Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
- سُر آبڙي جَي ٿڪيائي ٿر ٿيلهہ جو بيت
ڏوري ڏوري ڏيھُ، ٿَڪِيَسِ ٿورو لاءِ مُون،
اُوچا پاھَڻَ پَٻَ جا، ڇَپَرَ ڪونِهي ڇيھُ،
ھِڪُ پاھَڻُ ٻِئو پَرَڏيھُ، موٽُ سَٻاجها سُپِرِين.
رسالن ۾ موجودگي: 24 سيڪڙو
سمجهاڻي
(سسئي ٿي چوي) آءٌ هلي هلي، پرديس ۾ پنڌ ڪري جبل جهاڳي ٿڪجي چُور چُور ٿي پيئي آهيان. هاڻي تون مون تي مهرباني ۽ احسان ڪر، ڇو تہ پربت جھڙا پھاڙ آهن ۽ جبل ختم ٿيڻ جو نالو نٿا وٺن. هڪ پھڻن ۽ پٿرن جو ڏکيو پنڌ ۽ ٻيو پرائو ملڪ (مون کان ٻيئي ڏاڍا آهن). اهڙيءَ حالت ۾ اي ٻاجهہ ڀريا سُپرين! تون قرب ڪر ۽ موٽي مون وٽ اچ.
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود سسئي، بيت نمبر : 714
ڎُوْرٖيْ ڎُوْرٖيْ ڎٖيْهُ ٿَڪِيَسِ ٿُوْرُوْ لَاءِ مُنْ﮶
اُوْچَا پَاهَنَ پَٻَجَا ڇَپَرَ ڪُوْنِهْ ڇٖيْهُ﮶
هِڪُ پَاهَنُ ٻِئُوْ پَرَڎٖيْهُ مُوْٽُ سَٻَاجَا سُپِرٍ﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
डो॒रे डो॒रे डे॒हु। थकियसि थोरो लाइ मूं।
ऊचा पाहण पब॒ जा। छपर कोनिहे छेहु।
हिकु पाहणु बि॒यो परडे॒हु। मोटु सबा॒झा सुपिरीं।
ROMAN SINDHI
Ddoray ddoray ddeh'u, thakiyas'ay thoro laa'ay moo'n,
Oochaa paahann'a paB'a jaa, chhapar'a konhee chheeh'u,
Hik'u paahann'u Bi'o parddeh'u, mott'u saBaajhhaa supiree'n.
TRANSLATIONS
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) اوجَهڙِ اَسُونھِنِ، ڏيھُ گهَڻو ئِي…
- (بيت) اَڃا تُون اَواٽَ، واٽان پاسي…
- (بيت) اُجهي مُنڌَ اَويرَ، اَٺَئِي پَھَرَ…
- (بيت) اِيءُ ڪَمُ ڪوھِيارَنِ، جِيئَن کُهِيُون…
- (بيت) جانۡ ساماڻِينءَ سَسُئِي، تَہ ويسُ…
- (بيت) جُٽَ پِٽي پِھُ جاٽَ، ھاڙِھي…
- (بيت) جُٽَ پِٽي پِھُ جَهنگِ، ھاڙِھي…
- (بيت) سَؤُ ڪوھَنِ سَڀَڪا ڪَري، تُون…
- (بيت) سَسُئِيءَ کي سَڏُ ٿِئو، اَسان…
- (بيت) سُورَ ڪَنھِن مَ سَلُ، مَڇُڻ…
- (بيت) سُونھان چائِين سُڌِ نَہ ڏيِنِ،…
- (بيت) سُونھان چائِين سُڌِ نَہ ڏِينِ،…
- (بيت) سُڻُ تو سَنگ نَہ واٽَ…
- (بيت) لُڇي ڪِينَ ڪُڇي، آٽي مُنڌَ…
- (بيت) ويھُ مَ وِساري پُڇا ڪَرِ…
- (بيت) ٻَلَرِ لَڳو ٻاڻُ، پَسو جوءِ…
- (بيت) پَسو پَراوَنِ، سُورَنِ آڏِي سَسُئِي،…
- (بيت) پُڇين جانۡ ٻَروچُ، تانۡ پاسي…
- (بيت) پُڇَنِ سي پَسَنِ، جَڏھِن تَڏِھِين…
- (بيت) پُڇِيوءِ تَہ پُورِ، نَہ تَہ…
- (بيت) ٿَڪُ تَہ ٿِيين ٿانءِ، پَھتِي…
- (بيت) ٿَڪِيائِي ٿَرُ ٿيلِهہ، چَڙُه چُڪِيائِي…
- (بيت) ڀاياڻِي ٿِي ڀورِ، پُٺِيءَ ڪيچِيَنِ…
- (بيت) ڏُورِ مَ تُون ڏورِجِ، صَبُرُ…
- (بيت) کُھِجُ مَ اُڄان کيھَ، گردَ…
- (بيت) کُھِي جَا کَنيائِين، تَنھِين وِکَ…
- (بيت) ڪَڙُھ پُڻ ڪيچَ ڌِڻِيَنِ کي،…
- (بيت) ڪَڙِھي ۽ ڪَڙي، پَرِ ۾…
- (بيت) ڪُڄاڙو ڏيئِي، آئُون مِڙَندِي پِرِينءَ…
- (بيت) ڪِ ڪِي ڪَڙِيان پيرَ، ڪِ…
