو موقعو ملندو. (امر فياض ٻرڙو)
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود سسئي، بيت نمبر : 2
جَان سَامَانِيَ سَسُئِيْ توٖيْسُ وِرَنجُوْ ڪَرِ﮶
لَائٖيْ لُنکُّہ لَطِيْفُ چٖيْ ٿِيُ بٖيْکَارِيَانِيْ بَرِ﮶
تَوٖيْدِہْ پَوٖيْ وَرِ اَکِئَا ھُوْتُ حُضُوْرَ ۾﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
जां सामाणींअ ससुई। त वैसु विड़नि जो करि।
लाए लुन्गु लतीफ़ चए। थीउ बेखारियाणी बरि।
त वेंदे पवे वरि। अगि॒यां होतु हुज़ूर में।
ROMAN SINDHI
Jaan saamaanniyen'a Sassui, ta wes'u wirran'ay jo kar'ay,
Laa'ee lung'u Lateef'u chae, thi'u bekhaariyanni bar'a,
Ta weendi paway war'ay, aggiyaa'n hot'a Huzoor'a mayn.
TRANSLATIONS
O Sasui! If you are mature (in love), assume the dress and habits of a nomad. Latif says: "Disdain respectability and bashfulness and roam about in the desert waste like a tramp. (i.e. discard all worldly restraints and be free). If you do it, you would get in the presence of the august Lord some where on the way."
TRADITION: In reply to a question as to who was the best person, the Prophet said: "The first place is for the believer who wages a religious war personally and financially; then Comes the person who secludes himself, who is a believer and who causes no harm to any human being".
خزاں چوں نباشد بہاراں کجا
عصمت بینی است از بی چادری
When there is no autumn how could spring exist? The chastity of a woman lies in her being without the folding sheet.
Sassui! you are adult now give up false modesty,
Seek Him in mountains leaving behind artificiality,
So that beloved in person to you appears.
As you have puberty, Sussui don garments of the immodest,
Take of the cloak of modesty, wander in wilderness like a vagrant,
So as to be the presence of the beloved.
يا سسئي! عندما أنت صرت مراهقة البسي ثياب الكشف بدون حجاب.
اتركي حجابا سيري وتمعجي فى القفار يحضر عندك وأمامك حبيبك.
اكشفى واخلقي نقاب الدنيا تنظرين المحبوب الحقيقي.
قدم اندر سرایءِ عشق چون بنہادی ای جانم
ردائی شرم را بر درد از رخ تابہ تاب آئی
سر انجام این چنین آدابِ عشق شوق باید داد
کہ بس فرحان و شادان از حضورش چون سحاب آئی
جے تیں عشق پنوں دا لایا بن جا ہن جُگیانی
لاج لطیف کہے ہن کاہدی خاک تھلاں دی چھانی
گُھنڈ خودی دا چُک لے اڑیئے، درس ہوت دا پاویں
بجا آسائش و آرام اپنا
مگر بہتر ہے تیری بے قراری
نہیں اے رہرو راہِ تمنا
صلاے عام یہ الفت شعاری
پختہ سر ہوئی ہے اب تو، بھیس بکھارن اپنا،
کہے لطیف کہ لاج کو تج کر، گھوم تو صحرا صحرا،
آکر ہوت ملیگا، تجھ کو گھومتے صحرا میں۔
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) اوجَهڙِ اَسُونھِنِ، ڏيھُ گهَڻو ئِي…
- (بيت) اَڃا تُون اَواٽَ، واٽان پاسي…
- (بيت) اُجهي مُنڌَ اَويرَ، اَٺَئِي پَھَرَ…
- (بيت) اِيءُ ڪَمُ ڪوھِيارَنِ، جِيئَن کُهِيُون…
- (بيت) جُٽَ پِٽي پِھُ جاٽَ، ھاڙِھي…
- (بيت) جُٽَ پِٽي پِھُ جَهنگِ، ھاڙِھي…
- (بيت) سَؤُ ڪوھَنِ سَڀَڪا ڪَري، تُون…
- (بيت) سَسُئِيءَ کي سَڏُ ٿِئو، اَسان…
- (بيت) سُورَ ڪَنھِن مَ سَلُ، مَڇُڻ…
- (بيت) سُونھان چائِين سُڌِ نَہ ڏيِنِ،…
- (بيت) سُونھان چائِين سُڌِ نَہ ڏِينِ،…
- (بيت) سُڻُ تو سَنگ نَہ واٽَ…
- (بيت) لُڇي ڪِينَ ڪُڇي، آٽي مُنڌَ…
- (بيت) ويھُ مَ وِساري پُڇا ڪَرِ…
- (بيت) ٻَلَرِ لَڳو ٻاڻُ، پَسو جوءِ…
- (بيت) پَسو پَراوَنِ، سُورَنِ آڏِي سَسُئِي،…
- (بيت) پُڇين جانۡ ٻَروچُ، تانۡ پاسي…
- (بيت) پُڇَنِ سي پَسَنِ، جَڏھِن تَڏِھِين…
- (بيت) پُڇِيوءِ تَہ پُورِ، نَہ تَہ…
- (بيت) ٿَڪُ تَہ ٿِيين ٿانءِ، پَھتِي…
- (بيت) ٿَڪِيائِي ٿَرُ ٿيلِهہ، چَڙُه چُڪِيائِي…
- (بيت) ڀاياڻِي ٿِي ڀورِ، پُٺِيءَ ڪيچِيَنِ…
- (بيت) ڏوري ڏوري ڏيھُ، ٿَڪِيَسِ ٿورو…
- (بيت) ڏُورِ مَ تُون ڏورِجِ، صَبُرُ…
- (بيت) کُھِجُ مَ اُڄان کيھَ، گردَ…
- (بيت) کُھِي جَا کَنيائِين، تَنھِين وِکَ…
- (بيت) ڪَڙُھ پُڻ ڪيچَ ڌِڻِيَنِ کي،…
- (بيت) ڪَڙِھي ۽ ڪَڙي، پَرِ ۾…
- (بيت) ڪُڄاڙو ڏيئِي، آئُون مِڙَندِي پِرِينءَ…
- (بيت) ڪِ ڪِي ڪَڙِيان پيرَ، ڪِ…
