Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
ھِن بيت جا مُکيہ اِسم
- سُر سريراڳ جَي سيوا ۽ سار جو بيت
جَنِي سودي سَچَ سين، وَکَرُ وِھايو،
بَخِرو لَهُمُ الْبُشْریٰ جو، اُنِهين لاءِ آيو،
تَنِ کي لالَڻَ لَنگهايو ساندارو سَمُنڊَ جو.
رسالن ۾ موجودگي: 73 سيڪڙو
سمجهاڻي
جن انسانن (زندگيءَ ۾) سچ جو سودو اختيار ڪيو (ڪوڙ ڪپت کان پاسو ڪيو) تن واسطي قرآن شريف جي آيت ”انهن لاءِ خوشخبري آهي“، موجب انهن کي پورو حصو (انعام) ملندو. اهڙن کي ئي اهو پيارو محبوب (نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم) سمنڊ جي پيٽ ۾ ڏکيو ڦيرو (جتان ٻيڙين کي ٻڏڻ کان بچائڻ خاطر هڪ طرف کان ٻئي طرف ڦيرائجي) پار ڪرائي ٿو.
[مثنويءَ ۾ حضور ڪريم صلي الله عليه وسلم کي سمنڊ جي اڻانگي سفر ۾ روميءَ هن طرح ياد ڪيو آهي:
ره شناسي مي ببايد بالباب،
هر رهي را خاصه اندر راه آب.
خضر وقتي غوث هر کشتي توئي،
همچو روح الله مکن تنها روي.
(دفتر چهارم، ب- 1459 ۽ 61)
معنيٰ: جيڪو عقلمند، ڏاهو ۽ راھ جو ڄاڻو هجي، اهو ئي رستي ۾ رهبر ڪجي، خاص طور سمنڊ جي پاڻيءَ يعني سفر ۾. اي مٺا مرسل، تون ئي زماني جو خضر (اٿاھ پاڻيءَ ۾ راھ ڏيکاريندڙ) آهين. تون حضرت عيسيٰ وانگر اڪيلائي اختيار نہ ڪر (ڇو تہ پوءِ هنن گمراهن کي ڪير دڳ لائيندو.).]
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود راڳ، بيت نمبر : 1412
جَنٍ سُوْدٖيْ سَچَس﮼ وَکَرُ وِهَائِيُوْ﮶
بَخْرُوْ لَھُمُ الْبُشْرى جُوْ اُنٍ لَئِى آَيُوْ﮶
تَنِکٖيْ لَالَنَ لَـکَايُوْ سَاندَارُوْ سَمُنْڊَ جُوْ﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
जनी सोदे सच सें। वखरु विहायो।
बख़िरो लहुमुल बुश्रा जो। उनिहीं लाइ आयो।
तनि खे लालण लंघायो। सांदारो समुंड जो।
ROMAN SINDHI
Janee sodee sach'a seen, wakhar'u wihayo,
Bakhiro Lahum'u Albushra jo, Unheen lae Aayo,
Tan khe lalann langhayo sandhaaro samunDH'a jo.
TRANSLATIONS
For such persons who transacted and stocked the merchandise of truth (or righteousness), the Quran guarantees glad tidings (of blessings) in both worlds. Allah helped them to cross the entire ocean (i.e. they passed well their entire life in this world).
For them are glad tidings in the present life and also in the Hereafter
(64, Yunus).
Those who traded in truth,
"There is good news for them in both words" refers to such persons,
The beloved guided them and they passed the sea.
چو باصدق و صفا بازارگان سامان بہم کردند
برایءِ شان ہوایدا، مژدہء امروز و فردا شُد
شدہ در ہردو عالم رستگاری بہرہء ایشان
ہمین دربارہ بہرہ وران انعام اہداشد
سچے سچا سودا کردے اوہ سدا سچ وہاجن
ایہہ خوشخبری اونہاں سُنائی جو سچ پلے پاون
کیتا بیڑا پار ساگروں سچے سائیں مینڈے
مبارک عزت و شانِ صداقت
سلامت ساز و سامانِ صداقت
انہیں کیا خوف طوفانِ بلا کا
جو روح صدق ہیں، جانِ صداقت
سوچ سمجھ کر جو کرتے ہیں، سچ کا کاروبار،
اِن کو خوشخبری دیتا ہے، سب کا پالنہار،
سب اُترے ہیں پار، مہر ہوئی مولا کی۔
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) آڇاڙا عَمِيقَ جا، گَڏِئا غَواصَنِ،…
- (بيت) آڏو چِڪَڻُ چاڙُه، مُنھِنجِي مَوجَ…
- (بيت) اَٺَئِي پَھَرَ اوڙاھَ تي، مَنجِهہ…
- (بيت) اِيءَ گَتِ غَواصَنِ، سَمُنڊُ سوجِهَيائون،…
- (بيت) جيڪِي مَنجِهہ جَھانَ، سو تارِيءَ…
- (بيت) سارِي راتِ سُبحانُ، جاڳِي جَنِ…
- (بيت) سارِي راتِ سُڄاڻَ، سودو ڪَنِ…
- (بيت) سي پُوڄارا پُرِ ٿِئا، سَمُنڊُ…
- (بيت) سيوا ڪَرِ سَمُنڊَ جِي، جِتِ…
- (بيت) سيوِيو جَنِ سُبحانُ، وِيرِ نَہ…
- (بيت) سَمُنڊَ جٖي سيوِينِ، ماڻِڪَ تَنِي…
- (بيت) سَمُنڊَ ڪِينَ سُڪَنِ، ڪوڙيِين جي…
- (بيت) ويرَ مَ لاھي ويھُ، مَٿي…
- (بيت) ويھُ سي وِساري چَڍا جي…
- (بيت) وِئا جي عَمِيقَ ڏي، مُنھِن…
- (بيت) ٻانَهپَ جو ٻيڙِيُنِ ۾، وَکَرُ…
- (بيت) ڪَرِ سَمُنڊَ سيواھاڻِ، ماڻِڪَ موتِي…
- (بيت) ھِڪَ تُراڙي گُناھَ، سَڀَيئِي سَنوارِئا،…
- (بيت) ھِڪِي ٻانِهي چِتَ ۾، ٻِي…
- (بيت) ھِڪِي ٻانِهي چِتَ ۾، ٻِي…
- (بيت) ھِڪِي ٻانِهي چِتَ ۾، ٻِي…
- (بيت) ھِڪِي ٻانِهي چِتَ ۾، ٻِي…
- (بيت) ھِڪِي ٻانِهي چِتَ ۾، ٻِي…
سُر جا ٻيا داستان
رسالي جا ٻيا سُر
ھِن سُر جي راڳ بابت

سريراڳ: شاستري سنگيت جو ھڪ مکيہ راڳ
ٺاٺ: پوربي (پوروا)
سُرن جي بيھڪ:
آروھا: سا ري ما پا ني سا
آوروھا: سا ري ني ڌا پا ما پا ڌا ما گا ري سا
ھن راڳ جو وادي سر ”رکب“ ۽ سموادي سر ”پنڇم“ ٿئي ٿو.
ھن راڳ جو وادي سر ”گا“ ۽ سموادي سر ”ني“ آھي.
